لوقا 24

24
عيسيٰ مسيح جو وري جيئرو ٿي اٿڻ
(متي 28‏:1‏-10، مرقس 16‏:1‏-8، يوحنا 20‏:1‏-10)
1اهي عورتون آچر جي ڏينهن پرهہ ڦُٽيءَ جو سوير پنهنجيون تيار ڪيل اهي سرهاڻيون پاڻ سان کڻي قبر تي آيون. 2اتي پهچي ڏٺائون تہ پٿر جيڪو قبر جي منهن تي ڏنل هو، سو پاسي تي رڙهيو پيو آهي. 3وري جڏهن قبر ۾ اندر گھڙي ويون تہ ڏٺائون تہ خداوند عيسيٰ جو لاش تہ آهي ئي ڪونہ. 4اڃا انهيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون هيون تہ ڇا ڏسن تہ ٻہ ماڻهو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن بيٺا آهن. 5تنهن تي هو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ هڪدم هيٺ جھڪي پنهنجا منهن لڪايائون. تڏهن انهن ماڻهن چين تہ ”جيڪو جيئرو آهي، تنهن کي اوهين مئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟ 6#مت 16‏:21، 17‏:22‏-23، 20‏:18‏-19، مر 8‏:31، 9‏:31، 10‏:33‏-34، لو 9‏:22، 18‏:31‏-33 هو هتي ڪونهي پر جيئرو ٿي اٿيو آهي. ياد اٿوَ تہ جڏهن هو گليل ۾ هو تڏهن اوهان کي ڇا چيو هئائين تہ 7’اهو ضروري آهي تہ ابنِ آدم کي گنهگارن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ صليب تي چاڙهيو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اُٿي.‘“ 8تڏهن عورتن کي هن جا اهي لفظ ياد آيا. 9پوءِ هنن قبر کان موٽي اچي يارهن شاگردن ۽ ٻين سڀني پوئلڳن کي اهي ڳالهيون ٻڌايون. 10جن عورتن انهن سان اهي ڳالهيون ڪيون، سي هي هيون: مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ هيون. 11پر رسولن انهن عورتن جي ڳالهين کي اڻ‌ٿيڻيون سمجھي انهن تي يقين نہ ڪيو. 12تنهن هوندي بہ پطرس اٿيو ۽ وٺي قبر ڏانهن ڊوڙيو ۽ اندر ليئو پائي ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آهي. تڏهن جيڪو وهيو واپريو هو تنهن تي عجب کائيندي گھر موٽيو.
اِمائوس وٽ ڏيکاري ڏيڻ
(مرقس 16‏:12‏-13)
13انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي پوئلڳن منجھان ٻہ ڄڻا اِمائوس نالي ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، جيڪو يروشلم کان اٽڪل يارهن ڪلوميٽر پري هو. 14اهي پاڻ ۾ گذريل واقعن بابت ڳالهيون ڪندا پئي ويا. 15هنن جيئن پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪندي سوال جواب پئي ڪيا تہ عيسيٰ پاڻ ويجھو اچي ساڻن گڏ هلڻ لڳو. 16پر انهن جي اکين مان عيسيٰ کي سڃاڻڻ جي سگھہ کسي ويئي هئي. 17عيسيٰ انهن کان پڇيو تہ ”اوهين پاڻ ۾ ڪهڙين ڳالهين تي بحث ڪندا پيا وڃو؟“ تنهن تي هو غمگين ٿي بيهي رهيا. 18انهن مان ڪلوپاس نالي شخص ورندي ڏنس تہ ”ڇا رڳو تون ئي اهڙو ماڻهو نہ آهين جنهن کي خبر ئي نہ آهي تہ اڄڪلهہ هِت يروشلم ۾ ڇا وهيو واپريو آهي؟“ 19تنهن تي هن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اُهي عيسيٰ ناصريءَ جون ڳالهيون، جيڪو خدا توڙي سڄي خلق اڳيان قول ۽ فعل ۾ قدرت وارو نبي هو. 20انهيءَ کي اسان جي سردار ڪاهنن ۽ ٻين يهودي اڳواڻن پڪڙايو تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين. ائين هنن کيس صليب تي چاڙهائي ڇڏيو. 21اسان کي تہ اها اميد هئي تہ هن جي ئي هٿان بني اسرائيل کي آزادي ملندي. پر هاڻي تہ ان واقعي کي بہ اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو آهي. 22اڄ تہ اسان جي ڪن عورتن اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي. جڏهن اهي صبح جو سوير قبر تي ويون 23تہ قبر ۾ لاش نہ ڏٺائون. پوءِ اهي موٽي آيون ۽ اسان کي ٻڌايائون تہ انهن رويا ۾ ملائڪن کي بہ ڏٺو، جن کين ٻڌايو تہ عيسيٰ جيئرو آهي. 24تڏهن اسان جي ٽولي مان ڪي قبر تي ويا ۽ برابر ائين ئي ڏٺائون جيئن عورتن چيو هو، پر عيسيٰ هنن کي نظر نہ آيو.“
25تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اي نادانؤ! اوهين نبين جي سڀني ڳالهين کي مڃڻ ۾ ڪيڏا نہ لاپرواهہ آهيو. 26ڇا مسيح لاءِ اهو ضروري نہ هو تہ هو هيئن تڪليفون سهي مري، تہ جيئن اچي پنهنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“ 27پوءِ عيسيٰ انهن کي موسيٰ جي توريت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکتن تائين، پاڪ ڪلام جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.
28جنهن ڳوٺ ڏانهن هو ويا پئي، تنهن کي جڏهن ويجھا ٿيا تہ عيسيٰ ائين هليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آهي. 29پر انهن کيس ترسڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريندي چيو تہ ”اسان سان رهي پئو، ڇو تہ سانجھي ٿيڻ واري آهي ۽ ڏينهن لڙي ويو آهي.“ تڏهن هو انهن سان رهڻ لاءِ گھر اندر ويو. 30پوءِ جڏهن هو انهن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو تہ ماني کڻي شڪر ڪيائين ۽ اها ڀڃي کين ڏنائين. 31اهو ڏسي سندن اکيون کُليون ۽ هنن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو، پر هو انهن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو. 32اهي هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ هو تہ جنهن مهل رستي تي هو اسان سان ڳالهائي پيو ۽ پاڪ ڪلام سمجھائي پيو، تڏهن ڇا اسان جون دليون بيحد پرجوش نہ پئي ٿيون؟“
33پوءِ تہ انهيءَ ئي گھڙيءَ هو اُٿي يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. اتي پهچي هنن يارهن شاگردن کي ٻين پوئلڳن سان گڏ ڏٺو. 34اهي پاڻ ۾ چون پيا تہ ”خداوند سچ پچ جيئرو ٿي اٿيو آهي ۽ هن شمعون کي ڏيکاري ڏني آهي!“ 35تنهن تي هنن ٻنهي کين اهي سموريون ڳالهيون بيان ڪري ٻڌايون جيڪي رستي تي ٿي گذريون هيون ۽ اهو بہ تہ ڪيئن هنن خداوند کي ماني ڀڃڻ مهل سڃاتو هو.
شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ
(متي 28‏:16‏-20، مرقس 16‏:14‏-18، يوحنا 20‏:19‏-23، رسولن جا ڪم 1‏:6‏-8)
36هنن اڃا اهي ڳالهيون ئي پئي ڪيون تہ عيسيٰ خود اچي وچ ۾ بيٺن ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“ 37تڏهن هو خوف ۽ هراس ۾ ڀرجي ويا ۽ سمجھيائون تہ ڪو روح ٿا ڏسون. 38پر هن چين تہ ”ڇو پريشان ٿي ويا آهيو ۽ اوهان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟ 39منهنجي هٿن پيرن کي ڏسو تہ آءٌ اهو ساڳيو ئي آهيان. مون کي هٿ لائي جاچيو، ڇاڪاڻ تہ جهڙا هڏا ۽ ماس مون ۾ ٿا ڏسو، تهڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آهن.“ 40ائين چئي هن کين پنهنجا هٿ ۽ پير ڏيکاريا. 41جيئن تہ خوشيءَ وچان انهن کي اڃا بہ اعتبار نہ پئي آيو ۽ هو تعجب ۾ ڀريل رهيا، تنهنڪري عيسيٰ چين تہ ”چڱو ڀلا، ڇا اوهان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آهي؟“ 42تنهن تي هنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو آڻي ڏنس، 43جيڪو هن انهن جي سامهون ويهي کاڌو.
44پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ توريت، زبور توڙي ٻين نبين جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“ 45پوءِ پاڪ ڪلام کي سمجھڻ لاءِ هنن جا ذهن اُجاگر ڪندي 46کين چيائين تہ ”پاڪ ڪلام ۾ هيئن لکيل آهي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ ٽئين ڏينهن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو. 47پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي تبليغ ڪئي ويندي. 48اوهين پاڻ انهن ڳالهين جا شاهد آهيو. 49#يوا 2‏:28‏-32، رس 1‏:4، 2‏:17‏-21 ڏسو، آءٌ اوهان تي پاڪ روح نازل ڪرڻ وارو آهيان، جنهن جو منهنجي پيءُ واعدو ڪيو آهي. پر جيستائين اوهان کي آسمان مان انهيءَ جي طاقت عطا نہ ٿئي تيستائين شهر ۾ رهجو.“
عيسيٰ مسيح جو آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ
(مرقس 16‏:19‏-20، رسولن جا ڪم 1‏:9‏-11)
50 # رس 1‏:9‏-11 پوءِ عيسيٰ انهن کي يروشلم کان ٻاهر ڪڍي بيت‌عنياہ ڳوٺ جي ويجھو وٺي آيو، جتي پنهنجا هٿ کڻي انهن لاءِ برڪت گھريائين. 51جيئن ئي هو انهن لاءِ برڪت گھري رهيو هو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آسمان ڏانهن کڄي ويو. 52تڏهن هنن کيس سجدو ڪيو ۽ خوشيءَ وچان گدگد ٿيندا يروشلم ڏانهن موٽي ويا. 53اتي هيڪل ۾ هو لڳاتار خدا جا شڪرانا ادا ڪندا رهيا.

હાલમાં પસંદ કરેલ:

لوقا 24: MSB

Highlight

શેર કરો

નકલ કરો

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in