ڪجھہ وقت کان پوءِ سندس مالڪ فوطيفار جي زال منجھس اکيون وڌيون ۽ چيائينس تہ ”مون سان اچي سمهہ.“ پر يوسف نہ مڃيو ۽ چيائينس تہ ”ڏس، منهنجي مالڪ کي ڪنهن بہ ڳالهہ جي فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي تہ گھر ۾ ڇا ڪجھہ آهي. جيڪي ڪجھہ بہ اٿس سو سڀ ڪجھہ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿائين. هن گھر ۾ مون کان وڏو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هن ڪابہ شيءِ مون کان پري نہ رکي آهي، سواءِ توهان جي، ڇاڪاڻ تہ توهين سندس زال آهيو. پوءِ ڀلا آءٌ ڪيئن ههڙو بڇڙو ڪم ڪريان ۽ خدا جو ڏوهاري ٿيان؟“