YouVersion Logo
Search Icon

ذڪرياہ 4

4
1۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، سو وري مون وٽ آيو، ۽ مون کي ائين اچي اُٿاريائين، جيئن ڪنهن کي ننڊ مان اُٿاربو آهي. 2۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏيئي چيو تہ مون ڏٺو آهي ۽ ڏس تہ هڪڙو سونو شمعدان، جنهن جو پيالو سندس مٿان آهي ۽ ست ڏيئا انهيءَ ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي مٿان هر ڪنهن ڏيئي لاءِ ست نليون آهن. 3۽ انهيءَ جي پاسي ۾ ٻہ زيتون جا وڻ آهن، هڪڙو پيالي جي ساڄي پاسي ۽ ٻيو ان جي کاٻي پاسي. 4۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي مون ورندي ڏيئي چيو، تہ اي منهنجا سائين هي ڇا آهن؟ 5تڏهن انهيءَ فرشتي جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن ورندي ڏيئي چيو، تہ تون نٿو ڄاڻين تہ هي ڇا آهن؟ ۽ مون چيو تہ اي منهنجا سائين، نہ. 6تڏهن هن مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ، اهو زروبابل لاءِ خداوند جو ڪلام آهي، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ، نہ زور سان، نہ توانائيءَ سان پر منهنجي روح سان. 7اي وڏا جبل، تون ڇا آهين، زروبابل جي اڳيان تون ميدان ٿي ويندين: ۽ جڏهن هو چوٽيءَ جو پٿر ڪڍي ايندو تڏهن ماڻهو پڪاري چوندا تہ هن تي فضل ٿئي، فضل ٿئي. 8۽ خداوند جو ڪلام وري مون تي نازل ٿيو، تہ 9زروبابل جي هٿن هن گهر جو بنياد وڌو آهي، ۽ اُنهيءَ جا هٿ ئي هن کي پورو ڪندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي. 10ڇالاءِ جو خسيس شين جي ڏينهن کي ڪنهن ڌڪاريو آهي؟ ڇالاءِ جو خداوند جون اهي ست اکيون جي سڄي زمين تي گهُمن ٿيون، اُهي زروبابل جي هٿ ۾ شاهل ڏسي خوش ٿينديون. 11تڏهن هن مون کان پڇيو، تہ اهي زيتون جا وڻ جي شمعدان جي سڄي ۽ کٻي پاسي آهن، اُهي ڇا آهن؟ 12۽ مون وري ٻيو ڀيرو بہ هن کان پڇيو، تہ اهي ٻئي زيتون جون شاخون جي سونين نلين جي پاسي ۾ آهن، ۽ جن مان سنهري تيل نڪري ٿو، سي ڇا آهن؟ 13۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ ڇا تون نٿو ڄاڻين تہ اهي ڇا آهن؟ ۽ مون چيو تہ اي منهنجا سائين، نہ، 14تڏهن هن چيو، تہ اهي ٻئي مسح ٿيل فرزند آهن، جي رب العالمين اڳيان بيهن ٿا.

Currently Selected:

ذڪرياہ 4: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in