پيدائش 19
19
1پوءِ اهي ٻئي فرشتا شام جي وقت سدوم ۾ آيا ۽ لوط سدوم جي منڊيءَ ۾ ويٺو هو؛ جڏهن لوط هنن کي ڏٺو، تڏهن کين گڏجڻ لاءِ اُٿيو ۽ جهڪي سجدو ڪيائين؛ 2۽ چيائين تہ اي منهنجا سائين، هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي جي گهر هلي رات اتي رهو، ۽ پنهنجا پير ڌوئو، ۽ صبح جو سوير اٿي، پنهنجي واٽ وٺجو. پر هنن چيو تہ نہ اسين سڄي رات هتي گهٽيءَ ۾ گذارينداسين. 3پر هن گهڻو زور ڪين، تڏهن هو ڏانهنس وريا، ۽ سندس گهر آيا؛ ۽ هن سندن مهماني ڪئي، ۽ فطيري ماني پچايائين ۽ هنن کاڌو. 4پر سمهڻ کان اڳي، سدوم شهر جي سڀني پاڙن جا ماڻهو، جوان توڙي ٻڍا، انهيءَ گهر کي چوڌاري وڪوڙي ويا؛ 5۽ لوط کي سڏي چيائون تہ جيڪي ماڻهو اڄ رات تو وٽ آيا هئا، سي ڪٿي آهن؟ انهن کي اسان وٽ وٺي اچ تہ ساڻن صحبت ڪريون. 6تڏهن لوط ٻاهر نڪري هنن وٽ ويو ۽ پٺيان در بند ڪري ڇڏيائين. 7۽ کين چوڻ لڳو تہ ڀائرو، آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اهڙو بڇڙو ڪم نہ ڪريو. 8هاڻي ڏسو، منهنجون ٻہ ڌيون آهن جي مرد کان ناواقف آهن؛ جي چئو تہ آءٌ کين اوهان وٽ ٻاهر وٺي اچان، پوءِ جيئن اوهان کي وڻي تيئن ساڻن ڪريو: پر هنن ماڻهن کي ڪجهہ نہ ڪريو، ڇو تہ هو منهنجي پُکي هيٺ آيا آهن. 9تڏهن هنن چيس تہ پري ٿي بيهہ. پوءِ هو چوڻ لڳا تہ هي پرديسي، جو هتي گذران ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو هاڻي حڪومت ٿو هلائي؛ هاڻي اسين تو سان هنن کان بہ وڌيڪ خراب هلت ڪنداسين. پوءِ هو انهيءَ ماڻهوءَ، يعني لوط کي، ڌڪا ڏيڻ لڳا ۽ در ڀڃڻ تي هئا، 10تہ ايتري ۾ انهن ماڻهن پنهنجو هٿ ڊگهيري لوط کي ڇڪي پاڻ ڏانهن گهر ۾ آندو ۽ پوءِ در بند ڪري ڇڏيائون. 11۽ جيڪي ننڍا وڏا ماڻهو گهر جي در تي بيٺا هئا، تن کي انڌو ڪري ڇڏيائون، اهڙو جو هو در ڳولي ڳولي رهجي ويا.
12پوءِ انهن ماڻهن لوط کي چيو تہ هتي تنهنجو ڪو ٻيو بہ آهي؟ ناٺي، پٽ، ڌيون، ۽ ٻيو جيڪي تنهنجو هن شهر ۾ هجي، تنهن کي ساڻ ڪري هن شهر مان نڪري وڃ: 13ڇالاءِ جو اسين هن شهر کي برباد ڪنداسين، ڇو تہ هن جي دانهن خداوند وٽ تمام گهڻي ٿي آهي، ۽ خداوند اسان کي هن جي برباد ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي. 14۽ لوط ٻاهر وڃي پنهنجي ناٺين، جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي، تن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪئي، ۽ چيائين تہ اُٿو هن هنڌان نڪري وڃو؛ ڇالاءِ جو خداوند هي شهر برباد ڪندو. پر سندس ناٺين سمجهيو تہ هو چرچا ٿو ڪري. 15پوءِ جڏهن پرهہ ڦٽي، تڏهن فرشتن لوط کي چيو تہ اُٿ، پنهنجي زال ۽ ٻہ ڌيون جي هتي آهن، تن کي وٺي هتان هليو وڃ. ائين نہ ٿئي تہ جيڪا آفت هن شهر تي اچڻي آهي، تنهن ۾ تون بہ برباد ٿي وڃين. 16تنهن هوندي بہ هن اڃا پئي ڍرائي ڪئي؛ پر جيئن تہ خداوند مٿس مهربان هو، سو اهي ماڻهو کيس، ۽ سندس زال، ۽ سندس ڌيئرن کي هٿ کان وٺي، کين شهر کان ٻاهر ڪڍي آيا. 17۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو کين ٻاهر ڪڍي آيا، تڏهن چيائينس تہ هاڻي پنهنجو ساهہ بچائي اٿي ڀڄ؛ پنهنجي پٺيان اصل نہ نهارج، نڪي هن ساري ميدان ۾ ڪٿي ترسج؛ پر جبل ڏانهن ڀڄي وڃ، متان تون بہ برباد ٿين. 18۽ لوط کين چيو تہ اي منهنجا سائين، ائين نہ ڪر. 19هاڻي ڏس، تو پنهنجي ٻانهي تي مهر جي نظر ڪئي آهي، ۽ تو مون تي ايڏو وڏو فضل ڪيو، جو منهنجو ساهہ بچايو اٿئي، هاڻي آءٌ جبل ڏانهن ڀڄي نٿو سگهان، متان اها آفت مون تي اچي پوي، ۽ آءٌ مري وڃان. 20هاڻي ڏس، هي شهر ويجهو آهي، اتي ڀڄي وڃڻ سولو ٿيندو، ۽ اهو شهر بہ ننڍڙو آهي: سو مون کي موڪل ڏي تہ اوڏانهن ڀڄي وڃان، (اهو شهر ننڍڙو ڪين آهي ڇا؟) اتي منهنجو ساهہ بچي پوندو. 21تڏهن هن چيس تہ ڏس، مون هن بابت تنهنجو عرض قبول ڪيو آهي، ۽ جنهن شهر جي نالي تون چوين ٿو، تنهن کي برباد نہ ڪندس. 22تون جلدي ڪري اوڏانهن ڀڄي وڃ؛ ڇالاءِ تہ جيسين تون اتي نہ پهچندين، تيسين آءٌ ڪي بہ ڪين ڪري سگهندس. تنهنڪري انهيءَ شهر جو نالو ضغر پئجي ويو. 23۽ جنهن وقت لوط ضغر ۾ پهتو، تنهن وقت سج اُڀري چڪو هو.
24پوءِ خداوند سدوم ۽ عمورہ تي آسمان مان خداوند وٽان گندرف ۽ باهہ وسائي؛ 25۽ انهن شهرن کي، ۽ ساري ميدان کي، ۽ انهن شهرن جي سڀني رهاڪن کي، ۽ جيڪي زمين تي اُڀريو هو، تنهن کي برباد ڪري ڇڏيائين. 26پر لوط جي زال منهن ڦيرائي پٺ تي نهاريو ۽ هوءَ لوڻ جو ٿنڀ ٿي پيئي. 27۽ ابرهام صبح جو سوير اٿي، انهيءَ هنڌ ويو، جتي هو خداوند جي حضور ۾ بيٺو هو: 28۽ هن سدوم ۽ عمورہ ڏانهن ۽ ميدان جي ساريءَ زمين ڏانهن نهاريو، ۽ ڇا ٿو ڏسي تہ انهيءَ زمين جو دونهون کوري جي دونهين وانگر مٿي پيو چڙهي.
29۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا انهيءَ ميدان جي شهرن کي برباد ڪيو، تڏهن خدا ابرهام جي يادگيري ڪئي ۽ جن شهرن ۾ لوط رهندو هو، تن کي برباد ڪرڻ وقت لوط کي انهيءَ آفت کان بچائي ورتائين.
30پوءِ لوط ضغر مان نڪري وڃي جبل ۾ رهيو، ۽ سندس ٻہ ڌيون بہ ساڻس هيون؛ ڇالاءِ جو هو ضغر ۾ رهڻ کان ڊنو ٿي، تنهنڪري پنهنجين ٻنهي ڌيئرن سوڌو وڃي جبل جي غار ۾ رهيو. 31پوءِ وڏيءَ ننڍيءَ کي چيو تہ اسان جو پيءُ ٻڍو آهي ۽ زمين تي ڪو ٻيو ماڻهو ڪونهي جو ساري جهان جي دستور موجب اسان وٽ اچي. 32تنهنڪري اچ تہ اسين پنهنجي پيءُ کي مئي پياري ساڻس گڏ سمهون، تہ اسين پنهنجي پيءُ جو نسل قائم رکون. 33سو هنن انهيءَ رات پنهنجي پيءُ کي مئي پياري، ۽ وڏي وڃي پنهنجي پيءُ سان گڏ سُتي؛ پر هن کي اهو سماءُ ڪونہ رهيو تہ هوءَ ڪڏهن سُتي ۽ ڪڏهن اٿي. 34۽ صبح جو هيئن ٿيو جو وڏيءَ ننڍيءَ کي چيو تہ ڏس، ڪالهہ رات آءٌ پنهنجي پيءُ سان سُتي هيس: اچ تہ اڄ رات بہ هن کي مئي پياريون ۽ تون وڃي ساڻس گڏ سمهہ، تہ اسين پنهنجي پيءُ جو نسل قائم رکون. 35سو انهن انهيءَ رات بہ پنهنجي پيءُ کي مئي پياري، ۽ ننڍي اُٿي وڃي ساڻس گڏ سُتي؛ پر هن کي اهو سماءُ ڪونہ رهيو تہ هوءَ ڪڏهن سُتي ۽ ڪڏهن اٿي. 36انهيءَ طرح لوط جون ٻئي ڌيون پيءُ مان پيٽ سان ٿيون. 37پوءِ وڏيءَ کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو موآب رکيائين، ۽ اڄ ڏينهن تائين جيڪي موآبي آهن، تن جو هو ابو آهي. 38۽ ننڍيءَ کي بہ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو بن عمي رکيائين، ۽ اڄ ڏينهن تائين جيڪي امون جو اولاد ٿا سڏجن، تن جو هو ابو آهي.
Chwazi Kounye ya:
پيدائش 19: SB62
Pati Souliye
Pataje
Kopye
Ou vle gen souliye ou yo sere sou tout aparèy ou yo? Enskri oswa konekte
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.