YouVersion logo
Ikona pretraživanja

لوقا 19

19
يسوع مسيح ۽ زڪئي
1يسوع يريحو شهر ۾ داخل ٿي ان مان لنگھي رهيو هو. 2اتي زڪئي نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جو عملدار ۽ شاهوڪار بہ هو. 3هن جي مرضي هئي تہ ”ڏسان تہ يسوع ڪهڙو آهي.“ پر ميڙ جي ڪري ڏسي نہ ٿي سگھيو، ڇو تہ هن جو قد ننڍو هو. 4تنهنڪري هو اڳڀرو ڊوڙي وڃي هڪڙي انجير جي وڻ تي چڙهي ويٺو، ڇاڪاڻ تہ يسوع کي انهيءَ رستي تان لنگھڻو هو. 5جڏهن يسوع انهيءَ جاءِ تي آيو، تڏهن مٿي نهاري چيائين تہ ”اي زڪئي! هڪدم هيٺ لهي اچ، ڇاڪاڻ تہ اڄ مون کي تنهنجي گھر رهڻو آهي.“ 6تنهن تي هو جلدي هيٺ لهي آيو ۽ يسوع کي خوشيءَ سان پنهنجي گھر وٺي ويو. 7اهو ڏسي سڀيئي ڪُرڪندي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو هڪڙي پاپيءَ جي گھر رهيو آهي.“ 8گھر اندر زڪئي اُٿي بيهي پرڀوءَ کي چيو تہ ”ڏسو، اي پرڀو! آءٌ پنهنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏهن مون ڪنهن کي ٺڳيو آهي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“ 9يسوع هن کي چيو تہ ”اڄ هن گھر ۾ مڪتي آئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تون بہ ابرهام جو اولاد آهين. 10#مت 18‏:11 منش‌پتر انهن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي جيڪي ڀَٽڪي ويا آهن.“
سونن سڪن جو مثال
(متي 25‏:14‏-30)
11جيئن تہ يسوع يروشلم ۾ پهچڻ تي هو، سو جن ماڻهن سندس هي ڳالهيون پئي ٻڌيون سي ائين سمجھن پيا تہ هينئر ئي ٿو ايشور جو راڄ ظاهر ٿئي. تنهن تي يسوع هڪڙو مثال ڏيندي 12کين چيو تہ ”هڪڙو امير ڪنهن ڏورانهين ملڪ ڏانهن روانو ٿيو تہ جيئن اتان پنهنجي لاءِ راڄ جو اختيار وٺي پوءِ ديس موٽي. 13وڃڻ کان اڳ هن پنهنجي نوڪرن مان ڏهن ڄڻن کي سڏي کين #19‏:13 سون جو هڪ هڪ سڪو سون جو هڪڙو سڪو چانديءَ جي هڪ سؤ عام سڪن جي برابر هو. چانديءَ جو هڪ سڪو هڪڙي ڏينهن جي مزدوري هوندي هئي (ڏسو متي 20‏:2).سون جو هڪ هڪ سڪو ڏنو ۽ چيائين تہ ’جيستائين آءٌ موٽي اچان تيستائين انهن مان واپار هلائجو.‘ 14پر سندس ديس جا ماڻهو هن کان بيزار هئا. تنهنڪري هنن سندس پٺيان انهيءَ ملڪ ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آهي تہ هي ماڻهو اسان جي مٿان راڄ ڪري.‘
15جڏهن هو راڄ جو اختيار وٺي موٽي آيو تہ حڪم ڏنائين تہ ’انهن نوڪرن کي مون وٽ وٺي اچو، جن کي آءٌ سڪا ڏيئي ويو هئس، ڏسان تہ واپار ڪري ڪيترو ڪمايو اٿن.‘ 16پهريون نوڪر آيو ۽ چيائينس تہ ’سائين! اوهان جي ڏنل سوني سڪي ڏهہ ٻيا سونا سڪا ڪمايا آهن.‘ 17تنهن تي هن چيس تہ ’شاباس، چڱا نوڪر! جيئن تہ تون ٿوري ۾ ايماندار ثابت ٿيو آهين، تنهنڪري هاڻي تون ڏهن شهرن جو حاڪم آهين.‘ 18ٻيو آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! اوهان جي ڏنل سوني سڪي پنج ٻيا سونا سڪا ڪمايا آهن.‘ 19هن ان کي بہ چيو تہ ’هاڻي تون پنجن شهرن جو حاڪم آهين.‘ 20ٻيو هڪڙو آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! ڏسو، هي آهي اوهان جو سونو سڪو. مون اهو رومال ۾ ٻڌي سنڀالي رکيو آهي، 21ڇاڪاڻ تہ مون کي اوهان جو ڊپ هو جو اوهين سخت ماڻهو آهيو. جيڪي اوهان جمع نہ ڪيو آهي سو کڻو ٿا ۽ جيڪي اوهان نہ پوکيو آهي سو لڻو ٿا.‘ 22هن چيس تہ ’اي بڇڙا نوڪر! تنهنجي ئي واتان آءٌ تو کي ڏوهاري قرار ڏيندس. جڏهن تو کي سڌ بہ هئي تہ آءٌ سخت ماڻهو آهيان ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان ۽ جيڪي پوکيو ئي نہ اٿم سو پيو لڻان، 23تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ منهنجو سڪو بئنڪ ۾ ئي رکين ها ۽ جڏهن آءٌ موٽي اچان ها تہ تو کان منافعي سميت اچي وٺان ها.‘ 24پوءِ جيڪي اتي بيٺا هئا تن کي چيائين تہ ’هن کان اهو هڪڙو سونو سڪو بہ کسي ڏهن سونن سڪن واري نوڪر کي ڏيو.‘ 25تڏهن هنن چيس تہ ’سائين! هن وٽ اڳي ئي ڏهہ سونا سڪا آهن.‘ 26#مت 13‏:12، مر 4‏:25، لو 8‏:18 انهن کي چيائين تہ ’آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جنهن وٽ آهي، تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو. پر جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آهي.
27هاڻ منهنجا اهي دشمن جن جي مرضي نہ هئي تہ آءٌ مٿن راڄ ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو ۽ کين منهنجي اڳيان قتل ڪريو.‘“
يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ
(متي 21‏:1‏-11، مرقس 11‏:1‏-11، يوحنا 12‏:12‏-19)
28 اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ يسوع يروشلم ڏانهن اڳتي وڌڻ لڳو. 29جڏهن هو زيتون واري ٽڪر وٽ بيت‌فگاہ ۽ بيت‌عنياہ ڳوٺن جي ويجھو آيو تہ هن ٻن چيلن کي هي هدايتون ڏيئي روانو ڪيو تہ 30”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اوهين جيئن ئي ان ۾ گھڙندا تہ هڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا تائين ڪنهن بہ ماڻهوءَ سواري نہ ڪئي آهي. ان کي ڇوڙي هتي ڪاهي اچو. 31جيڪڏهن ڪو اوهان کان پڇي تہ ’ان کي ڇو ٿا ڇوڙيو،‘ تہ اوهين چئجوس تہ ’گروءَ کي انهيءَ جي ضرورت آهي.‘“
32سو اهي اوڏانهن ويا ۽ جيئن يسوع چيو هئن تيئن ئي ڏٺائون. 33جڏهن هو کودڙو ڇوڙين پيا تہ ان جي مالڪ کين چيو تہ ”اوهين هن کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“ 34هنن ورندي ڏنس تہ ”گروءَ کي انهيءَ جي ضرورت آهي.“ 35پوءِ هو کودڙي کي يسوع وٽ ڪاهي آيا ۽ ان جي مٿان پنهنجيون چادرون وجھي يسوع کي ان تي سوار ڪيائون.
36پوءِ جيئن يسوع ان تي سوار ٿي هلندو ٿي رهيو، تيئن ماڻهو پنهنجيون چادرون کڻي رستي تي وڇائيندا ٿي رهيا. 37جڏهن هو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاهيءَ وٽ پهتو تہ سندس چيلن جو سڄو ميڙ يسوع جي چمتڪارن جي ڪري خوشيءَ ۾ ڀرجي وڏي آواز سان ايشور جي مهما جا نعرا هڻڻ لڳو تہ
38 # زب 118‏:26 ”سڀاڳو آهي اهو راجا،
جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي!
شل آڪاش تي شانتي ۽ ايشور جي مهما هجي!“
39تنهن تي انهيءَ ميڙ مان ڪن فريسين چيس تہ ”اي گرو! پنهنجي چيلن کي جھليو.“ 40يسوع کين چيو تہ ”جيڪڏهن هنن ماٺ ڪئي تہ خود پٿر وٺي پڪاريندا.“
يسوع مسيح جو يروشلم لاءِ روئڻ
41جڏهن يسوع يروشلم جي ويجھو آيو تہ شهر کي ڏسي مٿس رنائين 42۽ چيائين تہ ”ڪاش، اي يروشلم جي وسندي! تون اڄوڪي ڏينهن سڃاڻي وٺين ها تہ تنهنجي شانتي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. پر هاڻي تہ اهي تنهنجي اکين کان لڪل آهن. 43ڏس، اهي ڏينهن تو تي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچا ٻڌي تنهنجو گھيرو ڪندا ۽ هر طرف کان تو کي سوڙهو ڪندا. 44اهي تو کي ۽ تنهنجي رهاڪن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا ۽ تو ۾ سِر سِر تي رهڻ نہ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏهن ايشور تو کي بچائڻ لاءِ تو تي ڪرپا جي نظر ڪئي هئي.“
هيڪل مان واپارين کي تڙي ڪڍڻ
(متي 21‏:12‏-17، مرقس 11‏:15‏-19، يوحنا 2‏:13‏-22)
45يسوع هيڪل ۾ آيو ۽ اتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار پيا ڪن تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو 46#يس 56‏:7، ير 7‏:11 ۽ کين چيائين تہ ”پوِتر شاستر ۾ ايشور اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر پرارٿنا وارو گھر ٿيندو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“
47 # لو 21‏:37 يسوع هر روز هيڪل ۾ وڃي سکيا ڏيندو هو. سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ بني اسرائيل جي ٻين چڱن مڙسن وجھہ پئي ڳوليو تہ ”ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائي ڇڏيون.“ 48پر وس ڪونہ ٿي پُڳن، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ آتا هئا.

Trenutno odabrano:

لوقا 19: HSB

Istaknuto

Podijeli

Kopiraj

None

Želiš li svoje istaknute stihove spremiti na sve svoje uređaje? Prijavi se ili registriraj