پيدائش 20

20
1پوءِ ابرهام اتان نڪري ڏکڻ ڏانهن مسافري ڪندو، قادس ۽ شور جي وچ ۾ آيو؛ ۽ جرار ۾ اچي رهيو. 2۽ اتي ابرهام پنهنجيءَ زال سارہ نالي چيو تہ هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي. تڏهن جرار جي بادشاهہ ابي ملڪ ماڻهو موڪلي، سارہ کي گهرائي ورتو. 3پر خدا رات جي وقت خواب ۾ ابي ملڪ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ جيڪا زال تو پاڻ وٽ گهرائي آهي، تنهن جي ڪري تون پاڻ کي مئل سمجهہ؛ ڇالاءِ جو اُها ٻئي ماڻهوءَ جي زال آهي. 4هاڻي ابي ملڪ هن جي ويجهو نہ ويو هو، ۽ هن چيو تہ خداوند تون ڪنهن سچيءَ قوم کي قتل ڪندين ڇا؟ 5هن پاڻ مون کي ڪين چيو ڇا تہ هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي؟ ۽ خود هن زال ڪين چيو ڇا تہ هو منهنجو ڀاءُ آهي؟ مون تہ هي ڪم پنهنجيءَ دل جي سچائيءَ سان ڪيو ۽ هٿ جي پاڪيزگيءَ سان ڪيو آهي. 6تڏهن خدا هن کي خواب ۾ چيو تہ بيشڪ، مون کي خبر آهي تہ تو هي ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ مون بہ توکي پنهنجي برخلاف گناهہ ڪرڻ کان روڪي ورتو، ۽ انهيءَ کي هٿ لائڻ نہ ڏنو. 7سو تون انهي ماڻهوءَ جي زال کيس موٽائي ڏي؛ ڇالاءِ جو هو نبي آهي، ۽ هو تو لاءِ دعا گهرندو ۽ تون جيئرو رهندين. پر جيڪڏهن تون اها موٽائي نہ ڏيندين، تہ پڪ ڄاڻ تہ تون ۽ ٻيا جيڪي تنهنجا آهن، سي ضرور مرندا.
8پوءِ ابي ملڪ صبح جو سوير اٿي پنهنجن سڀني نوڪرن کي سڏيو ۽ کين اهي ڳالهيون ٻڌايائين، تنهن تي اهي ماڻهو ڏاڍو ڊڄي ويا. 9پوءِ ابي ملڪ ابرهام کي سڏي چيو تہ تو هي اسان سان ڇا ڪيو آهي؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو، جو تو مون تي ۽ منهنجي بادشاهت تي هڪڙو وڏو گناهہ آندو آهي؟ تو مون سان اهڙا ڪم ڪيا آهن، جي توکي ڪرڻ نہ گهربا هئا. 10۽ ابي ملڪ ابرهام کي چيو تہ تو ڇا ڏٺو، جو اهو ڪم ڪيو اٿئي؟ 11تڏهن ابرهام چيو تہ ڇالاءِ جو مون سمجهيو تہ هن هنڌ خدا جو خوف بلڪل ڪونهي، ۽ ماڻهو مون کي منهنجيءَ زال جي سبب ماري وجهندا. 12تنهن کان سواءِ هوءَ سچ پچ منهنجي ڀيڻ آهي، جو منهنجي پيءُ جي ڌيءَ آهي، پر نہ منهنجيءَ ماءُ جي، ۽ پوءِ هوءَ منهنجي زال ٿي. 13۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا مون کي چيو تہ پنهنجي پيءُ جو گهر ڇڏي پرديس ۾ وڃ، تڏهن مون هن کي چيو تہ اها تنهنجي مون تي مهرباني ٿيندي تہ جنهن جنهن هنڌ پاڻ هلون، اتي تون منهنجي نالي چئج تہ هي منهنجو ڀاءُ آهي. 14تڏهن ابي ملڪ ابرهام کي رڍون، ڏاند، غلام ۽ ٻانهيون ڏنيون، ۽ سندس زال سارہ بہ موٽائي ڏنائينس. 15۽ ابي ملڪ چيو تہ ڏس منهنجو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جتي وڻيئي اتي رهہ. 16۽ سارہ کي چيائين تہ ڏس، مون تنهنجي ڀاءُ کي چانديءَ جا هزار سڪا ڏنا آهن؛ تہ جيڪي ماڻهو تو سان آهن، تن سڀني جي اڳيان، اهو تنهنجي لاءِ اکين جو پردو ٿيندو، ۽ انهن سڀني جي روبرو تون بي عيب آهين. 17پوءِ ابرهام خدا کان دعا گهري ۽ خدا ابي ملڪ کي، ۽ سندس زال کي، ۽ سندس ٻانهين کي، ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو، ۽ انهن ٻار ڄڻيا. 18ڇالاءِ جو خدا ابرهام جي زال سارہ جي ڪري ابي ملڪ جي گهر جي زالن جا پيٽ بلڪل بند ڪري ڇڏيا هئا.

Chwazi Kounye ya:

پيدائش 20: SB62

Pati Souliye

Pataje

Kopye

None

Ou vle gen souliye ou yo sere sou tout aparèy ou yo? Enskri oswa konekte