YouVersion Logo
Search Icon

ملاڪي 2

2
1قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ڪاهنؤ! اوهان جي لاءِ هي حڪم آهي، 2تہ جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏيندا ۽ منهنجي نالي جي تعظيم جي پرواهہ نہ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت موڪليندس ۽ اوهان کي جيڪي فضيلتون ڏنيون اٿم، تن تي بہ لعنت وجھندس. سچ پچ تہ مون اڳي ئي انهن تي لعنت وجھي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ٿا ڏيو. 3ياد رکو، منهنجي اها لعنت اوهان جي نسلن تائين اوهان تي پوندي رهندي. آءٌ اوهان جي قربان ڪيل جانورن جو اوجھہ اوهان جي منهن تي ملي ڇڏيندس. اوهين انهيءَ ڇيڻي سان گڏ منهنجي حضور کان ٻاهر گند ڪچري واري جاءِ ۾ اڇلايا ويندا. 4#ڳا 3‏:11‏-13 پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون اهو حڪم اوهان کي انهيءَ لاءِ ڏنو هو تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏيو تہ جيئن منهنجو عهد اوهان #2‏:4 لاويءَ جي گھراڻي وارن يعني ڪاهنن سان، ڇو تہ ڪاهن لاوي قبيلي مان ئي هوندا هئا.لاويءَ جي گھراڻي وارن سان قائم رهي.
5 # ڳا 25‏:12 شروعات ۾ مون پنهنجي عهد ۾ اوهان جي وڏن جون زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ سلامتي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اهي مون کين انهيءَ لاءِ عطا ڪيون تہ جيئن اهي شڪرگذاريءَ سان منهنجي بندگي ڪندا رهن. سچ پچ تہ هنن ائين ئي ڪيو ۽ منهنجي تعظيم بہ ڪيائون. 6سچائيءَ جي تعليم سندن زبان تي هئي ۽ سندن واتان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. هو منهنجي واٽن تي صلح ۽ سچائيءَ سان هليا ۽ ماڻهن کي بڇڙائيءَ جي راهہ کان ڦيرائي آندائون. 7بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“
8قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر اي ڪاهنؤ! اوهين هاڻ صحيح راهہ کان هٽي ويا آهيو. اوهان جي تعليم سان ماڻهو گمراهہ ٿي ويا آهن. اوهان انهيءَ عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جيڪو مون اوهان جي لاوي گھراڻي سان ڪيو هو. 9تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي سڀني ماڻهن جي نظر ۾ ذليل ۽ حقير ٿو ڪريان، انهيءَ لاءِ جو اوهين منهنجي راهہ تي قائم نہ رهيا آهيو ۽ شرعي معاملن جي پاسخاطري نہ ڪئي اٿوَ.“
خدا سان بي‌اعتقادي
10ڇا مون ملاڪيءَ جو ۽ اوهان جو هڪڙو ئي پيءُ ناهي؟ ڇا هڪڙي ئي خدا اسان سڀني کي پيدا نہ ڪيو آهي؟ پوءِ ڇو اسين هڪٻئي سان دغا ڪري پنهنجي ابن ڏاڏن جي عهد جي بي‌حرمتي ٿا ڪريون؟ 11اوهان يهوداہ وارن خداوند سان بي‌وفائي ڪندي يروشلم ۾ ڪڌو ڪم ڪيو آهي. هائو، اوهان غير معبودن سان تعلق جوڙي خداوند جي پاڪ ۽ پياري گھر جي بي‌حرمتي ڪئي آهي. 12خداوند چاهي ٿو تہ هو هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي عهد مان خارج ڪري ڇڏي، جيڪو اهڙو ڪم ڪري، پوءِ اهو کڻي ڪير بہ هجي، توڙي اهو جيڪو قادرِمطلق خداوند لاءِ نذرانو پيش ڪري ٿو.
13ٻي ڳالهہ اوهين هيءَ بہ ٿا ڪريو جو قربان‌گاهہ وٽ ڏاڍو روئو رڙو ٿا ۽ آهون دانهون ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي نذرانن جو لحاظ نہ ٿو ڪري ۽ نہ ئي وري هو انهن مان راضي ٿو ٿئي. 14اوهين پڇو ٿا تہ هو راضي ڇو نہ ٿو ٿئي؟ اهو انهيءَ ڪري جو خداوند ڏسي ٿو تہ اوهان #2‏:14 پنهنجي زال سان بي‌وفائي هن سڄي حصي ۾ گھڻو ڪري خداوند سان ٻڌل انهيءَ عهد ڏانهن اشارو ڪيل آهي، جنهن عهد جي بني اسرائيل ڀڃڪڙي ڪئي هئي.پنهنجي زال سان بي‌وفائي ڪئي آهي، جنهن سان اوهان نوجوانيءَ ۾ شادي ڪئي هئي. هوءَ اوهان جي ساٿي آهي جنهن سان خدا آڏو ڪيل وفاداريءَ واري واعدي کي اوهان ٽوڙي ڇڏيو آهي. 15ڇا خدا اوهان ٻنهي کي انهيءَ واعدي موجب گڏجي هڪ بدن ۽ هڪ روح ٿيڻ لاءِ نہ چيو آهي؟ خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن اوهان مان اهڙا ٻار پيدا ٿين جيڪي خدا جا هجن. سو اوهان کي انهيءَ واعدي جي سنڀال ڪرڻي آهي. 16خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”آءٌ طلاق کان نفرت ٿو ڪريان، جنهن جي ذريعي اوهين پنهنجي زال سان ظلم ٿا ڪريو. سو اوهان لاءِ اهو ضروري آهي تہ اوهين پنهنجي زال سان ڪيل وفاداريءَ واري واعدي تي قائم رهو.“
عدالت جو ڏينهن
17اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ بہ چئو ٿا تہ ”اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ کيس بيزار ڪيو آهي؟“ اوهان خداوند کي انهيءَ ڳالهہ ۾ بيزار ڪيو آهي جو چئو ٿا تہ ”برائي ڪندڙ هر ماڻهو خدا جي نظر ۾ چڱو آهي ۽ خدا انهيءَ مان خوش آهي.“ ٻيو هن ڳالهہ جي ڪري جو چئو ٿا تہ ”اهو خدا ڪٿي آهي جنهن کي عادل خدا سمجھيو ويندو آهي؟“

Currently Selected:

ملاڪي 2: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in