YouVersion Logo
Search Icon

متي 13

13
ٻج ڇٽڻ جو مثال
(مرقس 4‏:1‏-9، لوقا 8‏:4‏-8)
1انهيءَ ساڳئي ڏينهن عيسيٰ گھر مان نڪري ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي تعليم ڏيڻ لاءِ ويٺو. 2#لو 5‏:1‏-3 سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ وڃي هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي. 3هو انهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن سان ٻڌائڻ لڳو. هن چيو تہ ”هڪ هاري ٻج ڇٽڻ ويو. 4ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انهن کي چُڳي ويا. 5ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا. اتي گھڻي مٽي ڪانہ هئي، سو سلا جلدي اڀريا. پر پوري مٽي نہ هئڻ ڪري 6جڏهن سج اڀريو تہ لهسجي ويا. جيئن تہ انهن کي پاڙ نہ هئي تنهنڪري اهي سڪي ويا. 7ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. پر جڏهن ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انهن کي اُسرڻ نہ ڏنائون. 8پر ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ سؤ داڻا ٿيا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيهہ داڻا بہ ڦر هو.“ 9عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“
مثالن ۾ تعليم ڏيڻ جو مقصد
(مرقس 4‏:10‏-12، لوقا 8‏:9‏-10)
10پوءِ شاگردن عيسيٰ جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اوهان انهن سان مثالن ۾ ڇو پئي ڳالهايو؟“ 11عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آسمان جي بادشاهيءَ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ، 12#مت 25‏:29، مر 4‏:25، لو 8‏:18، 19‏:26 ڇاڪاڻ تہ جنهن وٽ ڪجھہ آهي، تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو تہ وٽس تمام گھڻو ٿي پوندو. پر جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو هن وٽ آهي. 13آءٌ انهن سان مثالن ۾ انهيءَ ڪري ڳالهايان ٿو جو اهي ڏسندي بہ نہ ٿا ڏسن ۽ ٻڌندي بہ نہ ٿا ٻڌن، نڪي ڪا کين سمجھہ ٿي پوي. 14#يس 6‏:9‏-10 اهڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي ٿو تہ
’”اوهين ٻڌندا تہ رهندا پر سمجھندا هرگز ڪين،
اوهين ڏسندا تہ رهندا پر سڃاڻيندا هرگز ڪين.“
15انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي.
اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن،
۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن،
انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن،
پنهنجن ڪنن سان ٻڌن،
۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين،
۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘
16 # لو 10‏:23‏-24 پر سڀاڳا آهيو اوهين ڇاڪاڻ تہ اوهان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوهان جا ڪن ٻڌن ٿا. 17آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ڪيترن ئي نبين ۽ ٻين نيڪن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ڏسو ٿا سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٻڌو ٿا سو هو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“
ٻج ڇٽڻ جي مثال جي سمجھاڻي
(مرقس 4‏:13‏-20، لوقا 8‏:11‏-15)
18”ڌيان سان ٻڌو ۽ ٻج ڇٽڻ جي مثال جو مطلب سمجھو. 19اهي جيڪي آسمان جي بادشاهيءَ جو پيغام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انهيءَ رستي مثل آهن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انهن جي دل مان اهي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي. 20ٽڪرائتي زمين جتي داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي پيغام ٻڌي جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا. 21پر اهو پيغام انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنهنڪري جڏهن پيغام جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا. 22ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي پيغام تہ ٻڌن ٿا پر هن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب پيغام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي. 23سٺي زمين جتي داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا، ان کي سمجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا، پوءِ ڪن ۾ سؤ داڻا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيهہ.“
ڪانڊيرن جو مثال
24عيسيٰ ميڙ کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جو سٺو ٻج پوکيو. 25پر هڪڙيءَ رات جڏهن سڀ ماڻهو ستا پيا هئا تہ هن جو هڪ دشمن اچي ڪڻڪ ۾ ڪانڊيرن جو ٻج ڇٽي هليو ويو. 26جڏهن سلا اُڀريا ۽ سنگ نڪرڻ شروع ٿيا تہ ڪانڊيرا بہ ظاهر ٿي پيا. 27ان ماڻهوءَ جا نوڪر وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ’سائين! اوهان تہ ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو هو پر هي ڪانڊيرا ڪٿان آيا؟‘ 28تنهن تي هن کين جواب ڏنو تہ ’اهو ڪنهن دشمن جو ڪم آهي.‘ پوءِ انهن کانئس پڇيو تہ ’اسين وڃي ڪانڊيرن کي پٽيون ڇا؟‘ 29هن ورندي ڏنن تہ ’نہ، ڇاڪاڻ تہ جڏهن اوهين ڪانڊيرا پٽيندا تہ متان ڪانڊيرن سان گڏ ڪڻڪ بہ پٽجي اچي. 30ڇڏيو تہ ڀلي ڪڻڪ ۽ ڪانڊيرا گڏ وڌن، تان جو لاباري جو وقت ٿئي. پوءِ آءٌ لاباري ڪندڙن کي چوندس تہ پهريائين ڪانڊيرا پٽي ٻڌي ڪري باهہ ۾ ساڙين ۽ پوءِ ڪڻڪ گڏ ڪري منهنجي ڀانڊن ۾ رکن.‘“
سرنهن جي داڻي ۽ خمير جا مثال
(مرقس 4‏:30‏-32، لوقا 13‏:18‏-19)
31عيسيٰ انهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهي سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو کڻي ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو. 32جيتوڻيڪ هو سڀني ٻجن کان ننڍو آهي، تنهن هوندي بہ جڏهن ڦُٽي ٿو تہ سڀني ٻوٽن کان وڏو ٿي وڃي ٿو. اهو وڌي وڻ وانگر ٿئي ٿو ۽ پکي اچي ان جي ٽارين ۾ واهيرا ڪن ٿا.“
33عيسيٰ انهن کي هڪڙو ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهي خمير مثل آهي، جيڪو ڪنهن عورت کڻي جڏهن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“
عيسيٰ مسيح جو مثال ڪم آڻڻ
(مرقس 4‏:33‏-34)
34 عيسيٰ ميڙن کي هي سڀ ڳالهيون مثالن سان ٻڌائيندو هو ۽ مثالن کان سواءِ انهن کي ڪا ڳالهہ نہ ٻڌائيندو هو، 35#زب 78‏:2 انهيءَ لاءِ تہ جيئن نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ
”آءٌ مثالن ۾ ڳالهائيندس
۽ اهي ڳالهيون چوندس،
جيڪي دنيا جي شروعات کان وٺي
ڳجھيون رکيون ويون آهن.“
ڪانڊيرن جي مثال جي سمجھاڻي
36پوءِ عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر هليو ويو. سندس شاگرد وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ ٻنيءَ ۾ ڪانڊيرا ڦٽڻ جي مثال جي معنيٰ ڇا آهي؟“ 37تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جنهن سٺو ٻج پوکيو اهو ابنِ آدم آهي 38۽ ٻني هيءَ دنيا آهي. سٺو ٻج اهي ماڻهو آهن جيڪي آسمان جي بادشاهيءَ سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اهي ماڻهو آهن جيڪي ابليس سان واسطو رکن ٿا. 39دشمن جنهن ڪانڊيرا پوکيا سو ابليس آهي. لابارو آهي قيامت جو ڏينهن ۽ لاباري وارا آهن ملائڪ. 40تنهنڪري جيئن ڪانڊيرا گڏ ڪري باهہ ۾ ساڙيا ويندا آهن تيئن قيامت جي ڏينهن بہ ٿيندو. 41ابنِ آدم پنهنجي ملائڪن کي موڪليندو ۽ اهي سندس بادشاهيءَ مان انهن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراهہ ٿا ڪن ۽ شريعت جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا. 42اهي ملائڪ کين باهہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي هو روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا. 43پوءِ سچار پنهنجي پيءُ جي بادشاهيءَ ۾ سج وانگر چمڪندا.“ عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“
لڪل خزاني ۽ موتيءَ جا مثال
44”آسمان جي بادشاهي انهيءَ خزاني مثل آهي جيڪو ٻنيءَ ۾ لڪل آهي. جڏهن ڪو ماڻهو اهو لهي ٿو تہ هو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو ۽ بيحد خوشيءَ وچان وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اها ٻني خريد ڪري ٿو.
45آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت پڻ آهي تہ موتين جو هڪڙو سوداگر عمدن موتين جي ڳولا ۾ رهي ٿو. 46جڏهن هو ڪو تمام عمدو موتي لهي ٿو تہ وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اهو موتي خريد ڪري ٿو.“
ڄار جو مثال
47”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت پڻ آهي تہ ڪي مهاڻا پنهنجو ڄار ڍنڍ ۾ اڇلائين ٿا، جنهن ۾ هر قسم جي مڇي ڦاسي ٿي. 48جڏهن اهو ڄار ڀرجي وڃي ٿو تہ مهاڻا ان کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي آڻين ٿا ۽ ڪناري تي ويهي ان مان مڇيون ڪڍين ٿا. جيڪا مڇي چڱي آهي سا کاريءَ ۾ وجھن ٿا ۽ ڪني مڇيءَ کي اڇلائي ڇڏين ٿا. 49ساڳيءَ طرح قيامت جي ڏينهن بہ ٿيندو. ملائڪ وڃي نيڪن کان بڇڙن کي ڌار ڪندا 50۽ کين باهہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي اهي روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.“
نيون ۽ پراڻيون شيون
51پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهان هي سڀ ڳالهيون سمجھيون؟“ هنن وراڻيو تہ ”هائو.“ 52تنهن تي هن چين تہ ”جيڪو بہ شريعت جو عالم آسمان جي بادشاهيءَ جو شاگرد ٿئي ٿو، سو پنهنجي علم مان نيون توڙي پراڻيون ڳالهيون ائين ٿو ڪڍي، جيئن ڪو گھر جو مالڪ پنهنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“
عيسيٰ مسيح کي ناصرت وارن جو قبول نہ ڪرڻ
(مرقس 6‏:1‏-6، لوقا 4‏:16‏-30)
53جڏهن عيسيٰ اهي مثال ٻڌائي چڪو تہ اتان روانو ٿيو 54۽ موٽي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو، جتي سندن عبادت‌خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. جن بہ هن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”هن ايڏي سياڻپ ۽ معجزن ڪرڻ جي اهڙي قدرت ڪٿان حاصل ڪئي آهي؟ 55ڇا هي واڍي جو پٽ نہ آهي؟ ڇا هن جي ماءُ جو نالو مريم نہ آهي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يهوداہ هن جا ڀائر نہ آهن ڇا؟ 56ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟ هن هي سڀ ڪجھہ ڪٿان حاصل ڪيو؟“ 57#يو 4‏:44 سو انهن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو. عيسيٰ کين چيو تہ ”هر نبي پنهنجي ديس ۽ پنهنجي خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آهي.“ 58هن اتي گھڻا معجزا نہ ڪيا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي مٿس يقين ئي ڪونہ هو.

Currently Selected:

متي 13: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in