14
عيسيٰ مسيح، پيءُ ڏانهن وڃڻ جو رستو
1پوءِ عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو. خدا تي ڀروسو رکو ۽ مون تي بہ ڀروسو رکو. 2منهنجي پيءُ جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آهن. آءٌ اوهان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ آءٌ اوهان کي نہ ٻڌايان ها. 3جڏهن آءٌ وڃي اوهان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوهان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آهيان اتي اوهين بہ هجو. 4جيڏانهن آءٌ وڃي رهيو آهيان، انهيءَ رستي جي اوهان کي خبر آهي.“ 5تنهن تي توما کيس چيو تہ ”اي خداوند! اسان کي خبر ئي نہ آهي تہ اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو. پوءِ اسان کي انهيءَ رستي جي خبر ڪيئن پوندي؟“ 6عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي. 7جيڪڏهن اوهين مون کي ڄاڻو ٿا تہ منهنجي پيءُ کي بہ ڄاڻيندا. هائو، هن گھڙيءَ کان وٺي اوهين کيس ڄاڻو ٿا ۽ اوهان کيس ڏٺو بہ آهي.“
8تنهن تي فلپس چيس تہ ”اي خداوند! اسان کي پيءُ ڏيکاريو. بس اهو ئي اسان کي گھرجي.“ 9عيسيٰ چيس تہ ”اي فلپس! هيتري وقت کان وٺي آءٌ اوهان سان گڏ آهيان تہ بہ تون مون کي نہ ٿو ڄاڻين؟ جنهن مون کي ڏٺو آهي تنهن پيءُ کي ڏٺو آهي. پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ’اسان کي پيءُ ڏيکاريو‘؟ 10ڇا تو کي يقين نہ آهي تہ آءٌ پيءُ ۾ آهيان ۽ پيءُ مون ۾ آهي؟ جيڪي ڳالهيون آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو سي پنهنجي طرفان نہ، پر پيءُ جي طرفان ٿو ٻڌايان. هائو، پيءُ، جيڪو مون ۾ رهي ٿو سو پنهنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو. 11مون تي يقين ڪريو تہ آءٌ پيءُ ۾ آهيان ۽ پيءُ مون ۾ آهي. جيڪڏهن ائين يقين نہ ٿا ڪريو تہ هي ڪم جيڪي آءٌ ڪري رهيو آهيان، تن جي ڪري ئي يقين ڪريو. 12آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان رکندو سو بہ اهڙا ئي ڪم ڪندو جهڙا آءٌ ڪري رهيو آهيان، بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو. هائو، جيئن تہ آءٌ پيءُ وٽ وڃي رهيو آهيان، 13تنهنڪري اوهين منهنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو آءٌ ڏيندس، تہ جيئن پيءُ جو جلوو پٽ جي معرفت ظاهر ٿئي. 14هائو، اوهين منهنجي نالي تي مون کان جيڪي بہ چاهيندا سو آءٌ ڪندس.“
پاڪ روح ڏيارڻ جو واعدو
15”جيڪڏهن اوهين سچ پچ مون سان پيار ڪريو ٿا تہ منهنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا. 16آءٌ پيءُ کي عرض ڪندس تہ هو اوهان کي هڪ ٻيو مددگار ڏيندو، جيڪو هميشہ تائين اوهان سان رهندو. 17اهو مددگار سچ جو روح آهي جنهن کي دنيا حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ کيس ڏسي ٿي، نہ وري ڄاڻي ٿي. پر اوهين کيس ڄاڻو ٿا، ڇاڪاڻ تہ هو اوهان سان گڏ رهي ٿو ۽ اوهان ۾ رهندو.
18آءٌ ويندس تہ سهي، پر اوهان کي يتيم ڪري نہ ڇڏي ويندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان وٽ موٽي ايندس. 19ٿوري وقت کان پوءِ دنيا مون کي وري نہ ڏسندي، پر اوهين مون کي ڏسندا. جيئن تہ آءٌ زندہ آهيان تنهنڪري اوهين بہ زندہ هوندا. 20جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ پنهنجي پيءُ ۾ آهيان، اوهين مون ۾ آهيو ۽ آءٌ اوهان ۾ آهيان.
21جنهن کي منهنجي حڪمن جي ڄاڻ آهي ۽ انهن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنهن سان منهنجو پيءُ پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انهيءَ سان پيار ڪندس ۽ پنهنجو پاڻ کي مٿس ظاهر ڪندس.“ 22تڏهن يهوداہ جيڪو يهوداہ اسڪريوتي نہ، پر ٻيو يهوداہ هو، تنهن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! ڇا جي ڪري اوهين پنهنجو پاڻ کي اسان تي تہ ظاهر ڪندا پر دنيا تي نہ؟“ 23تنهن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو ۽ منهنجو پيءُ هن سان پيار ڪندو. آءٌ ۽ منهنجو پيءُ هن وٽ اچي ساڻس گڏجي رهنداسون. 24جيڪو مون سان پيار نہ ٿو ڪري سو منهنجي ڳالهين تي عمل نہ ٿو ڪري. جڏهن تہ اهي ڳالهيون جيڪي اوهان ٻڌيون آهن، سي منهنجيون نہ پر پيءُ جون آهن، جنهن مون کي موڪليو آهي.
25اهي ڳالهيون مون اوهان سان رهي اوهان کي ٻڌايون آهن. 26پر پوءِ هڪ مددگار يعني پاڪ روح، جيڪو پيءُ منهنجي نالي سان موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، بلڪ اهي ڳالهيون بہ ياد ڏياريندو، جيڪي مون اوهان کي چيون آهن. 27آءٌ اوهان کي سلامتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي دنيا ڏئي ٿي، بلڪ پنهنجي سلامتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو. 28اوهان مون کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ وڃي رهيو آهيان پر اوهان وٽ موٽي ايندس.‘ جيڪڏهن اوهان جو مون سان پيار هجي ها تہ جيڪر خوش ٿيو ها جو آءٌ پيءُ وٽ وڃي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ پيءُ مون کان وڏو آهي. 29هن ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي مون اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن ائين ٿئي تڏهن اوهين مون تي ايمان آڻيو. 30هن کان پوءِ آءٌ اوهان سان گھڻو نہ ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ تہ #14:30 هن دنيا جو سردار يعني شيطان.هن دنيا جو سردار اچي رهيو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو نہ آهي تہ هن جو مون تي ڪو اختيار آهي. 31پر اهو انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن دنيا ڄاڻي وٺي تہ آءٌ پيءُ سان پيار ڪريان ٿو ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريان ٿو جنهن جو پيءُ مون کي حڪم ڏنو آهي.
هاڻي اٿو تہ هتان هلون.“