YouVersion logo
Ikona pretraživanja

يوحنا 3

3
عيسيٰ مسيح ۽ نيڪديمس
1نيڪديمس نالي هڪڙو فريسي هو، جيڪو يهودين جي مذهبي اڳواڻن مان هڪ هو. 2هڪ رات هو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ هجي.“ 3تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاهي ڏسي نہ سگھندو.“ 4نيڪديمس چيس تہ ”ڪو ماڻهو وري ٻيهر ڪيئن پيدا ٿي سگھندو؟ اهو بلڪل ناممڪن آهي جو هو ٻيهر ماءُ جي پيٽ ۾ وڃي ۽ وري پيدا ٿئي.“ 5تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو پاڻيءَ ۽ پاڪ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اهو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. 6انسان جسماني لحاظ کان پنهنجي ماءُ پيءُ مان پيدا ٿيندو آهي، پر روحاني لحاظ کان پاڪ روح مان پيدا ٿئي ٿو. 7تون انهيءَ ڪري عجب نہ کاءُ جو مون تو کي چيو تہ اوهان سڀني کي نئين سر پيدا ٿيڻ گھرجي. 8جهڙيءَ طرح #3‏:8 هوا... روح هنن ٻنهي لفظن لاءِ يوناني ٻوليءَ جي اصلي متن ۾ هڪڙو ئي لفظ استعمال ٿئي ٿو جنهن مان هي ٻئي مطلب نڪرن ٿا.هوا کي جيڏانهن وڻي ٿو تيڏانهن گھُلي ٿي ۽ سندس آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر خبر نہ ٿي پوي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح جيڪو پاڪ روح مان پيدا ٿيو آهي سو بہ ائين ئي آهي.“ 9تنهن تي نيڪديمس پڇيس تہ ”اهو ڪيئن ٿي سگھندو؟“ 10عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون تہ بني اسرائيل جو وڏو استاد آهين ۽ تو کي ايتري بہ ڄاڻ نہ آهي؟ 11آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اسين ڄاڻون ٿا، سو ڳالهايون ٿا ۽ جيڪي اسان ڏٺو آهي، تنهن جي شاهدي ڏيون ٿا. پر اوهان مان ڪوبہ اهڙو نہ آهي جيڪو اسان جي شاهدي قبول ڪري. 12آءٌ اوهان کي هن دنيا جون ڳالهيون ٿو ٻڌايان، پر اوهين يقين نہ ٿا ڪريو. پوءِ اوهين ڪيئن يقين ڪندا جڏهن آءٌ اوهان کي آسمان جون ڳالهيون ٻڌائيندس؟ 13ڪوبہ آسمان ڏانهن مٿي چڙهي نہ ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي آهي جيڪو آسمان مان آيو آهي، يعني ابنِ آدم.
14 # ڳا 21‏:9 جيئن موسيٰ رڻ‌پٽ ۾ پتل جي نانگ کي مٿي چاڙهيو، تيئن ابنِ آدم بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو، 15انهيءَ لاءِ تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي تنهن کي دائمي زندگي ملي.“
16ڏسو، خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي. 17خدا پنهنجو فرزند دنيا ۾ انهيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ هو دنيا کي گنهگار قرار ڏئي، پر انهيءَ لاءِ موڪليائين تہ هن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.
18جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنهن کي گنهگار قرار نہ ڏنو ويندو، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنهن لاءِ گنهگار هئڻ جي فتويٰ اڳي ئي جاري ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو. 19انهيءَ فتويٰ جو سبب هي آهي تہ روشني دنيا ۾ آئي پر ماڻهن روشنيءَ کان وڌيڪ اونداهيءَ کي پسند ڪيو، ڇاڪاڻ تہ سندن ڪم بڇڙا هئا. 20جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو سو روشنيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ روشنيءَ ڏانهن نہ ٿو اچي، متان سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿي پون. 21پر جيڪو سچ تي هلي ٿو سو روشنيءَ ڏانهن اچي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ سندس ڪم ظاهر ٿين، جيڪي هن خدا جي مرضيءَ موجب ڪيا آهن.
عيسيٰ مسيح ۽ حضرت يحيٰ
22ان کان پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت يهوديہ جي ٻئي علائقي ۾ آيو، جتي هو ساڻن گڏ رهيو ۽ ماڻهن کي بپتسما ڏيڻ لڳو. 23هوڏانهن يحيٰ بہ شاليم جي ويجھو عينون ۾ بپتسما ڏيئي رهيو هو، ڇاڪاڻ تہ اتي پاڻي گھڻو هو. ماڻهو وٽس آيا پئي ۽ هن کين بپتسما پئي ڏني. 24#مت 14‏:3، مر 6‏:17، لو 3‏:19‏-20 ان وقت تائين يحيٰ کي جيل ۾ نہ وڌو ويو هو.
25 يحيٰ جي ڪن شاگردن جو هڪ يهودي اڳواڻ سان پاڪائيءَ جي رسمن بابت بحث ٿيو. 26سو اهي يحيٰ وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي استاد! جيڪو ماڻهو اردن درياءَ جي هُن ڀر اوهان سان گڏ هو ۽ جنهن بابت اوهان شاهدي ڏني هئي، سو هاڻي ماڻهن کي بپتسما ڏيئي رهيو آهي ۽ هر ڪو انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي.“ 27تنهن تي يحيٰ جواب ڏنو تہ ”ڪوبہ ماڻهو تيستائين ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي، جيستائين کيس عرش عظيم مان نہ ڏنو وڃي. 28#يو 1‏:20 اوهين خود شاهدي ڏيئي سگھو ٿا تہ مون چيو هو تہ ’آءٌ مسيح نہ آهيان، پر آءٌ انهيءَ کان اڳ موڪليل آهيان.‘ 29گھوٽ اهو آهي جنهن جي ڪنوار آهي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي ٿو، سو انهيءَ تي ئي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انهيءَ گھوٽ جو دوست آهيان ۽ هاڻي منهنجي خوشي پوري ٿي آهي. 30اهو ضروري آهي تہ هو وڌي ۽ آءٌ گھٽجان.“
خدا جو فرزند عرش عظيم کان آيل آهي
31جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي. جيڪو دنيا سان واسطو رکي ٿو سو دنيا جو آهي ۽ دنيا جون ئي ڳالهيون ڪري ٿو. بيشڪ جيڪو عرش عظيم کان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي. 32هن پاڻ جيڪي ڪجھہ اتي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، تنهن جي ئي شاهدي ڏئي ٿو، پر سندس شاهدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري. 33جڏهن تہ جنهن بہ ماڻهوءَ اها شاهدي قبول ڪئي، تنهن اها تصديق ڪئي تہ خدا سچو آهي. 34بيشڪ جنهن کي خدا موڪليو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ خدا کيس پنهنجو روح بي‌حساب عطا ڪري ٿو.
35 # مت 11‏:27، لو 10‏:22 پيءُ فرزند سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس. 36جيڪو بہ فرزند تي ايمان آڻي ٿو، تنهن کي دائمي زندگي مليل آهي. پر جيڪو فرزند کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اها زندگي ڪڏهن بہ نہ ملندي، اٽلندو خدا جو غضب مٿس رهي ٿو.

Trenutno odabrano:

يوحنا 3: MSB

Istaknuto

Podijeli

Kopiraj

None

Želiš li svoje istaknute stihove spremiti na sve svoje uređaje? Prijavi se ili registriraj

Videozapis za يوحنا 3