3
1 #
مت 11:10، مر 1:2، لو 1:76، 7:27 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجو هڪ پيغمبر موڪلڻ وارو آهيان، جيڪو منهنجي لاءِ راهہ تيار ڪندو. اهو پيغمبر جنهن جي اوهان کي آرزو آهي، سو اچي اوهان کي مون سان ٻڌل عهد ياد ڏياريندو. پوءِ آءٌ خداوند جنهن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندس.“ 2#يوا 2:11، مڪا 6:17 جڏهن اهو پيغمبر ظاهر ٿيندو تڏهن ڪوبہ سندس اڳيان بيهي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ تہ هو سوناري جي باهہ ۽ ڌوٻيءَ جي صابڻ وانگر آهي. 3هو سوناري وانگر ويهي ڪاهنن کي سون ۽ چانديءَ وانگر پاڪ صاف ڪندو، تہ جيئن هو سچائيءَ سان خداوند جي حضور ۾ نذرانا آڻين. 4پوءِ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن جا نذرانا خداوند وٽ قبول پوندا، جهڙيءَ طرح اڳين ڏينهن ۾ قبول پوندا هئا.
5قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رننزالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“
خدا سان ٺڳي ڪرڻ
6 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خداوند پنهنجي واعدي تان نہ ڦرندو آهيان، انهيءَ ڪري اي يعقوب جو اولاد! اوهين پوريءَ طرح برباد نہ ٿيا آهيو. 7اوهين پنهنجي ابن ڏاڏن جي زماني کان وٺي منهنجي شريعت جي اصولن کي نہ مڃيندي انهن جي ڀڃڪڙي ڪندا آيا آهيو. اوهين مون آڏو توبهہتائب ٿيو تہ آءٌ بہ وري اوهان تي مهربان ٿيان. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين ڪهڙيءَ ڳالهہ لاءِ توبهہتائب ٿيون؟‘ 8ڀلا ڪو انسان مون خدا سان بہ ٺڳي ڪندو؟ پر اوهين مون سان ٺڳي ٿا ڪريو ۽ وري پڇو بہ ٿا تہ ’ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسين تو سان ٺڳي ٿا ڪريون؟‘ اوهين ڪمائيءَ جي ڏهين حصي ۽ نذرانن ڏيڻ ۾ مون سان ٺڳي ٿا ڪريو. 9انهيءَ ڪري اوهين سخت لعنتي آهيو، ڇوجو اوهان، بلڪ اوهان جي سڄي قوم مون سان ٺڳي ٿي ڪري. 10#لاو 27:30، ڳا 18:21-24، شر 12:6، 14:22-29، نحم 13:12 اوهين ڪمائيءَ جو پورو ڏهون حصو هيڪل جي گودام ۾ آڻيو، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي گھر ۾ کاڌو پيتو هجي. ائين ڪرڻ سان اوهين ڏسندا تہ آءٌ ڪيئن نہ آسمان جون دريون کولي اوهان تي برڪت وسايان ٿو يا نہ، اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي. 11آءٌ اوهان جي خاطر ماڪڙ کي اوهان جي زمين جي پيدائش برباد ڪرڻ نہ ڏيندس، نڪي وري اوهان جي انگورن جو ڦر ڪچو زمين تي ڪرندو. 12سموريون قومون اوهان کي نيڪبخت سڏينديون، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهان جو ملڪ هڪڙو وڻندڙ ملڪ ٿيندو.“
جزا ۽ سزا
13 خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهين منهنجي خلاف بڪواس ڪريو ٿا، تڏهن بہ چئو ٿا تہ ’اسان تنهنجي خلاف ڪهڙي بڪواس ڪئي آهي؟‘ 14ڇا اوهان اهو نہ چيو آهي تہ ’خداوند جي فرمانبرداري ڪرڻ اجائي آهي. سو قادرِمطلق خداوند جا حڪم مڃڻ ۽ سندس اڳيان سوڳ واريءَ حالت ۾ رهڻ مان ڪهڙو فائدو؟‘ 15اوهين هي بہ چئو ٿا تہ ’ڪافر ماڻهو نيڪبخت آهن، بدڪار ماڻهو وڌن ويجھن ٿا ۽ انحرافي ڪرڻ کان پوءِ بہ سزا کان بچي ٿا وڃن.‘“
16تڏهن جيڪي خداوند کان ڊپ رکڻ وارا هئا تن پاڻ ۾ گفتگو ڪيو، جيڪو خداوند ٻڌي ورتو. پوءِ خداوند جي حضور ۾ انهن جي يادگيريءَ لاءِ ڪتاب لکيو ويو جنهن ۾ انهن خداوند جو خوف رکندڙن ۽ کيس تعظيم ڏيندڙن جا نالا هئا. 17قادرِمطلق خداوند ٿو فرمائي تہ ”منهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي اهي منهنجي قوم، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا ۽ آءٌ مٿن اهڙو مهربان ٿيندس جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي. 18اي بني اسرائيل! تنهن کان پوءِ اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ سچار ۽ بدڪار جي وچ ۾ ۽ مون خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ نہ ڪندڙ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي.“