YouVersion Logo
Search Icon

ذڪرياہ 5

5
1تڏهن مون وري اکيون مٿي کڻي نهاريو، تہ ڏس، هڪڙي اُڏامندڙ ڪاغذ جي ويڙهي آهي. 2۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏني، تہ آءٌ هڪڙي اُڏامندڙ ڪاغذ جي ويڙهي ٿو ڏسان؛ جنهن جي ڊيگهہ ويهہ هٿ، ۽ ويڪر ڏهہ هٿ آهي. 3تڏهن هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها لعنت آهي جا سڄي ملڪ تي نازل ٿيندي: ۽ انهيءَ موجب سڀڪو چور، ۽ ڪوڙي قسم کائڻ وارو هتان وڍيو ويندو. 4لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهيءَ کي موڪليان ٿو، تہ اهو چور جي گهر ۾ گهڙي، ۽ انهيءَ جي گهر ۾ بہ جو منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم ٿو کڻي؛ ۽ انهيءَ جي وچ ۾ وڃي رهي، ۽ انهيءَ جي گهر کي ڪاٺيءَ ۽ پٿر سميت ناس ڪري.
5تڏهن انهيءَ فرشتي جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن نڪري مون کي چيو، تہ پنهنجون اکيون مٿي کڻ ۽ ڏس، تہ هيءُ جيڪو وڃي ٿو سو ڇا آهي؟ 6۽ مون چيو تہ اهو ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ اهو ايفہ آهي جو وڃي ٿو. ۽ ايترو بہ وڌيڪ چيائين تہ سڄي ملڪ ۾ اها هنن جي شڪل آهي. 7(۽ ڏس، شيهي جو هڪڙو گول ڍڪ مٿي کنيو ويو:) ۽ هڪڙي زال ايفہ ۾ ويٺل نظر آئي. 8۽ هن چيو تہ اها شرارت آهي؛ ۽ هن انهيءَ کي ايفہ ۾ هيٺ دٻائي، شيهي جو ڍڪ انهيءَ جي منهن تي رکي ڇڏيو. 9تڏهن مون پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏسان تہ ٻہ زالون نڪري آيون، جن جي پيرن ۾ هوا هئي؛ هاڻي هنن جا پر لقلق پکيءَ جي پرن جهڙا هئا: ۽ اُهي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ايفہ کي کڻي ويون. 10تڏهن مون انهيءَ فرشتي جنهن مون سان پئي ڳالهايو تنهن کي چيو، تہ اهو ايفہ هو ڪاڏي کڻي ٿيون وڃن؟ 11۽ هن مون کي چيو تہ سنعار جي ملڪ ڏانهن، تہ اتي انهي لاءِ گهر جوڙين، ۽ جڏهن اهو تيار ٿئي، تہ هيءَ پنهنجي جاءِ ۾ رکي وڃي.

Currently Selected:

ذڪرياہ 5: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in