YouVersion logo
Ikona pretraživanja

متي 6

6
خيرات بابت تعليم
1 # مت ۵‏:۲۳ ”خبردار ٿجو، متان چڱا ڪم ماڻھن جي ڏيکاءَ لاءِ ڪريو. جيڪڏھن اوھين ائين ڪندا تہ اوھان کي پنھنجي آسمان واري پيءُ وٽان ڪوبہ اجر نہ ملندو.
2تنھنڪري جڏھن اوھين ڪنھن کي خيرات ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن رياڪار عبادت⁠خانن ۽ بازارن ۾ ڪندا آھن. اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا آھن تہ جيئن ماڻھو انھن جي ساراھہ ڪن. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي. 3جڏھن اوھين خيرات ڏيو تہ اوھان جي کاٻي ھٿ کي اھا خبر نہ پوي تہ ساڄو ھٿ ڇا ٿو ڪري، 4تہ جيئن اوھان جو خيرات ڏيڻ ڳجھو رھي ۽ اوھان جو پيءُ جو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏئي.“
دعا بابت تعليم
(لوقا ۲‏:۱۱‎–۴)
5 # لو ۱۰‏:۱۸‎–۱۴ ”جڏھن اوھين دعا گھرو تڏھن رياڪارن وانگر نہ ٿيو. اھي عبادت⁠خانن ۽ رستن جي چونڪن تي بيھي دعا گھرندا آھن تہ جيئن ھر ھڪ انھن کي ڏسي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو. 6پر جڏھن اوھين دعا گھرو تہ پنھنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنھنجي پيءُ کان دعا گھرو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آھي. اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏيندو.
7اوھين پنھنجي دعا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آھن، ڇوتہ ھو سمجھن ٿا تہ انھن جون ڊگھيون دعائون گھرڻ ڪري خدا سندن ٻڌندو. 8سو انھن وانگر نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان جو پيءُ اوھان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ڇا گھرجي. 9تہ پوءِ ھن ريت دعا گھرو تہ
’اي اسان جا بابا! تون جو آسمان ۾ آھين،
شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،
10۽ تنھنجي بادشاھت اچي.
تنھنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿئي ٿي،
تيئن زمين تي بہ ٿئي.
11اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اڄ اسان کي ڏي.
12اسان جا ڏوھہ اسان کي ائين معاف ڪر،
جيئن اسين بہ پنھنجن ڏوھارين کي معاف ٿا ڪريون.
13اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ،
پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘#معمول موجب ايماندار آيت جي آخر ۾ ھي جملو چوندا آھن: ”ڇالاءِ⁠جو بادشاھت، قدرت ۽ جلال ھميشہ تنھنجا ئي آھن.“ 14#مر ۲۵‏:۱۱‎–۲۶ ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين ماڻھن کي پنھنجا ڏوھہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان کي پنھنجا ڏوھہ بخشي ڇڏيندو.
15پر جيڪڏھن اوھين ماڻھن جا ڏوھہ نہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان جا ڏوھہ ڪين بخشيندو.“
روزن بابت تعليم
16”جڏھن اوھين روزا رکو تہ رياڪارن وانگر منھن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو اھي منھن لٿل جو ڏيکاءُ انھيءَ لاءِ ٿا ڪن تہ جيئن ماڻھو ڏسن تہ ھنن روزو رکيو آھي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي. 17پر جڏھن اوھين روزا رکو تہ پنھنجي منھن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو، 18تہ جيئن ماڻھو نہ، بلڪ اوھان جو پيءُ جو ڳُجھہ ۾ آھي سو اوھان کي روزيدار سمجھي. ان طرح اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي اجر ڏيندو.“
بھشتي خزانو
(لوقا ۳۳‏:۱۲‎–۳۴)
19 # يع ۲‏:۵‎–۳ ”اوھين پنھنجي لاءِ خزانو ھن دنيا ۾ گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباھہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ ھڻي چوري ڪن ٿا. 20پر پنھنجو خزانو بھشت ۾ گڏ ڪريو، جتي نہ ڪينئان ۽ نہ ڪٽ کيس تباھہ ڪري سگھي ٿي ۽ نہ وري چور کاٽ ھڻي چورائي سگھن ٿا. 21ڇالاءِ⁠جو جتي اوھان جو خزانو ھوندو تہ اوھان جي دل بہ اتي ئي ھوندي.“
بدن جي روشني
(لوقا ۳۴‏:۱۱‎–۳۶)
22”اکيون بدن لاءِ ڏيئو آھن. سو جيڪڏھن اوھان جون اکيون ٺيڪ آھن تہ اوھان جو سڄو بدن روشن ھوندو. 23پر جيڪڏھن اوھان جون اکيون خراب آھن تہ اوھان جو سڄو بدن اوندھہ ۾ غرق ھوندو. سو جيڪا روشني اوھان ۾ آھي سا جيڪڏھن اوندھہ ھجي تہ اھا ڪيڏي نہ وڏي اونداھي ٿي پوندي.“
خدا ۽ ملڪيت
(لوقا ۱۳‏:۱۶، ۲۲‏:۱۲‎–۳۱)
24”ڪوبہ ماڻھو ٻن مالڪن جو نوڪر ٿي نہ ٿو سگھي. ھو ھڪڙي کان نفرت تہ ٻئي سان محبت ڪندو يا ھڪڙي سان وفا تہ ٻئي سان دغا ڪندو، سو اوھين خدا ۽ دولت ٻنھي جي گڏ خدمت ڪري نہ ٿا سگھو.
25تنھنڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين ۽ نہ پنھنجي جسم لاءِ تہ ڇا پھرينداسين؟ ڇا جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ نہ آھي؟ 26پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين نہ لڻين ۽ نہ ان ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ انھن کي کارائي ٿو. ڇا توھين انھن کان وڌيڪ درجو نہ ٿا رکو؟ 27ڇا اوھان مان ڪو ڳڻتين سان ھڪڙو منٽ بہ حياتيءَ جو وڌائي سگھندو؟
28اوھين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا اڀرن. اھي نڪي پورھيو ڪن ۽ نہ ڪتين. 29#۱.با ۴‏:۱۰‎–۷، ۲.توا ۳‏:۹‎–۶ پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي انھن جھڙو ھڪ بہ ويس پھريل نہ ھو. 30جيڪڏھن جھنگلي گاھہ جيڪو اڄ آھي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنھن کي بہ خدا ائين پھرائي ٿو، تہ پوءِ اھو اوھان کي بھتر نہ پھرائيندو ڇا؟ اوھان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آھي! 31سو اوھين ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين؟‘ يا ’ڇا پيئنداسين؟‘ يا ’ڇا پھرينداسين؟‘ 32غير قومون ئي تہ انھن شين جون ڳولائو ھونديون آھن. اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ھي سڀ شيون گھرجن. 33پر اوھين پھريائين آسمان واري بادشاھت ۽ سندس سچائيءَ کي پنھنجي حياتيءَ ۾ ڳوليو تہ ھي سڀ شيون بہ اوھان کي ملنديون. 34سو اوھين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو سڀاڻو پنھنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آھي.“

Trenutno odabrano:

متي 6: SCLNT

Istaknuto

Podijeli

Kopiraj

None

Želiš li svoje istaknute stihove spremiti na sve svoje uređaje? Prijavi se ili registriraj

YouVersion upotrebljava kolačiće za personalizaciju tvojeg iskustva. Upotrebom naše internetske stranice prihvaćaš našu upotrebu kolačića kako je opisano u našim Pravilima privatnosti