پيدائش 11:39-12

پيدائش 11:39-12 MSB

اتفاق سان هڪڙي ڏينهن يوسف گھر ۾ پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ ويو تہ گھر جي ماڻهن مان ڪوبہ اندر ڪونہ هو. تڏهن انهيءَ عورت چولي کان کڻي ورتس ۽ چيائينس تہ ”اچي مون سان سمهہ.“ پر يوسف پنهنجو چولو هن جي هٿ ۾ ئي ڇڏي وٺي ڀڳو ۽ ٻاهر نڪري ويو.