YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 5

5
حنانياہ ۽ صفيرا
1حنانياہ نالي ھڪڙي ماڻھوءَ ۽ سندس زال صفيرا پنھنجي ڪجھہ ملڪيت وڪي. 2پر حنانياہ ڪجھہ پيسا پنھنجي لاءِ رکي ڇڏيا، جنھن جي سندس زال کي بہ خبر ھئي. باقي پيسا کڻي ھن رسولن جي اڳيان آڻي رکيا. 3تنھن تي پطرس چيس تہ ”اي حنانياہ! ڇو شيطان تنھنجي دل ۾ اھڙو خيال وڌو، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالھايو ۽ ٻنيءَ جي پيسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟ 4جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنھنجي ئي ملڪيت ھئي، تيئن اھا وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پيسا بہ تنھنجا ئي ھئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اھڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻھن سان نہ پر خدا سان ڪوڙ ڳالھايو آھي.“ 5حنانياہ اھو ٻڌڻ شرط ھيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اھو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. 6جوان ماڻھو اٿيا ۽ ھن جو لاش ڪفن ۾ ويڙھي ٻاھر کڻي ويا ۽ کيس دفن ڪيائون.
7اٽڪل پھر کن کان پوءِ ھن جي زال اندر آئي، پر کيس ھن واقعي جي ڪابہ خبر ڪانہ ھئي. 8پطرس ان کي چيو تہ ”مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سڀ پيسا اھي ئي ھئا جيڪي تو کي ۽ تنھنجي مڙس کي اوھان جي ملڪيت مان مليا؟“ تنھن تي ھن چيو تہ ”ھا، اھي ئي پيسا مليا.“ 9پطرس کيس چيو تہ ”پوءِ ڇو تو ۽ تنھنجي مڙس گڏجي خداوند جي پاڪ روح کي آزمايو؟ ڏس، جن ماڻھن تنھنجي مڙس کي دفن ڪيو آھي، سي ھاڻي دروازي تي اچي پھتا آھن. اھي تو کي بہ ٻاھر کڻي ويندا.“ 10انھيءَ دم ھوءَ بہ سندس پيرن وٽ ڪري پيئي ۽ مري ويئي. جوان ماڻھو اندر آيا ۽ ھن کي مئل ڏسي کيس ٻاھر کڻي ويا ۽ سندس مڙس جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس. 11سڄي ڪليسيا جي ماڻھن ۽ ٻين، جن بہ اھو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.
معجزا ۽ ڪرامتون
12رسول شھر ۾ ڪيترائي معجزا ۽ ڪرامتون ڪندا ھئا ۽ ھو سڀني ايمان وارن سان ھيڪل اندر سليماني ورانڊي ۾ بہ اچي ملندا ھئا. 13‏-14خداوند تي ايمان آڻيندي ڪيترائي مرد ۽ عورتون انھن ۾ شامل ٿيندا ھئا. پر انھن کان علاوہ ڪنھن کي بہ ھمت نہ ٿيندي ھئي جو ھو رسولن سان وڃي ملي، تنھن ھوندي بہ اھي ماڻھو سندن ساراھہ ڪندا ھئا. 15ايتري قدر جو ھو بيمارن کي آڻي گھٽين ۾ کٽولن ۽ تڏن تي رکندا ھئا تہ جڏھن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انھن مان ڪن تي پوي. 16يروشلم جي آس⁠پاس وارن ڳوٺن مان ماڻھن جا ڪيترائي ميڙ پنھنجا بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻھو کڻي ايندا ھئا ۽ انھن سڀني کي شفا ملندي ھئي.
رسولن کي ستائڻ
17پوءِ وڏو سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي فرقي جا ماڻھو ھئا، سي رسولن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اھي رسولن خلاف اٿي کڙا ٿيا 18۽ کين گرفتار ڪري جيل ۾ وڌائون. 19پر انھيءَ رات خداوند جي ھڪڙي ملائڪ اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ رسولن کي ٻاھر ڪڍيائين ۽ کين چيائين تہ 20”وڃو ۽ ھيڪل ۾ بيھي ماڻھن کي ھن نئين زندگيءَ بابت سڀ ڪجھہ ٻڌايو.“ 21انھيءَ حڪم موجب رسول صبح جو سوير ئي ھيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا.
وڏي سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿين يھودين جي سڀني بزرگن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن ڪائونسل جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انھن جيل ڏانھن چوائي موڪليو تہ رسولن کي حاضر ڪيو وڃي. 22پر جڏھن سپاھي اتي پھتا تہ انھن جيل ۾ رسولن کي نہ ڏٺو. سو اھي ڪائونسل ڏانھن موٽي آيا ۽ ٻڌايائون تہ 23”جڏھن اسين اتي پھتاسون تہ اسان جيل کي چڱيءَ طرح ڪلف لڳل ڏٺو ۽ سڀ پھريدار دروازن تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا. پر جڏھن اسان دروازا کوليا تہ اسان کي اندر ڪوبہ ماڻھو ڏسڻ ۾ نہ آيو.“ 24جڏھن ھيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاھنن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن وائڙا ٿي ويا. 25ايتري ۾ ھڪ ماڻھو اندر آيو، جنھن اچي کين ٻڌايو تہ ”ڳالھہ ٻڌي اٿوَ، جن ماڻھن کي اوھان جيل ۾ وڌو ھو، سي ھيڪل ۾ بيٺا ماڻھن کي تعليم پيا ڏين.“ 26سو صوبيدار پنھنجن سپاھين سان وڃي رسولن کي موٽائي وٺي آيو. سپاھين رسولن سان ڪابہ زيادتي نہ ڪئي، ڇوتہ ھو ڊڄن پيا تہ متان ماڻھو ساڻن وڙھن.
27ھنن رسولن کي آڻي ڪائونسل جي اڳيان بيھاريو. وڏي سردار ڪاھن کانئن پڇا ڳاڇا ڪندي 28#مت ۲۵‏:۲۷ کين چيو تہ ”اسان اوھان کي سخت تاڪيد ڪيو ھو تہ ھن ماڻھوءَ جي نالي تي تعليم نہ ڏيو. پر اٽلندو اوھان سڄي يروشلم ۾ پنھنجي تعليم پکيڙي ڇڏي آھي، جنھن ۾ اسان کي انھيءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“ 29پطرس ۽ ٻين رسولن جواب ۾ چيو تہ ”اسان کي ماڻھن جو نہ، پر خدا جو چيو مڃڻ کپي. 30توڙي جو اوھان عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻي ماري ڇڏيو ھو، تڏھن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا کيس وري جيئرو ڪيو. 31نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بنائڻ لاءِ پنھنجي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبھہ ڪرڻ جي توفيق ملي ۽ سندن گناھہ بخشجي وڃن. 32اسين انھن ڳالھين جا شاھد آھيون ۽ پاڪ روح بہ، جو خدا انھن کي ڏنو آھي جيڪي سندس فرمانبردار آھن.“
33جڏھن ڪائونسل جي ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھي ايترا تہ ڪاوڙيا جو رسولن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. 34پر انھن مان گملي⁠ايل نالي ھڪڙو فريسي، جيڪو شريعت جو عالم ھو ۽ سڀني ماڻھن ۾ عزت ھئس، سو ڪائونسل جي اڳيان اٿي بيٺو ۽ رسولن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاھر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين. 35پوءِ ھن ڪائونسل کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوھين ھنن سان جيڪي ڪريو، سو سنڀالي ڪريو. 36ڪجھہ وقت اڳي ٿيوداس نالي ھڪڙو شخص ظاھر ٿيو ھو، جنھن دعويٰ ڪئي ھئي تہ ھو ھڪ وڏي ھستي آھي. چار ⁠سؤ کن ماڻھو سندس پوئلڳ بہ بڻيا. پر جڏھن ھو ماريو ويو تہ سندس سڀ پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ سندس منصوبو مٽيءَ ۾ ملي ويو. 37ان کان پوءِ آدم شماريءَ جي ڏينھن ۾ يھوداہ گليلي ظاھر ٿيو ۽ ھن ڪيترائي ماڻھو پنھنجا پوئلڳ بڻايا، سو بہ چٽ ٿي ويو ۽ سندس سڀيئي پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا. 38سو ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ ھنن ماڻھن جي خلاف ڪوبہ قدم نہ کڻو ۽ کين ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن ھنن جو مقصد ۽ ڪم ماڻھن جو ٺھيل ھوندو تہ اھو پاڻھي ختم ٿي ويندو. 39پر جيڪڏھن اھو خدا جي طرفان آھي تہ پوءِ اوھين انھن کي روڪي ڪين سگھندا، پر اٽلندو اوھين خدا جو مقابلو ڪندا.“
ڪائونسل گملي⁠ايل جي صلاح تي عمل ڪيو. 40انھن رسولن کي اندر گھرائي چھبڪ ھڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪيائون تہ ھو وري عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏين. پوءِ انھن کي ڇڏي ڏنائون. 41رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا جو خدا کين انھيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي⁠عزتي ٿي. 42اھي روزانو ھيڪل ۾ ۽ ماڻھن جي گھرن ۾ تعليم ڏيندا ۽ ھن خوشخبريءَ جي تبليغ ڪندا رھيا تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy