متي ‮تعارف‬

تعارف
متي، عيسيٰ مسيح جي ٻارھن رسولن مان ھڪ ھو، جنھن جي معرفت مليل ڪلام اھا خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ خدا جنھن ڇوٽڪاري ڏيندڙ جو واعدو ڪيو ھو سو عيسيٰ مسيح ئي آھي. ھو اھو ئي آھي جنھن جي وسيلي خدا اُھي واعدا پورا ڪيا جيڪي بني اسرائيل سان ڪيا ھئائين ۽ جن کي پراڻي عھدنامي ۾ لکيو ويو آھي. اھا خوشخبري رڳو يھودي قوم لاءِ ناھي پر سڄيءَ دنيا لاءِ آھي.
متيءَ نالي ھي مقدس ڪتاب احتياط سان مرتب ڪيو ويو آھي. انھيءَ جي شروعات عيسيٰ مسيح جي ڄمڻ سان ٿئي ٿي. منجھس عيسيٰ مسيح جي بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش جو بيان آھي. تنھن کان پوءِ اتر واري علائقي گليل ۾ بني اسرائيل کي شفا ڏيڻ، تعليم ڏيڻ ۽ سندس تبليغ ڪرڻ واري خدمت کي کنيو ويو آھي. ان بعد ھن پاڪ ڪلام ۾ گليل کان يروشلم شھر تائين عيسيٰ مسيح جي مسافريءَ ۽ سندس زندگيءَ جي آخري ھفتي جي واقعن جو ذڪر پڻ آھي، جن جي پڄاڻي سندس صليب تي چڙھڻ ۽ وري جيئري ٿي اٿڻ تي ٿئي ٿي.
ھيءَ خوشخبري عيسيٰ مسيح کي ھڪ عظيم استاد جي حيثيت ۾ پيش ڪري ٿي، جيڪو خدا جي بادشاھت جي باري ۾ تعليم ڏئي ٿو ۽ جنھن کي اھو اختيار حاصل آھي تہ خدا جي شريعت جو مفھوم بيان ڪري. متيءَ ۾ عيسيٰ مسيح جي تعليمات مان گھڻو ڪجھہ مضمون وار پنجن مجموعن جي صورت ۾ گڏايل آھي: ۱. ٽڪر تي وعظ: جيڪو آسماني بادشاھت جي ماڻھن جي ڪردار، فرائض، مراعات ۽ قسمت متعلق آھي. (باب ۵‎–۷) ۲. ٻارھن رسولن کي سندن تبليغي سفر متعلق ھدايتون. (باب ۱۰) ۳. آسماني بادشاھت متعلق تمثيلات. (باب ۱۳) ۴. مسيح جي پوئلڳ ٿيڻ جي مراد ۽ منشا بابت تعليم. (باب ۱۸) ۵. موجودہ دور جي خاتمي ۽ آخري فيصلي متعلق تعليم. (باب ۲۴‎–۲۵)
سِٽاءُ
عيسيٰ مسيح جي ولادت ۽ سندس شجرو ۱‏:۱‎–۲۳‏:۲
حضرت يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي خدمت ۱‏:۳‎–۱۲
عيسيٰ مسيح جو بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش ۱۳‏:۳‎–۱۱‏:۴
گليل ۾ عيسيٰ مسيح جي عام خدمت ۱۲‏:۴‎–۳۵‏:۱۸
گليل کان يروشلم ڏانھن سفر ۱‏:۱۹‎–۳۴‏:۲۰
يروشلم ۽ ان جي آس⁠پاس ۾ آخري ھفتو ۱‏:۲۱‎–۶۶‏:۲۷
عيسيٰ مسيح جو جي اٿڻ ۽ سندس ظھور ۱‏:۲۸‎–۲۰

اکنون انتخاب شده:

متي ‮تعارف‬: SCLNT

های‌لایت

به اشتراک گذاشتن

کپی

None

می خواهید نکات برجسته خود را در همه دستگاه های خود ذخیره کنید؟ برای ورودثبت نام کنید یا اگر ثبت نام کرده اید وارد شوید

YouVersion از کوکی ها برای شخصی سازی تجربه شما استفاده می کند. با استفاده از وب سایت ما، استفاده ما از کوکی ها را همانطور که در خط مشی رازداریتوضیح داده شده است، می پذیرید