پيدائش 32
32
1پوءِ يعقوب پنهنجي واٽ وٺي روانو ٿيو ۽ کيس خدا جا فرشتا گڏيا. 2۽ يعقوب انهن کي ڏسي چيو تہ هي خدا جو لشڪر آهي: ۽ انهيءَ هنڌ جو نالو محنايم رکيائين.
3۽ يعقوب پنهنجي اڳيان پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن ادوم جي ملڪ واري شعير جي سرزمين ۾ قاصد موڪليا. 4۽ کين تاڪيد ڪري چيائين تہ اوهين منهنجي مالڪ عيسوءَ کي هيئن وڃي چئو، تہ تنهنجو ٻانهو يعقوب چوي ٿو آءٌ هيترو وقت لابن وٽ رهيس، ۽ هيستائين اتي هوس: 5مون وٽ ڏاند، گڏهہ، ڌڻ، ٻانها ۽ ٻانهيون آهن، ۽ سائين جن کي منهنجو عرض آهي، تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿئي. 6پوءِ قاصد يعقوب وٽ موٽي آيا ۽ چيائون تہ اسين تنهنجي ڀاءُ عيسوءَ وٽ وياسين، ۽ هو پاڻ چار سؤ ماڻهو ساڻ ڪري توکي گڏجڻ لاءِ ٿو اچي. 7تڏهن يعقوب کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو ۽ هو پريشان ٿيڻ لڳو: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن کي، ۽ ڍورن، ڌڻن، ۽ اُٺن کي ورهائي ٻہ ٽوليون ڪيائين؛ 8۽ چيائين تہ جيڪڏهن عيسو هڪڙيءَ ٽوليءَ ڏانهن اچي ۽ انهيءَ کي ماري، تہ باقي رهيل ٻي ٽولي ڀڄي وڃي.
9۽ يعقوب چيو تہ اي منهنجي پيءُ ابرهام جا خدا، ۽ منهنجي پيءُ اسحاق جا خدا، اي خداوند، تو مون کي فرمايو تہ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن عزيزن وٽ موٽ، تہ آءٌ تنهنجو ڀلو ڪندس: 10۽ هاڻي جيڪو رحم ۽ وفاداري تو پنهنجي ٻانهي تي ڪيو آهي، تنهن سڀ جي ذري جو بہ آءٌ لائق نہ آهيان؛ ڇالاءِ جو آءٌ تہ فقط پنهنجي لٺ کڻي يردن جي پار ويو هوس، پر هاڻي مون وٽ ٻہ ٽوليون آهن. 11آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي منهنجي ڀاءُ جي هٿ کان، يعني عيسوءَ جي هٿ کان بچاءِ: ڇوتہ آءٌ هن کان ڊڄان ٿو، تہ متان هو اچي مون کي ۽ ٻارن کي سندن مائرن سميت ماري وجهي. 12تو چيو تہ آءٌ ضرور توسان ڀلائي ڪندس، ۽ تنهنجو اولاد وڌائي سمنڊ جي واريءَ جيترو ڪندس، جنهن کي ڳڻي نٿو سگهجي.
13پوءِ هو اها رات اتي ئي ٽڪيو؛ ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن مان ڪجهہ پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ کي سوغات ڏيڻ لاءِ کنيائين؛ 14يعني ٻہ سؤ ٻڪريون ۽ ويهہ ٻڪر، ٻہ سؤ رڍون ۽ ويهہ گهيٽا. 15ٽيهہ سئا ڏاچيون ۽ سندن گورا، چاليهہ ڳئون ۽ ڏهہ ڏاند، ويهہ گڏهيون ۽ ڏهہ کودڙا. 16پوءِ هن انهن جون ڌار ڌار ٽوليون ٺاهي، پنهنجن نوڪرن جي حوالي ڪيون، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين مون کان اڳيئي پار هلو، ۽ هر هڪ ٽوليءَ جي وچ ۾ ڪجهہ وڇوٽي ڇڏجو. 17۽ پهرين ٽوليءَ واري کي تاڪيد ڪري چيائين تہ جڏهن منهنجو ڀاءُ عيسو توکي گڏجي، ۽ توکان پڇي تہ تون ڪنهن جو آهين، ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃين، ۽ هي جي تنهنجي اڳيان پيا هلن، سي ڪنهن جا آهن؟ 18تڏهن تون چئج تہ اهي تنهنجي ٻانهي يعقوب جا آهن؛ هيءَ پنهنجي مالڪ عيسوءَ جي لاءِ سوغات موڪلي اٿس: اِجهو هو پاڻ بہ پٺيان پيو اچي. 19۽ هن ٻيءَ، ۽ ٽينءَ ۽ ٻين سڀني پوئين ٽولين وارن کي بہ حڪم ڏنو تہ جڏهن اوهين عيسوءَ کي گڏجو، تڏهن انهيءَ طرح چئجوس 20تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو يعقوب اسان جي پٺيان پيو اچي. ڇالاءِ جو هن چيو تہ هيءَ سوغات جا مون کان اڳ ۾ وٺيو ٿا وڃن، تنهن سان آءٌ هن جي ڪاوڙ ڍري ڪندس، ۽ پوءِ سندس منهن ڏسندس؛ تہ من هو مون کي قبول ڪري. 21سو هن جي سوغات کانئس اڳ ۾ پار وٺي ويا: ۽ هو پاڻ اها رات قافلي ۾ رهيو.
22پوءِ هو انهيءَ رات جو اُٿيو ۽ پنهنجيون ٻہ زالون، ۽ ٻہ ٻانهيون ۽ يارهن ٻار ساڻ ڪري يبوق جي تڙ کان پار لنگهيو. 23هنن کي درياهہ جي پرينءَ ڀر موڪليائين ۽ ٻيو بہ جيڪي وٽس هو، سو سڀ پرينءَ ڀر موڪلي ڏنائين. 24۽ يعقوب پاڻ اڪيلو رهجي ويو، ۽ اتي پرهہ ڦٽيءَ تائين ڪو شخص ساڻس ملهہ پئي وڙهيو. 25پر جڏهن هن شخص ڏٺو تہ آءٌ يعقوب تي غالب پئجي نٿو سگهان، تڏهن هن جي ران جي اندرينءَ نس کي هٿ لاتائين: ۽ جيئن هو يعقوب سان ملهہ پئي وڙهيو، تيئن يعقوب جي ران جي نس چڙهي ويئي. 26تڏهن هن چيو تہ هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ٿي ڦٽي. تنهن تي هن چيو تہ آءٌ تيسين توکي وڃڻ ڪين ڏيندس، جيسين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين. 27تڏهن هن چيس تہ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ يعقوب. 28۽ هن چيو تہ اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ، پر اسرائيل سڏبو؛ ڇالاءِ جو تو خدا ۽ ماڻهن سان زور آزمائي ڪئي آهي، ۽ غالب پيو آهين. 29تڏهن يعقوب هن کي عرض ڪري کانئس پڇيو تہ مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ، ۽ هن چيو تہ تون منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين؟ پوءِ هن اتي کيس برڪت ڏني. 30۽ يعقوب انهيءَ هنڌ جو نالو فني ايل رکيو، جو چيائين تہ مون خدا کي روبرو ڏٺو، تڏهن بہ منهنجي جان بچي ويئي. 31۽ فني ايل تان لنگهندي هن کي سج اُڀري ويو، ۽ هو پنهنجيءَ ران تي منڊڪائيندو هليو. 32تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين اسرائيل جو اولاد ران جي اندرئين پاسي واري نس نہ کائيندو آهي؛ ڇالاءِ جو هن يعقوب جي ران کي هٿ لاتو هو، ۽ هن جي نس چڙهي ويئي.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
پيدائش 32: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង
ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.