31
يعقوب جو لابن وٽان ڀڄي نڪرڻ
1 يعقوب لابن جي پٽن کي چوندي ٻڌو تہ ”اسان جي پيءُ وٽ جيڪي ڪجھہ هو سو سڀ يعقوب کڻي ويو آهي ۽ اسان جي پيءُ جي مال ملڪيت مان هيتري دولت ڪمائي اٿس.“ 2يعقوب ڏٺو تہ ساڻس لابن جو رويو بہ اڳي جهڙو سٺو نہ رهيو آهي.
3تڏهن خداوند يعقوب کي چيو تہ ”پنهنجي اباڻي ملڪ ۾ پنهنجن مٽن مائٽن ڏانهن موٽي وڃ. آءٌ تو سان گڏ هوندس.“ 4پوءِ يعقوب راخل ۽ لياہ کي ٻنيءَ ۾ پنهنجي ڌڻ وٽ گھرايو. 5انهن کي چيائين تہ ”آءٌ ڏسان ٿو تہ اوهان جي پيءُ جو رويو مون سان اڳي جهڙو سٺو نہ رهيو آهي. پر منهنجي پيءُ جو خدا مون سان آهي. 6اوهان کي خبر آهي تہ مون پنهنجي طاقت آهر اوهان جي پيءُ جو پورهيو ڪيو آهي. 7پر اوهان جي پيءُ مون سان دوکو ڪيو ۽ ڏهہ ڀيرا منهنجو معاوضو بدلايائين. پر خدا کيس منهنجو نقصان ڪرڻ نہ ڏنو آهي. 8جيڪڏهن هن چيو ٿي تہ ’چٽڪمريون تنهنجو معاوضو آهن‘ تہ سڄي مال چٽڪمرا ڦر ٿي ڏنا ۽ جڏهن چيائين ٿي تہ ’پٽاپٽي تنهنجو معاوضو آهن‘ تہ سڄي مال پٽاپٽي ڦر ٿي ڏنا. 9اهڙيءَ طرح خدا اوهان جي پيءُ جو مال کڻي مون کي ڏنو.
10ڌڻ جي لڳ وارن ڏينهن ۾ هڪ دفعي مون خواب ڏٺو، جنهن ۾ ڏٺم تہ جيڪي ٻڪر ڌڻ تي پيا ٿي سي پٽاپٽي، دٻڪن وارا ۽ چٽڪمرا هئا. 11تڏهن اتي خدا جي هڪ ملائڪ مون سان خواب ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ ’اي يعقوب!‘ مون وراڻيو تہ ’جي سائين!‘ 12تڏهن هن چيو تہ ’اکيون مٿي کڻي ڏس تہ جيڪي ٻڪر ڌڻ تي پون ٿا سي سڀ پٽاپٽي، دٻڪن وارا ۽ چٽڪمرا آهن، ڇاڪاڻ تہ مون اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو آهي جيڪو لابن تو سان ڪندو رهيو آهي. 13#پيد 28:18-22 آءٌ بيتايل جو خدا آهيان، جتي تو يادگار طور کوڙيل پٿر تي تيل پئٽيو هو ۽ جتي تو منهنجي لاءِ سُکَ باسي هئي. سو هاڻي جلدي هتان نڪري پنهنجي وطن ڏانهن موٽي وڃ.‘“ 14تڏهن راخل ۽ لياہ کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”اسان جي پيءُ جي گھر ۾ اسان لاءِ اڃا بہ ڪو حصو يا ورثو رهيل آهي ڇا؟ 15ڇا هو اسان کي ڌاريون نہ ٿو سمجھي؟ ڇاڪاڻ تہ هن تہ اسان کي وڪڻي ڇڏيو آهي ۽ اسان جي عيوض ٿيل منافعو بہ کائي کپائي ڇڏيو اٿس. 16سو جيڪا دولت خدا اسان جي پيءُ کان کسي آهي سا اسان جي ۽ اسان جي اولاد جي آهي. تڏهن هاڻي جيڪي ڪجھہ خدا تو کي فرمايو آهي سو ئي ڪر.“
17تڏهن يعقوب اُٿي تياري ڪئي ۽ پنهنجن پٽن ۽ زالن کي اٺن تي چاڙهيائين. 18پنهنجا سمورا ڍورڍڳا انهيءَ سامان سميت جيڪو فدانارام ۾ ڪٺو ڪيو هئائين، سو اڳيان ڪري پنهنجي پيءُ اسحاق ڏانهن وڃڻ لاءِ ڪنعان ملڪ ڏانهن روانو ٿيو.
19جڏهن لابن پنهنجن رڍن جي اُن ڪترڻ لاءِ ويل هو تہ راخل پنهنجي پيءُ جي گھر جا بت چوري ڪري کڻي ويئي. 20يعقوب لڪ چوريءَ لابن اراميءَ وٽان ڀڄي نڪتو ۽ هن کي پنهنجي وڃڻ جي خبر ڪانہ ڏنائين. 21سو هو پنهنجو سڀ ڪجھہ کڻي ڀڄي ويو ۽ فرات ندي ٽپي جِلعاد جبل ڏانهن رخ ڪيائين.
لابن جو يعقوب جي پٺيان پوڻ
22ٽئين ڏينهن تي لابن کي خبر پيئي تہ يعقوب ڀڄي ويو آهي. 23تڏهن هو پنهنجي مٽن مائٽن کي ساڻ ڪري يعقوب جي پٺيان پيو ۽ ستن ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ جِلعاد جبل وٽ وڃي کيس پهتو. 24پر خدا رات جو خواب ۾ لابن اراميءَ کي چيو تہ ”خبردار، متان يعقوب کي ڪجھہ چڱو مَٺو چوين.“
25پوءِ لابن يعقوب سان وڃي گڏيو. يعقوب جِلعاد جبل تي پنهنجو تنبو کوڙيو هو، سو لابن ۽ سندس مائٽن بہ اتي ئي تنبو کوڙيو. 26لابن يعقوب کي چيو تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تو مون سان ٺڳي ڪئي آهي ۽ منهنجي ڌيئرن کي جنگي قيدين وانگر کڻي آيو آهين. 27ڇو تون لڪي ڀڳين، مون سان ٺڳي ڪيئِہ ۽ مون کي نہ ٻڌايُئِہ؟ آءٌ جيڪر تو کي کل خوشيءَ سان، راڳن روپن ۽ دهلن دمامن سان روانو ڪريان ها. 28ڇو تو مون کي پنهنجن ڏوهٽن ڏوهٽين ۽ ڌيئرن کان چمي موڪلائڻ بہ نہ ڏنو؟ اهو تو بيعقليءَ جو ڪم ڪيو آهي. 29اهو منهنجي وس ۾ آهي تہ آءٌ تو کي ڪنهن بہ تڪليف ۾ وجھي ڇڏيان، پر ڪالهہ رات تنهنجي پيءُ جي خدا مون کي چيو تہ ’خبردار، متان يعقوب کي ڪجھہ چڱو مَٺو چوين.‘ 30خير، هاڻي تون نڪتو تہ آهين ئي جو پنهنجي پيءُ جي گھر جي سڪ اٿيئي، پر تو منهنجا بت ڇو چورايا آهن؟“ 31يعقوب لابن کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڊنس ٿي ۽ سمجھيم ٿي تہ متان توهان زور سان پنهنجيون ڌيئر مون کان کسي وٺو. 32باقي جنهن ماڻهوءَ وٽ توهان جا بت هجن تنهن کي ڀلي ماري ڇڏيو. اسان جي مائٽن جي روبرو هلي ڏسو تہ توهان جي ڪهڙي شيءِ مون وٽ آهي، سا کڻي وڃو.“ پر يعقوب کي اها خبر ڪانہ هئي تہ راخل اهي بت چورائي آندا آهن.
33تڏهن لابن يعقوب جي تنبوءَ، لياہ جي تنبوءَ ۽ ٻنهي ٻانهين جي تنبن ۾ ويو، پر اهي بت کيس هٿ نہ آيا. پوءِ هو لياہ جي تنبوءَ مان نڪري راخل جي تنبوءَ ۾ گھڙيو. 34راخل اهي بت کڻي اٺ جي پاکڙي ۾ رکي مٿن چڙهي ويٺي هئي. لابن سڄي تنبوءَ ۾ انهن جي ڳولا ڪئي پر ڪونہ لڌائين. 35تڏهن راخل پنهنجي پيءُ کي چوڻ لڳي تہ ”بابا سائين! ناراض نہ ٿجو جو آءٌ اوهان جي اڳيان اُٿي نہ ٿي سگھان، ڇو تہ آءٌ پنهنجي ڏينهن ۾ آهيان.“ سو لابن بتن جي ڳولا ڪئي پر لهي نہ سگھيو.
36تنهن تي يعقوب اچي ڪاوڙيو ۽ لابن کي ڇنڊ ڪڍڻ لڳو. يعقوب کيس چيو تہ ”منهنجو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ ڪهڙو گناهہ ڪيو اٿم جو توهان اهڙي ڇوهہ مان منهنجي پٺيان پيا آهيو؟ 37توهان منهنجي سڄي مال ملڪيت جي تلاشي ورتي آهي. ڇا اهڙي ڪا شيءِ لڌي اٿوَ جيڪا توهان جي گھر جي هجي؟ اها هتي پنهنجن ۽ منهنجي مائٽن جي اڳيان رکو تہ هي اسان ٻنهي جي وچ ۾ فيصلو ڪن. 38آءٌ پورا ويهہ سال توهان وٽ رهيس، تنهن وچ ۾ نہ توهانجين رڍن ۽ ٻڪرين جا ڦر ڪريا ۽ نہ ئي وري توهان جي ڌڻ جا گھٽا مون کاڌا. 39جيڪو ڍور ڪنهن جھنگلي جانور ڦاڙي ڇڏيو سو بہ آءٌ توهان وٽ کڻي ڪونہ آيس، بلڪ انهيءَ جو نقصان پنهنجي سر تي کنيم. جيڪو ڍور ڏينهن جو توڙي رات جو بہ چورائجي ٿي ويو سو بہ توهان مون کان ڀرائي ٿي ورتو. 40منهنجو حال اهو هو جو ڏينهن جو اُس تہ رات جو پاري مون کي کاڌو ۽ منهنجي اکين مان ننڊ بہ اڏامي ويئي. 41اهي ويهہ سال آءٌ توهان جي گھر ۾ رهيس. مون چوڏهن سال توهانجين ڌيئرن جي لاءِ ۽ ڇهہ سال توهانجين رڍن ٻڪرين جي لاءِ پورهيو ڪيو ۽ توهان منهنجو معاوضو ڏهہ ڀيرا بدلايو سدلايو. 42جيڪڏهن منهنجي پيءُ جو خدا، ابراهيم جو خدا جنهن جو اسحاق کي بہ خوف آهي، مون سان نہ هجي ها تہ توهين مون کي ضرور خالي هٿين روانو ڪريو ها. خدا منهنجو ڏک ۽ منهنجي هٿن جي محنت ڏسي ڪالهہ رات توهان کي ڇينڀيو آهي.“
يعقوب ۽ لابن وچ ۾ عهد
43تڏهن لابن يعقوب کي جواب ڏنو تہ ”هي ڌيئر منهنجيون ڌيئر آهن، هي ٻار منهنجا ٻار آهن، هي مال منهنجو مال آهي ۽ جيڪي ڪجھہ تون ڏسين ٿو سو سڀ منهنجو آهي. پر اڄ آءٌ پنهنجين ئي ڌيئرن ۽ سندن ٻار، جيڪي کين ڄاوا آهن تن کي ڇا ٿو ڪري سگھان؟ 44سو هاڻي اچ تہ اسين ٻئي پاڻ ۾ عهد ڪريون، جيڪو تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ شاهد ٿي رهي.“
45پوءِ يعقوب هڪڙو پٿر کڻي يادگار طور ٿنڀي وانگر کوڙيو. 46هن پنهنجي مائٽن کي بہ چيو تہ ”پٿر ڪٺا ڪريو.“ سو هنن پٿر ڪٺا ڪري هڪ ڍڳ ڪيو جنهن جي ڀرسان ويهي ماني کاڌائون. 47لابن انهيءَ ڍڳ جو نالو #31:47 يگرساهدتا هي ارامي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”اسان جي شاهدي ڏيڻ وارو ڍڳ.“يگرساهدتا رکيو ۽ يعقوب پنهنجي ٻوليءَ ۾ انهيءَ جو نالو #31:47 جِلعاد هي عبراني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”اسان جي شاهدي ڏيڻ وارو ڍڳ.“جِلعاد رکيو. 48لابن چيو تہ ”اڄ هي ڍڳ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد آهي.“ انهيءَ ڪري ئي انهيءَ جو نالو جِلعاد رکيو ويو. 49انهيءَ جاءِ جو نالو #31:49 مصفاہ هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”اُها جاءِ جتان ڏسجي.“مصفاہ بہ رکيو ويو، ڇو تہ لابن چيو تہ ”شل خداوند اسان ٻنهي تي نظر رکي جڏهن اسين هڪٻئي کان ڌار ٿيون! 50جيڪڏهن تون منهنجي ڌيئرن کي ڏکيو رکندين يا انهن کان سواءِ ٻيون زالون پرڻبين تہ جيتوڻيڪ ٻيو ڪو ماڻهو اسان سان ڪونهي، تنهن هوندي بہ ياد رک تہ خدا تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ شاهد آهي.“
51پوءِ لابن يعقوب کي چيو تہ ”هيءُ ڍڳ ۽ هيءُ يادگار طور کوڙيل پٿر ڏس، جن کي مون پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ کڙو ڪيو آهي. 52هيءُ ڍڳ ۽ کوڙيل پٿر ٻيئي هن ڳالهہ جا شاهد آهن تہ نہ آءٌ نقصان رسائڻ جي خيال سان هي ڍڳ اورانگھي تو ڏانهن ايندس ۽ نہ تون هي ڍڳ ۽ کوڙيل پٿر اورانگھي مون ڏانهن ايندين. 53شل ابراهيم جو معبود، نحور جو معبود ۽ سندن پيءُ جا معبود پڻ اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪن.“ تڏهن يعقوب انهيءَ خدا جو قسم کنيو جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو. 54پوءِ يعقوب انهيءَ جبل تي قرباني ڪئي ۽ پنهنجي مائٽن کي مانيءَ جي دعوت ڏنائين. ماني کائڻ کان پوءِ انهن رات اتي ئي گذاري. 55لابن صبح جو سوير اٿيو ۽ پنهنجن ڏوهٽن، ڏوهٽيءَ ۽ ڌيئرن کي چميائين ۽ کين دعا ڪيائين. پوءِ لابن موٽي گھر ڏانهن روانو ٿيو.