رومين 14
14
ھڪ ٻئي تي تھمت نہ ھڻجي
1 # ڪل ۱۶:۲ جنھن جو ايمان ڪمزور آھي تنھن جو آڌرڀاءُ ڪريو، پر انھيءَ سان اجايو بحث نہ ڪريو. 2ھڪڙي ماڻھوءَ جو اعتقاد آھي تہ ھر ڪا شيءِ کائڻ جائز آھي، پر ٻئي جو ايمان ڪمزور آھي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي. 3جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تھمت نہ ھڻي، ڇالاءِجو خدا ھن کي قبول ڪيو آھي. 4تون ڪير ٿيندو آھين جو ڪنھن ٻئي جي نوڪر تي تھمت ٿو ھڻين؟ انھيءَ جي ڪامياب يا ناڪام ھجڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آھي. پر ھو ڪامياب ٿيندو، ڇالاءِجو خداوند ھن کي ڪامياب ڪري سگھي ٿو.
5ڪو ماڻھو سمجھي ٿو تہ فلاڻو ڏينھن ٻين ڏينھن کان وڌيڪ بھتر آھي. پر ٻئي ماڻھوءَ لاءِ سڀ ڏينھن ھڪ جھڙا آھن. ھر ھڪ کي پنھنجو پنھنجو پختو خيال ھئڻ گھرجي. 6جيڪڏھن ڪو ڪنھن ڏينھن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ ھو خداوند جي ڪري ئي ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي کائي ٿو، ڇالاءِجو ھو انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي نہ ٿو کائي ۽ ھو بہ انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. 7اسان مان ڪوبہ پنھنجي لاءِ نہ ٿو جيئي ۽ نڪي پنھنجي لاءِ ٿو مري. 8سو جيڪڏھن اسين جيئون ٿا تہ خداوند جي خاطر ۽ جي مرون ٿا تہ بہ خداوند جي خاطر. تنھنڪري اسين جيئون توڙي مرون تہ بہ خداوند جا ئي آھيون. 9مسيح انھيءَ لاءِ مئو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو تہ جيئن ھو مئلن توڙي جيئرن ٻنھي جو خداوند ٿئي. 10#۲.ڪر ۱۰:۵ تہ پوءِ تون پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ تي تھمت ڇو ٿو ھڻين؟ يا وري پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي گھٽ ڇو ٿو سمجھين؟ ڇالاءِجو اسين سڀ خدا جي آڏو حاضر ٿينداسين ۽ اھو ئي فيصلو ڪندو. 11#يس ۲۳:۴۵ جيئن لکيل آھي تہ
”خداوند فرمائي ٿو تہ
’آءٌ جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ
ھر ھڪ منھنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو،
۽ سڀڪا زبان مون خدا جي واکاڻ ڪندي.‘“
12اھڙيءَ طرح اسان مان ھر ھڪ خدا کي پنھنجو پنھنجو حساب ڏيندو.
ھڪ ٻئي کي گمراھہ نہ ڪريو
13تنھنڪري اسان کي گھرجي تہ ھڪ ٻئي تي تھمت نہ ھڻون، بلڪ اسان تي اھو فرض آھي تہ اسان مان ڪوبہ ماڻھو پنھنجي ڀاءُ لاءِ ڪا اھڙي ڳالھہ نہ ڪري جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا گمراھہ ٿي وڃڻ جو سبب بڻجي. 14آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ خداوند عيسيٰ جي وسيلي مون کي يقين آھي تہ اھڙي ڪابہ شيءِ نہ آھي جيڪا خود ناپاڪ آھي. پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو اعتقاد آھي تہ فلاڻي شيءِ ناپاڪ آھي، تہ پوءِ اھا انھيءَ جي لاءِ ناپاڪ آھي. 15جيڪڏھن تنھنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنھنجي ڀاءُ کي رنج پھچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو ھلين. جنھن شخص جي خاطر مسيح پنھنجي جان ڏني تنھن کي تون پنھنجي کاڌي جي ڪري برباد نہ ڪر. 16اھو خيال رک تہ جنھن شيءِ کي تون چڱو ٿو سمجھين تنھن کي ٻيا خراب نہ سمجھن. 17ڇالاءِجو خدا جي بادشاھت کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اھا سچائيءَ، ميل ميلاپ ۽ انھيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آھي جيڪا پاڪ روح جي طرفان آھي. 18جيڪو بہ اھڙي نموني مسيح جي خدمت ٿو ڪري، سو خدا کي پسند آھي ۽ ماڻھن ۾ بہ مقبول آھي.
19پوءِ اچو تہ اسين اھڙا ڪم ڪريون، جن مان صلح پيدا ٿئي ۽ ھڪ ٻئي کي سڌاري سگھون. 20کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پاڪ آھن، پر جنھن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻھو گمراھہ ٿئي ٿو تہ اھا شيءِ انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ خراب آھي. 21چڱو تہ ائين ٿيندو جو تون نہ گوشت کاءُ، نڪي مئي پيءُ ۽ نہ وري اھڙو ڪم ڪر، جنھن جي ڪري تنھنجو ڀاءُ گمراھہ ٿئي. 22ھنن ڳالھين بابت تنھنجو جيڪو اعتقاد آھي سو پنھنجيءَ دل ۾ ئي رک. سڀاڳو آھي اھو ماڻھو جيڪو انھيءَ ڪم جي ڪرڻ سان جيڪو سندس نظر ۾ چڱو آھي، پاڻ کي ڏوھاري نہ ٿو محسوس ڪري. 23پر جيڪو ڪنھن شيءِ ۾ شڪ رکندي بہ اھا کائيندو تہ اھو ڏوھاري ٿيندو، ڇالاءِجو ھو اھا شيءِ اعتقاد سان نہ ٿو کائي ۽ جيڪو ڪم اعتقاد سان نہ ڪيو وڃي سو گناھہ آھي.
Currently Selected:
رومين 14: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society