YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 6

6
ستن جو چونڊجڻ
1ٿورن ڏينھن کان پوءِ جيئن ئي شاگردن جو تعداد وڌندو ويو تہ يوناني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودين عبراني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودين جي خلاف شڪايت ڪئي. يوناني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودي ڪرڪڻ لڳا تہ ھنن جي رنن⁠زالن کي روزانو کاڌي جي ورھاست وقت وساريو ٿو وڃي. 2تنھنڪري ٻارھن رسولن سڀني شاگردن کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ چيو تہ ”اھو اسان لاءِ چڱو نہ آھي جو کاڌي پيتي جي ڳالھين جي ڪري اسين خدا جي ڪلام جي تبليغ ڇڏي ڏيون. 3تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست معتبر ماڻھو چونڊيو، جيڪي سياڻپ ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھجن. اسين انھن کي ھن ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين. 4پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت دعا ۽ تبليغ جي ڪم ۾ گذارينداسين.“ 5رسولن جي صلاح تي سڄو ٽولو خوش ٿيو. سو انھيءَ ٽولي ھنن ماڻھن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاوء⁠س جيڪو انتاڪيا جو رھاڪو ھو ۽ اڳ غير يھودي ھو. 6ٽولي انھن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ پنھنجا ھٿ انھن تي رکيا.
7اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ شاگردن جو تعداد بہ وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاھنن جي ھڪ وڏي ٽولي پڻ ايمان آندو.
استيفنس جي گرفتاري
8استيفنس خدا جي فضل ۽ قدرت سان ڀرجي ماڻھن ۾ ڪيترائي وڏا معجزا ۽ ڪرامتون ڪرڻ لڳو. 9پر ڪن ماڻھن سندس مخالفت ڪئي، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻھن جو عبادت⁠خانو“ نالي ھڪ يھودي عبادت⁠خاني جا ميمبر ھئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا ھئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ ايشيا پرڳڻي جا ھئا. 10پر پاڪ روح استيفنس کي اھڙي سياڻپ ڏني جو جڏھن ھن ڳالھايو تہ اھي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا. 11تنھن تي ھنن ڪن ماڻھن کي رشوت ڏيئي سيکاريو تہ اھي چون تہ ”اسان ھن کي موسيٰ ۽ خدا بابت ڪفر جون ڳالھيون ڪندي ٻڌو آھي.“ 12اھڙيءَ طرح ھنن خلق کي، بزرگن ۽ شريعت جي عالمن سميت وٺي ڀڙڪايو. اھي استيفنس تي چڙھائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري ڪائونسل جي اڳيان پيش ڪيائون. 13پوءِ اھي ڪن اھڙن ماڻھن کي اندر وٺي آيا، جيڪي ھن جي مٿان ڪوڙي شاھدي ڏين. انھن ماڻھن چيو تہ ”ھي ماڻھو ھميشہ اسان جي پاڪ ھيڪل ۽ موسيٰ جي شريعت جي خلاف ڳالھائيندو آھي. 14اسان ھن کي ھي چوندي ٻڌو آھي تہ عيسيٰ ناصري ھيڪل کي ڊاھي ڇڏيندو ۽ جيڪي رسم وَ رواج موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آھي تن کي بہ بدلائي ڇڏيندو.“ 15تڏھن جيڪي ڪائونسل ۾ ويٺا ھئا تن استيفنس ڏانھن چتائي نھاريو تہ کين سندس منھن ملائڪ جھڙو ڏسڻ ۾ آيو.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy