اي انسان! تون اھڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي ڏوھہ تہ ڏين ٿو، پر پاڻ ساڳيا ئي ڪم ٿو ڪرين. ڇا تون ائين سمجھين ٿو تہ خدا جي فيصلي کان بچي ويندين؟ يا تون خدا جي ڀلائي، بردباري ۽ صبر جي نعمتن کي گھٽ ٿو سمجھين. ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبھہ ڏانھن ڇڪي رھي آھي.