14
حضرت يحيٰ جو قتل
(مرقس 6:14-29، لوقا 9:7-9)
1انهن ڏينهن ۾ گليل صوبي جي حڪمران #14:1 هيروديس انتپاس هي بادشاهہ هيروديس اعظم جو پٽ هو.هيروديس انتپاس جڏهن عيسيٰ جي هاڪ ٻڌي، 2تڏهن پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ ”هي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو ئي آهي. جيئن تہ هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي، تنهنڪري هو اهي معجزا ٿو ڪري.“ 3#لو 3:19-20 ڪجھہ وقت اڳ هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي چوڻ تي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين. 4#لاو 18:16، 20:21 انهيءَ جو سبب اهو هو جو يحيٰ هيروديس کي چيو هو تہ ”اوهان لاءِ اهو جائز نہ آهي جو اوهين پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيئري ئي پنهنجي ڀاڄائي هيرودياس سان شادي ڪريو.“ 5سو هيروديس يحيٰ کي مارائڻ پئي چاهيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇاڪاڻ تہ هنن يحيٰ کي نبي ٿي سمجھيو.
6پوءِ هيئن ٿيو هو جو جڏهن هيروديس جي جنم جو ڏينهن آيو تڏهن هيرودياس جي ڌيءَ ماڻهن جي وچ ۾ بيهي ناچ ڪيو. هيروديس ايترو تہ خوش ٿيو 7جو هن قسم کڻي ساڻس واعدو ڪيو تہ ”جيڪو گھرندينءَ سو آءٌ ڏيندوسانءِ.“ 8تنهن تي انهيءَ ڇوڪريءَ پنهنجي ماءُ جي چوڻ تي وراڻيس تہ ”مون کي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالهہ ۾ هتي گھرائي ڏيو.“ 9اهو ٻڌي هيروديس کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر جيئن تہ هن مهمانن جي اڳيان قسم کڻي واعدو ڪيو هو، تنهنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ انهيءَ ڇوڪريءَ جي مرضي پوري ٿئي. 10سو ماڻهو موڪلي جيل ۾ يحيٰ جي سسي لهرايائين. 11سسي ٿالهہ ۾ وجھي آڻي ڇوڪريءَ جي اڳيان رکيائون، جنهن اها پنهنجي ماءُ کي ڏيئي ڇڏي. 12ان کان پوءِ يحيٰ جي شاگردن اچي سندس لاش وٺي ان کي دفن ڪيو هو ۽ عيسيٰ کي اچي ٻڌايو هئائون.
پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ
(مرقس 6:30-44، لوقا 9:10-17، يوحنا 6:1-14)
13جڏهن عيسيٰ اها خبر ٻڌي تڏهن ڪجھہ وقت اڪيلائيءَ ۾ رهڻ لاءِ هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي شاگردن سميت ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏهن ماڻهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ پنهنجا شهر ڇڏي پيرين پيادا هن جي پٺيان هليا. 14جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيائين.
15جڏهن شام ٿي تہ سندس شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آهي ۽ هتي اسين ويران هنڌ تي آهيون. سو ماڻهن کي موڪل ڏيو تہ ڀل ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي پنهنجي لاءِ ڪجھہ وٺي کائين.“ 16پر عيسيٰ وراڻين تہ ”انهن کي وڃڻ جي ضرورت ڪانهي. اوهين ئي انهن کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“ 17تنهن تي انهن چيس تہ ”اسان وٽ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي.“ 18عيسيٰ کين چيو تہ ”اهي مون وٽ کڻي اچو.“ 19هن ماڻهن کي بہ چيو تہ ”گاهہ تي ويهي رهو.“ تڏهن عيسيٰ اهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ هن مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنيون ۽ هو اهي مڇيءَ سان گڏ ماڻهن کي ڏيندا ويا. 20سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو، تنهن جي باوجود جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان شاگردن ٻارهن کاريون ڀريون. 21جن ماڻهن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل پنج هزار هو.
عيسيٰ مسيح جو پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ
(مرقس 6:45-52، يوحنا 6:16-21)
22تڏهن هڪدم عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوهين مون کان اڳ ڍنڍ جي هُن ڀر هلو.“ پوءِ هن ماڻهن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي 23۽ پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو. رات تائين هو اتي اڪيلو ئي رهيو. 24انهيءَ مهل تائين ٻيڙي گھڻو پنڌ پري نڪري ويئي هئي ۽ ڇولين جي ڪري لوڏا کائي رهي هئي، ڇاڪاڻ تہ واءُ ان جي سامهون هو. 25رات جي پوئين پهر ۾ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو انهن وٽ آيو. 26شاگردن جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تہ دهلجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي ڪو جن آهي.“ سو هو ڊپ ۾ وٺي رڙيون ڪرڻ لڳا. 27تنهن تي عيسيٰ هڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“ 28پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن تون آهين تہ مون کي حڪم ڏي تہ آءٌ پاڻيءَ تي هلي تو وٽ اچان.“ 29تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو عيسيٰ ڏانهن وڃڻ لڳو. 30پر جڏهن هن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”اي خداوند! بچاءِ، بچاءِ.“ 31تڏهن عيسيٰ هڪدم هٿ ڊگھيري جھلي ورتس ۽ چيائينس تہ ”تو شڪ ڇو ڪيو؟ تنهنجو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آهي.“ 32پوءِ جيئن ئي هو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا تہ واءُ بند ٿي ويو. 33تنهن تي جيڪي بہ ٻيڙيءَ ۾ هئا تن کيس سجدو ڪندي چيو تہ ”بيشڪ تون خدا جو فرزند آهين.“
گنيسرت علائقي ۾ بيمارن کي شفا ڏيڻ
(مرقس 6:53-56)
34عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ ڍنڍ پار ڪري گنيسرت جي علائقي ۾ آيو. 35اتان جي ماڻهن هن کي سڃاڻي ورتو. تنهنڪري هنن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ مان بيمار ماڻهو گھرائي عيسيٰ وٽ آندا. 36ماڻهن منٿ ڪيس تہ ”اوهين رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ تڏهن جن بہ هٿ لاتس سي چڱا ڀلا ٿي ويا.