عيسيٰ مسيح جي قربانيءَ جي ڪري خدا کيس اھڙو ڪفارو بڻايو، جو جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تہ ان جا گناھہ معاف ٿيندا. ان مان اھو ظاھر ٿو ٿئي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. ھن کان اڳي خدا صبر ڪيو ۽ ماڻھن جي ڏوھن کي درگذر ڪيائين. پر ھاڻي خدا پنھنجو انصاف ظاھر ڪري ٿو. جيئن تہ ھو پاڻ سچو آھي، سو ھر انھيءَ کي پاڻ ڏانھن سچار بڻائي ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو.