رومين 3
3
خدا جي وفا
1تہ پوءِ يھودي ٿي طھر ڪرائڻ مان ڪھڙو فائدو آھي؟ 2گھڻو ئي فائدو آھي. پھريون فائدو تہ خدا کين پنھنجو ڪلام سونپيو. 3پوءِ جيڪڏھن انھن مان ڪن وفاداري نہ ڪئي تہ ڇا انھن جي بيوفائي خدا جي وفا کي بيڪار بڻائيندي؟ 4#زب ۴:۵۱ ائين بلڪل نہ آھي، خدا سچو آھي توڙي جو ھر ھڪ انسان ڪوڙو ھجي، جيئن لکيل آھي تہ
”اي خدا! تون ھميشہ پنھنجن ڳالھين ۾
سچو ثابت ٿيو آھين،
۽ ھر آزمائش ۾ ڪامياب ٿيو آھين.“
5پر آءٌ ماڻھن جي ئي بحث مطابق پڇي سگھان ٿو تہ جيڪڏھن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا جو انصاف ظاھر ٿئي ٿو تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ خدا بيانصاف آھي، جو ھو غضب ٿو نازل ڪري؟ 6ائين بلڪل نہ آھي، ڇالاءِجو جيڪڏھن ائين ھجي تہ پوءِ خدا ڪھڙيءَ طرح جھان جو انصاف ڪندو؟
7پوءِ جيڪڏھن منھنجي ڪوڙ جي ڪري خدا جي سچائي ايتري تہ وڌيڪ پڌري ٿي جو سندس جلوو ظاھر ٿيو، تہ پوءِ مون تي گنھگار وانگر فتويٰ ڇو ٿي جاري ڪئي وڃي؟ 8پوءِ اوھين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انھيءَ مان ڀلائي ٿئي“؟ ڪي ماڻھو اسان تي ھيءَ تھمت ٿا ھڻن تہ اھا ئي اسان جي تعليم آھي. اھڙن ماڻھن جو ڏوھي ٿيڻ ئي انصاف آھي.
ڪوبہ سچار نہ آھي
9پوءِ ڀلا، اسين يھودي ڪنھن بہ نموني ٻين قومن کان بھتر آھيون ڇا؟ نہ، بلڪل نہ. مون اوھان کي اڳي ئي ٻڌايو آھي تہ يھودي ۽ غير قوم وارا سڀ برابر آھن ۽ سڀيئي ھڪ جھڙا گناھن ۾ ڦاٿل آھن. 10#زب ۱:۱۴–۳، ۱:۵۳–۳ جيئن لکيل آھي تہ
”ڪوبہ سچار نہ آھي، ھڪڙو بہ نہ.
11ڪوبہ سمجھو نہ آھي،
ڪوبہ خدا جو طالبو نہ آھي.
12سڀني ماڻھن خدا کان منھن موڙيو آھي،
سڀيئي گمراھہ ٿي ويا آھن.
ڪوبہ نيڪي ڪندڙ ڪونھي، نہ، ھڪڙو بہ نہ.
13 # زب ۹:۵، ۳:۱۴۰ انھن جا وات کليل قبرن مثل آھن،
يعني انھن جي زبانن مان ٺڳي نڪري ٿي.
سندن چپن مان نڪتل لفظ
نانگ جي زھر وانگر آھن.
14 # زب ۷:۱۰ انھن جا وات،
ڦٽ لعنت ۽ نفرت سان ڀريل آھن.
15 # يس ۷:۵۹–۸ انھن جا قدم،
خونريزي ڪرڻ لاءِ تڪڙا ٿا ھلن.
16اُھي جتي بہ وڃن ٿا تہ
تباھي ۽ مصيبت ٿا پکيڙين.
17انھن کي امن جي رستي جي سُڌِ نہ آھي،
18 # زب ۱:۳۶ نہ وري کين ڪو خدا جو خوف ئي آھي.“
19ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت رڳو انھن تي واجب آھي، جيڪي شريعت تحت رھن ٿا. آخرڪار نتيجو اھو نڪتو تہ ڪوبہ ماڻھو ائين چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس گناھہ جي خبر ڪانہ ھئي، بلڪ سڄي دنيا خدا ڏانھن جوابدار آھي. 20#زب ۲:۱۴۳، گل ۱۶:۲ مطلب تہ شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻھو خدا ڏانھن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. شريعت جي وسيلي تہ رڳو کيس گناھن جي خبر پوي ٿي.
ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿيڻ
21ھاڻي اھو ظاھر ٿي چڪو آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. شريعت جو ان سان ڪوبہ واسطو نہ آھي. انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي شريعت ۽ نبي ڏين ٿا. 22#گل ۱۶:۲ خدا ماڻھن کي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ئي وسيلي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو. خدا سڀني سان ائين ڪري ٿو جيڪي مسيح تي ايمان آڻين ٿا، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير يھودي. 23سڀني ماڻھن گناھہ ڪيو آھي ۽ خدا جي جلوي کان محروم آھن. 24رڳو خدا جي فضل جي بخشش جي ڪري اھي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻجن ٿا، جيڪو کين گناھن کان ڇڏائي ٿو. 25عيسيٰ مسيح جي قربانيءَ جي ڪري خدا کيس اھڙو ڪفارو بڻايو، جو جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تہ ان جا گناھہ معاف ٿيندا. ان مان اھو ظاھر ٿو ٿئي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. ھن کان اڳي خدا صبر ڪيو ۽ ماڻھن جي ڏوھن کي درگذر ڪيائين. 26پر ھاڻي خدا پنھنجو انصاف ظاھر ڪري ٿو. جيئن تہ ھو پاڻ سچو آھي، سو ھر انھيءَ کي پاڻ ڏانھن سچار بڻائي ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو.
27پوءِ اسان کي فخر ڪرڻ نہ گھرجي، ڇالاءِجو اسين شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو ايمان جي ئي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿي سگھون ٿا. 28آخرڪار نتيجو اھو نڪتو جو اسين شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿي سگھون ٿا. 29ڇا خدا رڳو يھودين جو خدا آھي؟ ڇا ھو غير قومن جو خدا نہ آھي؟ ھا، ھو بلڪل آھي. 30#شر ۴:۶، گل ۲۰:۳ بيشڪ خدا ھڪڙو ئي آھي، جيڪو طھريلن توڙي اڻطھريلن کي سندن ايمان آڻڻ جي ڪري ئي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو. 31ڇا ھن جو مطلب اھو ٿيو تہ اسين ايمان آڻڻ جي ڪري شريعت کي منسوخ ٿا ڪريون؟ نہ، بلڪل نہ، اسين تہ شريعت کي قائم ٿا ڪريون.
Currently Selected:
رومين 3: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society