YouVersion Logo
Search Icon

حبقوق 1

1
1اُهو ڪلام جو حبقوق نبيءَ ڏٺو.
2اي خداوند ڪيستائين آءٌ دانهون ڪندس ۽ تون نہ ٻڌندين؟ آءٌ تو وٽ ظلم زبردستيءَ جون دانهون ٿو ڪريان، پر تون بچائين نٿو. 3ڇو تون مون کي بي انصافي ۽ ڏنگائي ٿو ڏيکارين؟ ڦرلٽ ۽ ظلم زبردستي منهنجي اڳيان آهن، ۽ جهيڙو ۽ بحث پيو هلي. 4تنهنڪري قاعدو قانون ڍرو ٿي ويو آهي؛ ۽ پوري عدالت ڪانہ ٿي ٿئي؛ ڇالاءِ جو شرير سچن کي گهيري ٿا وڃن، تنهنڪري عدالت ڏنگي ٿي ويئي آهي. 5اوهين قومن تي ڌيان ڏيئي نظر ڪريو ۽ گهڻو عجب ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ اوهانجن ڏينهن ۾ اهڙو ڪم ڪندس جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌايو ويندو، تہ اوهين اعتبار ڪين ڪندا. 6ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ ڪسدين کي، جا ڪَرڙي ۽ اُٻري قوم آهي، اُٿاري کڙو ڪندس: جي سڄي زمين تي هلن ٿا ۽ اُهي جايون هٿ ٿا ڪن جي سندن ناهن. 7هو خوفناڪ ۽ هيبتناڪ آهن. هنن جي عدالت ۽ هنن جي وڏائي منجهانئن نڪري ٿي. 8هنن جا گهوڙا بہ چيتن کان تکا آهن، ۽ شام جي بگهڙن کان وڌيڪ خوفناڪ آهن. هنن جا گهوڙي سوار مغروريءَ ۾ وڌندا ٿا اچن: هائو، هنن جا گهوڙي سوار پري پري کان ائين اُڏامندا ٿا اچن جيئن عقاب شڪار ڳڙڪائڻ لاءِ ايندو آهي. 9هو سڀ زور زبردستيءَ لاءِ ٿا اچن: هنن جا منهن اهڙي شوق سان ڀريل آهن، جهڙو اُڀرندي جو واءُ؛ ۽ هو واريءَ وانگي قيدي گڏ ٿا ڪن. 10هو بادشاهن تي ٺٺوليون ٿا ڪن. ۽ شهزادا هنن جي اڳيان کل چرچو آهن: هو سڀ ڪنهن مضبوط قلعي تي کلن ٿا؛ ڇالاءِ جو هو دمدما ٻڌي انهي کي فتح ٿا ڪن. 11تڏهن هو واءُ وانگي گذري ٿا وڃن، ۽ قصور ڪري ڏوهاري ٿا ٿين، ڇالاءِ جو هنن جو زور سندن خدا آهي. 12اي خداوند منهنجا خدا، اي منهنجا پاڪ خدا، تون هميشہ کان ناهين ڇا؟ اسين ڪين مرنداسين. اي خداوند تو هن کي عدالت لاءِ مقرر ڪيو آهي، ۽ تو، يعني اسان جي پناهہ، هن کي سيکت لاءِ قائم ڪيو آهي. 13تنهنجون اکيون اهڙيون پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسي نٿو سگهين، ۽ شرارت ڏي نهاري نٿو سگهين، سو ڪهڙي سبب هنن تي نظر ٿو ڪرين جي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ جڏهن شرير، پاڻ کان وڌيڪ سچي ماڻهو کي ڳهي وڃي ٿو، تڏهن ڇو ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؛ 14۽ ماڻهن کي سمنڊ جي مڇين وانگر ۽ ڪينئن وانگر ٿو ڪرين، جيئن تہ سندن مالڪ ئي ڪونهي؟ 15هو انهن سڀني کي ڪنڍيءَ سان ڪڍي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ٿو، ۽ انهن کي پنهنجي وڏي ڄار ۾ گڏ ڪري ٿو، ۽ هو خوش ۽ سرهو ٿو ٿئي. 16تنهنڪري هو پنهنجي ڄار جي لاءِ قرباني ۽ پنهنجي وڏيءَ ڄار جي لاءِ لوبان ٿو ساڙي؛ ڇالاءِ جو انهن جي وسيلي هن جو حصو وڏو ۽ هن جو کاڌو ججهو ٿئي ٿو. 17هاڻي هو پنهنجي ڄار خالي ڪندو ڇا ۽ قومن کي هميشہ قتل ڪرڻ کان بس نہ ڪندو ڇا؟

Currently Selected:

حبقوق 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in