YouVersion Logo
Search Icon

حبقوق 2

2
1آءٌ پنهنجي ديدگاهہ تي بيهندس، ۽ ٺلهہ تي بيهي نگاهہ ڪندس تہ ڏسان تہ هو مون سان ڇا ٿو ڳالهائي، ۽ پنهنجي فرياد بابت آءٌ ڪهڙو جواب ڏيان. 2۽ خداوند مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ هي رويا لک، بلڪ تختين تي صاف لک، تہ جيڪو ڊوڙي ٿو سو بہ پڙهي سگهي. 3ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو. 4ڏس، هن جو روح مغرور ٿي ويو آهي، اُهو منجهس سچو ناهي، پر راستباز پنهنجي ايمان جي ڪري جيئرو رهندو. 5هائو مغرور ماڻهو شراب وانگر دغاباز آهي ۽ پنهنجي گهر ۾ نٿو رهي؛ هو دوزخ وانگي پنهنجي گهرج وڌائي ٿو، ۽ موت وانگي آهي جنهن جو ڪڏهن بہ ڍءُ نٿو ٿئي، بلڪ سڀ قومون پنهنجي لاءِ گڏ پيو ڪري، ۽ سڀ خلقتون پنهنجي لاءِ پيو ميڙي. 6هي سڀ هن جي برخلاف هڪڙو مثال ۽ هڪڙي ملامت جهڙو پهاڪو نہ کڻندا ڇا، ۽ چوندا تہ ويل هجي انهي سان، جو ٻين جي مال تي پاڻ کي ٿو وڌائي! پر اِهو ڪيستائين ٿيندو؟ ۽ جو پاڻ کي گروي ڏنل شين سان ڀري ٿو! 7اُهي جيڪي توکي کائي ويندا سي اوچتو نہ اُٿندا ڇا؟ ۽ اُهي جاڳندا ۽ توکي ستائيندا، ۽ تون انهن جو شڪار ٿي ويندين. 8ڇالاءِ جو تو گهڻين ئي قومن کي لُٽيو آهي ۽ تو ماڻهن جو رت وهايو آهي، ۽ ملڪ، ۽ شهر جي رهندڙن سان ظلم ڪيو اٿيئي. تنهنڪري باقي بچيل قومون توکي لُٽينديون.
9انهي تي افسوس جو پنهنجي گهر لاءِ ناحق فائدو حاصل ٿو ڪري، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجو آکيرو مٿي رکي، تہ خرابيءَ کان بچي رهي! 10تو گهڻين ئي قومن کي وڍڻ سان پنهنجي گهراڻي جي لاءِ خواري هٿ ڪئي آهي، ۽ پنهنجي روح جي برخلاف گناهہ ڪيو اٿيئي. 11ڇالاءِ جو ڀتين مان پٿر نڪري پڪاريندا ۽ ڪاٺ مان ڪام جواب ڏيندي.
12افسوس آهي انهي تي جو رت سان ڳوٺ اڏي ٿو، ۽ بڇڙائي سان شهر قائم ٿو ڪري! 13ڏس اهو لشڪرن جي خداوند جي طرفان ناهي ڇا تہ ماڻهن جو پورهيو باهہ کي ڏئي، ۽ قومون باطل شين لاءِ هلاڪ ٿين؟ 14ڇالاءِ جو زمين خداوند جي جلال جي ڄاڻپ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن پاڻي سمنڊ کي ڍڪي ٿو ڇڏي.
15افسوس آهي انهي تي، جو پنهنجي پاڙيسريءَ کي پيئڻ لاءِ شراب ٿو ڏئي ۽ منجهس پنهنجو زهر ٿو گڏي، ۽ هن کي نشئي ٿو ڪري تہ سندن اوگهڙ تي نظر ڪري! 16تون وڏائيءَ جي بدلي شرم سان ڀريل آهين: تون بہ پي اڻ طهريل جهڙو ٿيءُ: خداوند جي ساڄي هٿ وارو پيالو تو ڏي ڦيرايو ويندو، ۽ تنهنجي وڏائي ڦري خراب خواري ٿي پوندي. 17جيڪو ظلم لبنان سان ٿيو، ۽ جيڪو ڪوس جانورن جو ٿيو، جنهنڪري هو ڊڄي ويا، ۽ جيڪو ظلم تو ملڪ ۽ شهر ۽ اُن جي رهاڪن سان ڪيو ۽ ماڻهن جو خون وهايو، سو تو تي ايندو.
18اُڪريل مورت مان ڪهڙو فائدو جا اُڪريندڙ اُڪري ٺاهي آهي؟ پلٽيل مورت ۽ ڪوڙن جي سيکاريندڙن مان ڪهڙو فائدو، جو سندس ٺاهڻ وارو انهي تي ڀروسو رکي گونگن بُتن کي ٺاهي ٿو. 19افسوس انهي تي، جو ڪاٺ کي ٿو چوي تہ جاڳ، ۽ گونگي پٿر کي تہ اُٿ! هن مان ڪا تعليم ملندي ڇا؟ ڏس، هن تي سون ۽ چاندي چڙهيل آهي، ۽ انهي منجهہ ساهہ ڪونهي. 20پر خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل ۾ آهي، ۽ سڄي زمين هن جي اڳيان خاموش رهي.

Currently Selected:

حبقوق 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in