YouVersion Logo
Search Icon

رومين 13

13
حڪومت جي تابعداري
1ھر ڪنھن شخص کي ملڪ جي حڪومتن جو تابعدار رھڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو اھڙي ڪابہ حڪومت ڪانھي جا خدا جي طرفان نہ ھجي. جيڪي ⁠بہ حڪومتون آھن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آھن. 2تنھنڪري جيڪو بہ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو سو خدا جي حڪم جي مخالفت ٿو ڪري ۽ جيڪي خدا جي حڪم جي مخالفت ڪندا سي پنھنجي سزا ڀوڳيندا. 3چڱن ڪمن ڪندڙن کي حاڪمن کان ڊڄڻ نہ گھرجي، بلڪ انھن کي ڊڄڻ گھرجي جيڪي بڇڙا ڪم ٿا ڪن. سو جيڪڏھن تون حاڪم کان ڊڄڻ نہ ٿو گھرين، تہ پوءِ چڱا ڪم ڪر تہ ھو تنھنجي نيڪي ڪندو. 4ڇالاءِ⁠جو ھو تنھنجي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آھي. پر جيڪڏھن تون بڇڙا ڪم ڪرين ٿو تہ ھن کان ڊڄ، ڇالاءِ⁠جو ھو بنا سبب تلوار نہ ٿو کڻي. ھو خدا جو خادم آھي ۽ سندس غضب موجب بدڪار کي سزا ٿو ڏئي. 5تنھنڪري نہ رڳو سزا ملڻ جي ڊپ کان، بلڪ پنھنجي ضمير جي خاطر اوھان کي حڪومتن جو تابعدار رھڻ گھرجي.
6 # مت ۲۱‏:۲۲، مر ۱۷‏:۱۲، لو ۲۵‏:۲۰ اھو ئي سبب آھي جو اوھين محصول ڏيندا آھيو، ڇالاءِ⁠جو حڪومتون جڏھن پنھنجا فرض پورا ٿيون ڪن تہ ڄڻڪ اھي خدا جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون. 7سڀني جو حق ادا ڪريو. جنھن کي ڍل ڏيڻي ھجي تنھن کي ڍل ڏيو، جنھن کي محصول ڏيڻو ھجي تنھن کي محصول ڏيو، جنھن کان ڊڄڻ گھرجي تنھن کان ڊڄو ۽ جنھن جي عزت ڪرڻ گھرجي تنھن جي عزت ڪريو.
ھڪ ٻئي جا فرض
8سواءِ ھڪ ٻئي جي پيار جي ڪنھن جا بہ قرضدار نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، سو شريعت جا حڪم پورا ٿو ڪري. 9#خر ۱۳‏:۲۰‎–۱۵‏،۱۷، شر ۱۷‏:۵‎–۲۱‏:۱۹، لاو ۱۸‏:۱۹ شريعت جا حڪم آھن تہ ”زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر ۽ لالچ نہ ڪر.“ ٻيا جيڪي حڪم آھن سي ھن ھڪڙيءَ ڳالھہ ۾ اچي وڃن ٿا تہ ”تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“ 10جيڪو پنھنجي پاڙيسريءَ سان پيار ڪري ٿو سو ان سان بڇڙائي نہ ٿو ڪري. تنھنڪري پيار ڪرڻ ئي پوري شريعت تي عمل ڪرڻ آھي.
11اوھين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، ڇالاءِ⁠جو ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي، جنھن ۾ اوھان کي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن وقت اسان ايمان آندو ھو تنھن وقت جي نسبت ھاڻي اسان جو ڇوٽڪارو وڌيڪ ويجھو آھي. 12رات گھڻي گذري چڪي آھي ۽ ڏينھن ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اچو تہ اونداھيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا ھٿيار ٻڌون. 13اھڙيءَ طرح فضيلت سان ھلون جيئن ڏينھن جو ھلبو آھي. نہ ناچ رنگ ۽ نہ نشي ۾، نہ زناڪاري ۽ نہ شھوت⁠پرستيءَ ۾، نہ جھيڙي ۽ نہ حسد ۾ ھلون. 14پر خداوند عيسيٰ مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪيو ۽ جسماني خواھشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.

Currently Selected:

رومين 13: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in