پيدائش 32

32
عيسوءَ سان ملڻ لاءِ يعقوب جي تياري
1 يعقوب پنهنجي واٽ وٺيو پئي ويو تہ رستي ۾ کيس خدا جا ملائڪ گڏيا. 2يعقوب انهن کي ڏسي چيو تہ ”هي خدا جو لشڪرگاهہ آهي.“ سو انهيءَ هنڌ جو نالو #32‏:2 محنايم عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”ٻہ لشڪرگاهہ.“محنايم رکيائين. 3يعقوب پاڻ کان اڳ ۾ پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن سعير علائقي يعني #32‏:3 ادوم اهو علائقو ڪنعان ملڪ جي ڏکڻ اوڀر ۾ هو.ادوم ملڪ ۾ قاصد موڪليا. 4هن کين هدايت ڪري چيو تہ ”منهنجي آقا عيسوءَ کي هيئن وڃي چئو تہ ’آءٌ توهان جو ٻانهو يعقوب هيلتائين لابن وٽ رهيل هئس. 5مون وٽ پنهنجا ڍور ڍڳا، گڏهہ، رڍون ٻڪريون، ٻانها ۽ ٻانهيون آهن. آءٌ هي پيغام پنهنجي آقا ڏانهن انهيءَ ڪري موڪليان ٿو تہ من توهان جي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿئي.‘“
6جڏهن قاصد يعقوب وٽ موٽي آيا تہ کيس ٻڌايائون تہ ”اسين توهان جي ڀاءُ عيسوءَ وٽ وياسين. هو چار سؤ جوان ساڻ ڪري پاڻ توهان سان ملڻ لاءِ اچي ٿو.“ 7تڏهن يعقوب کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو ۽ هو گھٻرائجي ويو. پوءِ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن کي ۽ ڍورن ڍڳن، رڍن ٻڪرين ۽ اٺن کي ٻن ٽولن ۾ ورهايائين. 8هن سوچيو تہ ”جيڪڏهن عيسو هڪڙي ٽولي تي اچي حملو ڪري ۽ انهيءَ کي ماري تہ جيئن ٻيو ٽولو ڀڄي نڪري وڃي.“
9پوءِ يعقوب دعا گھرندي چيو تہ ”اي منهنجي پيءُ ابراهيم جا خدا ۽ منهنجي پيءُ اسحاق جا خدا! اي خداوند! تو مون کي فرمايو تہ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن مٽن مائٽن ڏانهن موٽي وڃ ۽ آءٌ تو کي وڌائيندس. 10تو جيڪا هيڏي ساري وفا ۽ شفقت پنهنجي ٻانهي تي ڪئي آهي، آءٌ تہ انهيءَ جي ذري جو بہ لائق نہ آهيان، ڇو تہ جڏهن آءٌ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ويو هئس تہ مون وٽ رڳو منهنجي لٺ هئي، پر هاڻ تہ مون وٽ ٻہ ٽولا ٿي ويا آهن. 11آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي منهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي چنبن کان بچاءِ، ڇو تہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو اچي اسان سڀني کي ٻارن ۽ سندن مائرن سميت ماري وجھي. 12#پيد 22‏:17 پر تو تہ چيو آهي تہ ’آءٌ تو کي خوشحال بڻائيندس ۽ تنهنجو اولاد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو وڌائيندس جنهن کي ڳڻي نہ ٿو سگھجي.‘“
13سو هن اها رات اتي ئي گذاري ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو تنهن مان پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ کي سوکڙي ڏيڻ لاءِ ڪجھہ کنيائين، 14جهڙوڪ: ٻہ سؤ ٻڪريون ۽ ويهہ ٻڪر، ٻہ سؤ رڍون ۽ ويهہ گھٽا، 15ٽيهہ سئا ڏاچيون ۽ سندن گورا، چاليهہ ڳئون ۽ ڏهہ ڏاند، ويهہ گڏهيون ۽ ڏهہ گڏهہ. 16هن اهي جدا جدا ڌڻن جي صورت ۾ پنهنجن نوڪرن جي حوالي ڪيا ۽ کين چيائين تہ ”اوهين مون کان اڳي هلو ۽ ڌڻن جي وچ ۾ ڪجھہ مفاصلو رکجو.“ 17هن سڀ کان اڳئين ڌڻ واري نوڪر کي سمجھايو تہ ”جڏهن منهنجو ڀاءُ عيسو تو سان گڏجي ۽ تو کان پڇي تہ ’تون ڪنهن جو ماڻهو آهين؟ ڪيڏانهن ٿو وڃين ۽ تنهنجي اڳيان هي ڪنهن جو مال آهي؟‘ 18تڏهن تون چئجانءِ تہ ’اهو توهان جي خادم يعقوب جو مال آهي جيڪو پنهنجي آقا عيسوءَ جي لاءِ سوکڙي ڪري موڪليو اٿائين ۽ هو پاڻ بہ پٺيان اچي رهيو آهي.‘“ 19اهڙيءَ طرح هن ٻئي، ٽئين ۽ سڀني ڌڻن جي پٺيان هلڻ وارن کي هدايت ڪئي تہ ”اوهين جڏهن عيسوءَ سان ملو تہ ائين ئي چئجوس. 20وڌيڪ هي بہ چئجوس تہ ’توهان جو خادم يعقوب اسان جي پٺيان اچي رهيو آهي.‘“ ائين چوڻ سان يعقوب جو خيال اهو هو تہ ”هيءَ سوکڙي اڳ ۾ موڪلي آءٌ هن کي ٿڌو ڪندس ۽ بعد ۾ ساڻس ملندس تہ من هو مون کي پنهنجو ڪري.“ 21سو هن جون سوکڙيون هن کان اڳ ۾ ويون پر هن پاڻ اها رات قافلي ۾ گذاري.
يعقوب جو خدا سان ملهہ وڙهڻ
22ساڳيءَ رات يعقوب اٿيو ۽ پنهنجيون ٻئي زالون، ٻئي سريتون ۽ يارهن پٽ ساڻ ڪري برساتي نهر يبوق جي پتڻ کان اچي پار ٽپيو. 23کين نهر پار ڪرائي هو واپس موٽيو ۽ اتي جيڪي ڪجھہ وٽس هو سو سڀ پڻ هنن ڏانهن پرينءَ ڀر موڪلي ڏنائين. 24#هوس 12‏:3‏-4 يعقوب پاڻ اڪيلو پوئتي رهي پيو. تڏهن وٽس هڪڙو ماڻهو آيو جيڪو پرهہ ڦٽڻ تائين ساڻس ملهہ وڙهندو رهيو. 25جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ڏٺو تہ هو کانئس کٽي نہ ٿو سگھي، تڏهن جيئن هو يعقوب سان ملهہ ٿي وڙهيو تہ سندس ران کي مروٽو ڏيئي جوڙ وٽان ڪڍي وڌائينس. 26پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ چيس تہ ”هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ڦٽي ويئي آهي.“ تنهن تي يعقوب وراڻيس تہ ”آءٌ تيستائين تو کي وڃڻ نہ ڏيندس جيستائين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.“ 27تڏهن انهيءَ شخص پڇيس تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن وراڻيو تہ ”يعقوب.“ 28#پيد 35‏:10 هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر #32‏:28 اسرائيل هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”هو خدا سان ملهہ وڙهي ٿو“ يا ”خدا ملهہ وڙهي ٿو.“اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“ 29#ره 13‏:17‏-18 تڏهن يعقوب کيس چيو تہ ”مهرباني ڪري مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ.“ هن چيس تہ ”تون مون کان منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين؟“ پوءِ هن اتي يعقوب کي برڪت ڏني.
30سو يعقوب انهيءَ جاءِ جو نالو هي چوندي #32‏:30 فني‌ايل هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا کي آمهون سامهون ڏسڻ.“فني‌ايل رکيو تہ ”مون خدا کي آمهون سامهون ڏٺو تڏهن بہ منهنجي جان بچي ويئي.“ 31جڏهن هو فني‌ايل مان لنگھي ويو تہ سج اڀري ويس. هو ران سببان منڊڪائيندو ٿي هليو. 32اهو ئي سبب آهي جو بني اسرائيل اڄ ڏينهن تائين ران جي اندرين پاسي واري رڳ نہ کائيندا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ شخص يعقوب جي ران کي ڌڪ هنيو هو ۽ هن جي ران ڪڍي وڌي هئائين.

Jelenleg kiválasztva:

پيدائش 32: MSB

Kiemelés

Megosztás

Másolás

None

Szeretnéd, hogy a kiemeléseid minden eszközödön megjelenjenek? Regisztrálj vagy jelentkezz be