پيدائش 31
31
1۽ هن لابن جي پٽن جون ڳالهيون ٻڌيون، جو چيائون ٿي تہ يعقوب اسان جي پيءُ جو سڀ ڪجهہ کڻي ويو آهي، ۽ اسان جي پيءُ جي مال مان هيترو شان حاصل ڪيو اٿس. 2۽ يعقوب لابن جي منهن ڏانهن نظر ڪئي ۽ هن جو رخ پاڻ ڏانهن اڳئين جهڙو نہ ڏٺائين. 3۽ خداوند يعقوب کي چيو تہ تون پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ ۾ پنهنجن عزيزن وٽ موٽ، ۽ آءٌ تو سان هوندس. 4تڏهن يعقوب راخل ۽ لياہ کي جهنگ ۾ پنهنجي ڌڻ وٽ گهرايو، 5۽ چيائين تہ آءٌ اوهان جي پيءُ جو رخ ڏسان ٿو تہ مون ڏانهن اڳئين جهڙو نہ آهي؛ پر منهنجي پيءُ جو خدا مون ساڻ آهي. 6۽ اوهان کي خبر آهي تہ مون پنهنجي وت آهر اوهان جي پيءُ جو پورهيو ڪيو آهي. 7پر اوهان جي پيءُ مون سان ٺڳي ڪري، ڏهہ ڀيرا منهنجو اُجورو بدلايو آهي، پر خدا کيس منهنجو نقصان ڪرڻ نہ ڏنو آهي. 8جيڪڏهن هن چيو ٿي تہ چٽڪمريون تنهنجو اُجورو آهن، تہ سڀ مال چٽڪمرا ڦر ٿي ڏنا، ۽ جڏهن چيائين ٿي تہ پٽاپٽي تنهنجو اُجورو آهن تہ سڀ مال پٽاپٽي ڦر ٿي ڏنا. 9انهيءَ طرح خدا اوهان جي پيءُ جو مال کڻي مون کي ڏنو. 10۽ هيئن ٿيو تہ جنهن وقت مال ٿي ڍُڪيو، تنهن وقت مون پنهنجيون اکيون مٿي کنيون ۽ خواب ۾ ڏٺم تہ جيڪي نر مال تي پيا ٿي، سي پٽاپٽي، ابلق ۽ چٽڪمرا هئا. 11۽ خدا جي فرشتي مون سان خواب ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ اي يعقوب، ۽ مون چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. 12تڏهن هن چيو تہ هاڻي پنهنجيون اکيون مٿي کڻ ۽ ڏس تہ جيڪي نر مال تي پون ٿا، سي پٽاپٽي، ابلق ۽ چٽڪمرا آهن، ڇالاءِ جو لابن جيڪي تو سان ڪري ٿو، سو مون ڏٺو آهي. 13آءٌ بيت ايل جو خدا آهيان، جتي تو ٿنڀ تي تيل اوتيو هو، ۽ جتي تو منهنجي لاءِ مڃت مڃي هئي. هاڻي اُٿ، هن ملڪ مان نڪري پنهنجي وطن ۾ موٽي وڃ. 14تڏهن راخل ۽ لياہ ورندي ڏيئي چيس تہ اسان جي پيءُ جي گهر ۾ اسان لاءِ اڃا بہ ڪو حصو يا ورثو رهيل آهي ڇا؟ 15اسين هن جي لاءِ ڌاريون ڪين آهيون ڇا؟ ڇالاءِ جو هن تہ اسان کي وڪڻي ڇڏيو آهي، ۽ اسان جو ناڻو بہ سڀ کائي ويو آهي. 16سو جيڪا دولت خدا اسان جي پيءُ کان کسي آهي، سا اسان جي ۽ اسان جي اولاد جي آهي؛ تڏهن هاڻي جيئن خدا توکي فرمايو آهي، تيئن ڪر.
17تڏهن يعقوب اٿي پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين زالن کي اُٺن تي چاڙهيو؛ 18۽ پنهنجو سڀ مال ۽ سامان جيڪو وٽس هو، يعني اهو مال، جو فدان ارام ۾ ڪمايو هئائين، سو کڻي ڪنعان جي ملڪ ۾، پنهنجي پيءُ اسحاق وٽ وڃڻ لاءِ روانو ٿيو. 19۽ لابن پنهنجين رڍن جي اُن ڪترڻ ويو هو، ۽ راخل پنهنجي پيءُ جا ٺاڪر چوري ڪري کڻي ويئي. 20۽ يعقوب لڪ چوريءَ لابن اسوريءَ وٽان ڀڄي نڪتو ۽ هن کي پنهنجي وڃڻ جي خبر ڪانہ ڏنائين. 21سو هو پنهنجو سڀ ڪجهہ کڻي ڀڄي ويو ۽ درياهہ اُڪري، جلعاد جبل ڏانهن رخ ڪيائين.
22پوءِ ٽئين ڏينهن لابن کي خبر پيئي تہ يعقوب ڀڄي ويو آهي. 23تڏهن هو پنهنجا ڀائر پاڻ سان وٺي هن جي پٺيان پيو، ۽ ستن ڏينهن کان پوءِ، جلعاد جبل وٽ وڃي کيس پهتو. 24پر خدا رات جي وقت خواب ۾ لابن اسوريءَ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ خبردار متان يعقوب کي ڪي گهٽ وڌ ڳالهائين. 25پوءِ لابن يعقوب وٽ وڃي پهتو. هاڻي يعقوب انهيءَ جبل تي پنهنجو تنبو کوڙيو هو، ۽ لابن بہ پنهنجن ڀائرن سميت جلعاد جبل تي پنهنجو تنبو کوڙيو. 26پوءِ لابن يعقوب کي چيو تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ جو منهنجي پرپٺ لڪ چوريءَ اٿي ڀڳو آهين، ۽ منهنجين ڌيئرن کي بہ ائين ڀڄائي آيو آهين، جو ڄڻ تہ ترار سان هٿ ڪيل قيدي آهن؟ 27ڇو مون کان لڪ چوريءَ ڳجهہ ڳوهہ ۾ ڀڄي وئين ۽ مون کي نہ ٻڌايُئِہ؟ نہ تہ جيڪر آءٌ خوشيءَ سان، راڳن روپن ۽ دهل ۽ بربط سان توکي روانو ڪريان ها. 28نڪي تو ايترو ڪيو جو آءٌ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي چُمي کانئن موڪلايان؛ هاڻي تو اهو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي. 29توکي ايذاءُ رسائڻ منهنجي هٿ ۾ آهي، پر ڪالهہ رات تنهنجي پيءُ جي خدا مون سان ڳالهايو ۽ چيائين تہ خبردار متان يعقوب کي ڪي گهٽ وڌ چوين. 30هاڻي توکي تہ ضرور وڃڻو آهي، جو پنهنجي پيءُ جي گهر جي اُڪير اٿئي، پر تو منهنجا ٺاڪر ڇو چورايا آهن؟ 31تڏهن يعقوب لابن کي ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ ڊنس ٿي؛ ڇالاءِ جو مون سمجهيو تہ متان تون زور سان پنهنجيون ڌيون مون کان کسي وٺين. 32باقي جنهن وٽ تنهنجا ٺاڪر هجن، تنهن کي جيئرو نہ ڇڏ. جيڪي بہ تنهنجو مون وٽ هجي، سو اسان جي ڀائرن جي روبرو هلي ڳولهہ ۽ کڻي وڃ؛ ڇالاءِ جو يعقوب کي خبر ڪانہ هئي تہ راخل اُهي ٺاڪر چورائي آندا آهن. 33تڏهن لابن يعقوب جي تنبوءَ ۾، ۽ لياہ جي تنبوءَ، ۽ انهن ٻنهي ٻانهين جي تنبن ۾ ويو، پر ڪي بہ ڪين مليس، پوءِ هو لياہ جي تنبوءَ مان نڪري راخل جي تنبوءَ ۾ داخل ٿيو. 34هاڻي راخل اهي ٺاڪر کڻي، اُٺ جي ڪجاوي ۾ وجهي، انهن جي مٿان چڙهي ويٺي هئي، ۽ لابن سڄي تنبوءَ ۾ انهن جي ڳولا ڪئي، پر نہ لڌائين. 35۽ هوءَ پنهنجي پيءُ کي چوڻ لڳي تہ سائين آءٌ تنهنجي اڳيان اُٿي نٿي سگهان؛ ڇالاءِ جو ماهواري اٿم، تون انهيءَ ڪري رنج نہ ٿج. سو هن ٺاڪرن جي ڳولا ڪئي، پر نہ لڌائين.
36تڏهن يعقوب اچي ڪاوڙيو ۽ لابن کي ڇينڀڻ لڳو: ۽ يعقوب ورندي ڏيئي لابن کي چيو تہ مون ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي، ۽ ڪهڙو گناهہ ڪيو اٿم، جو تون اهڙي ڇوهہ مان مون تي ڪاهي آيو آهين؟ 37تو منهنجي سڄي گهر جو جهاڙو ورتو آهي، ۽ پنهنجي گهر جي سامان مان ڇا لڌو اٿئي؟ اهو هتي منهنجن ۽ پنهنجن ڀائرن جي اڳيان رک، تہ هي اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪن. 38آءٌ پورا ويهہ ورهيہ تو وٽ رهيس، تنهن وچ ۾ تنهنجين رڍن، ۽ تنهنجين ٻڪرين پنهنجا ڦر نہ ڪيرايا، نڪي تنهنجي ڌڻ جا گهيٽا مون کاڌا. 39جيڪو مرون ڦاڙيو سو بہ مون تو وٽ نہ آندو، پر انهيءَ جو نقصان مون پاڻ تي کنيو. جيڪو ڏينهن جو يا رات جو چورائجي ويو، سو بہ تو مون کان ڀرائي ورتو. 40منهنجو حال هي هو، جو ڏينهن جو اُس، ۽ رات جو پاري، مون کي ساڙي ڇڏيو، ۽ منهنجين اکين مان ننڊ بہ نڪري ويئي. 41اهڙيءَ طرح مون تنهنجي گهر ۾ ويهہ ورهيہ گذاريا آهن. مون چوڏهن ورهيہ تنهنجين ڌيئرن جي لاءِ، ۽ ڇهہ ورهيہ تنهنجي مال جي لاءِ تو وٽ پورهيو ڪيو: ۽ تو منهنجو اُجورو ڏهہ ڀيرا بدلايو سدلايو. 42جيڪڏهن منهنجي پيءُ جو خدا، يعني ابرهام جو خدا، جنهن جو اسحاق کي بہ خوف آهي، سو مون سان نہ هجي ها، تہ جيڪر هاڻي تون مون کي ضرور خالي هٿين روانو ڪرين ها. خدا منهنجا ڏک ۽ منهنجن هٿن جو پورهيو ڏٺو آهي، تنهنڪري ڪلهہ رات توکي ڇينڀيو اٿس.
43تڏهن لابن يعقوب کي ورندي ڏيئي چيو تہ هي ڌيون منهنجيون ڌيون آهن، ۽ هي ٻار منهنجا ٻار آهن، ۽ هي مال منهنجو مال آهي ۽ هي سڀ جيڪي تون ڏسين ٿو، سو منهنجو آهي؛ پر اڄ آءٌ هنن پنهنجين ڌيئرن کي، ۽ ٻار جي ڄڻيا اٿن تن کي ڇا ٿو ڪري سگهان؟ 44سو هاڻي اچ تہ اسين ٻئي پاڻ ۾ عهد ڪريون، تہ اهو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد ٿي رهي. 45پوءِ يعقوب هڪڙو پهڻ کڻي ٿنڀ وانگي کوڙيو. 46۽ يعقوب پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ پهڻ گڏ ڪريو؛ ۽ هنن پهڻ کڻي آڻي ڍڳ ڪيو: ۽ انهيءَ ڍڳ وٽ ويهي ماني کاڌائون. 47۽ لابن انهيءَ جو نالو يجرشاهدوٿا رکيو، پر يعقوب انهيءَ کي جلعاد جي نالي سان سڏيو. 48۽ لابن چيو تہ اڄ هي ڍڳ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد آهي، تنهنڪري انهيءَ جو نالو جلعاد رکيو ويو: 49۽ انهيءَ ٿنڀ جو نالو مصفاہ بہ رکيائين، جو هن چيو تہ جڏهن پاڻ هڪ ٻئي کان ڌار ٿينداسين، تڏهن خداوند اسان ٻنهي تي نگاهہ رکي. 50جيڪڏهن تون منهنجين ڌيئرن کي ڏکيو رکندين، يا جيڪڏهن تون منهنجين ڌيئرن کان سواءِ ٻيون زالون پرڻبين، تہ جيتوڻيڪ ٻيو ڪو ماڻهو اسان سان ڪونهي، پر ڏس، خدا منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد آهي.
51۽ لابن يعقوب کي چيو تہ هي ڍڳ، ۽ هي ٿنڀ ڏس، جو اسان ٻنهي جي وچ ۾ آهي. 52ڀلي تہ هي ڍڳ ۽ هي ٿنڀ شاهد هجن، تہ نہ آءٌ نقصان رسائڻ جي لاءِ هي ڍڳ لنگهي تو ڏانهن ايندس، ۽ نہ تون هي ڍڳ ۽ ٿنڀ لنگهي مون ڏانهن ايندين. 53ابرهام جو خدا، ۽ نحور جو خدا، ۽ سندن پيءُ جو خدا، اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪندو. تڏهن يعقوب انهيءَ جو قسم کنيو، جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو. 54پوءِ يعقوب انهيءَ جبل تي قرباني ڪئي، ۽ پنهنجن ڀائرن کي ماني کائڻ لاءِ سڏيائين: ۽ هنن ماني کاڌي ۽ سڄي رات انهيءَ جبل تي گذاريائون. 55۽ لابن صبح جو سوير اُٿيو ۽ پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي چميائين، ۽ کين برڪت ڏنائين: پوءِ لابن روانو ٿيو ۽ موٽي پنهنجي گهر آيو.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
پيدائش 31: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង
ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.