YouVersion Logo
Search Icon

متي 18

18
وڏو ڪير؟
(مرقس ۳۳‏:۹‎–۳۷، لوقا ۴۶‏:۹‎–۴۸)
1 # لو ۲۴‏:۲۲ انھيءَ مھل شاگرد عيسيٰ وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”آسمان واري بادشاھت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آھي؟“ 2تنھن تي عيسيٰ ھڪ ٻار کي سڏي انھن جي سامھون بيھاري 3#مر ۱۵‏:۱۰، لو ۱۷‏:۱۸ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اوھين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آسمان واري بادشاھت ۾ ڪڏھن بہ داخل ٿي نہ سگھندا. 4آسمان واري بادشاھت ۾ سڀ کان وڏو اُھو آھي جيڪو پاڻ کي ھن ٻار وانگر نماڻو ۽ نھٺو ٿو ڪري، 5۽ جيڪوبہ اھڙن ٻارن کي منھنجي ڪري قبول ٿو ڪري تنھن ڄڻ مون کي قبول ڪيو.“
گمراھہ ڪرڻ واري لاءِ سزا
(مرقس ۴۲‏:۹‎–۴۸، لوقا ۱‏:۱۷‎–۲)
6عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ھي ننڍڙا جن جو مون تي ايمان آھي، تن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪڏھن ڪو گمراھہ ڪندو، تنھن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو تہ کيس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي. 7ھن دنيا کي حيف آھي، جنھن جون شيون ماڻھن کي گمراھہ ٿيون ڪن. گمراھي تہ ضرور ٿيندي پر مصيبت آھي اُن ماڻھوءَ لاءِ جنھن جي وسيلي گمراھي ٿئي ٿي.
8 # مت ۳۰‏:۵ جيڪڏھن تنھنجو ھٿ يا پير تو کي گمراھہ ڪري تہ اھو ڪپي پري اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو ٻنھي ھٿن يا پيرن سان دائمي باھہ ۾ پوڻ کان اھو بھتر آھي تہ تون ٽُنڊو يا منڊو جنت ۾ داخل ٿئين. 9#مت ۲۹‏:۵ جيڪڏھن تنھنجي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اُھا ڪڍي پري اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو ٻن اکين سان جھنم جي باھہ ۾ پوڻ کان اھو بھتر آھي تہ تون ڪاڻو ئي جنت ۾ داخل ٿئين.“
وڃايل رڍ جو مثال
(لوقا ۳‏:۱۵‎–۷)
10‏-11 # لو ۱۰‏:۱۹ ”ڏسو، متان ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي خسيس ڪري سمجھو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ ھنن جا ملائڪ ھر وقت منھنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رھن ٿا.#ڪن ترجمن ۾ ھي بہ شامل آھي: ابن⁠آدم تہ گمراھن کي ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ آيو آھي (ڏسو لوقا ۱۰‏:۱۹).
12ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ⁠سؤ رڍون ھجن ۽ انھن مان ھڪ وڃائجي وڃينس تہ ڇا ھو نوانوي رڍن کي ٽڪر تي چرندو ڇڏي اُن ھڪ وڃايل رڍ کي ڳولڻ لاءِ نہ ويندو؟ 13جڏھن ھو اھا رڍ لھي ٿو تہ آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ اُھي نوانوي جيڪي گم نہ ٿيون آھن تن کان وڌيڪ ھو انھيءَ ھڪ لاءِ خوشي ڪندو. 14ساڳيءَ طرح اوھان جو آسمان وارو پيءُ نہ ٿو چاھي تہ ھنن ننڍڙن مان ڪو ھڪڙو بہ گمراھہ ٿي وڃي.“
ڏوھہ ڪندڙ ڀاءُ کي ھدايت
15 # لو ۳‏:۱۷ ”جيڪڏھن اوھان جي ڪليسيا جو ڪو ماڻھو اوھان جو ڏوھہ ٿو ڪري تہ ھن کي اھو ڏوھہ اڪيلائيءَ ۾ ياد ڏياريو. جيڪڏھن ھن اوھان جي ڌيان سان ٻڌي تہ ڄڻ اوھان ھڪ ھم⁠ايمان کي موٽائي آندو، 16#شر ۱۵‏:۱۹ پر جيڪڏھن ھو اوھان جي ڌيان سان نہ ٻڌي تہ پوءِ جيئن لکيل آھي تہ ’ھڪڙو يا ٻہ شخص پاڻ سان وٺي وڃو تہ جيئن سڄو ڏوھہ ٻن يا ٽن شاھدن جي سامھون مٿس ثابت ٿئي.‘ 17جيڪڏھن ھو انھن کي انڪار ڪري تہ ڪليسيا کي ٻڌايو ۽ جيڪڏھن ڪليسيا کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ ھن کي غير قوم ۽ محصول اڳاڙيندڙن مان ڪري سمجھو.“
حلال ۽ حرام
18 # مت ۱۹‏:۱۶، يو ۲۳‏:۲۰ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جنھن ڳالھہ جي اوھين ھن زمين تي منع ڪندا تنھن جي بھشت ۾ بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنھن ڳالھہ جي اوھين ھن زمين تي اجازت ڏيندا تنھن جي بھشت ۾ بہ اجازت ڏني ويندي.
19آءٌ اوھان کي اھو بہ ٻڌايان ٿو تہ جڏھن اوھان مان ڪي ⁠بہ ٻہ گڏجي ھن زمين تي ڪنھن شيءِ لاءِ دعا گھرن ٿا تہ منھنجو آسمان وارو پيءُ اوھان لاءِ اھو ڪم ڪندو. 20ڇالاءِ⁠جو جتي بہ ٻہ يا ٽي منھنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انھن سان شامل آھيان.“
بڇڙي نوڪر جو مثال
21 # لو ۳‏:۱۷‎–۴ پوءِ پطرس عيسيٰ وٽ اچي پڇيو تہ ”خداوند، جيڪڏھن منھنجو ڪو ڀاءُ ڀيڻ منھنجو ڏوھہ ڪندو رھي تہ آءٌ کيس ڪيترا دفعا بخشي ڇڏيان؟ ڇا ست دفعا بخشي ڇڏيانس؟“ 22#پيد ۲۴‏:۴ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ست دفعا تہ آءٌ ڪونہ ٿو چوان، پر ستھتر دفعا. 23ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت ھڪ بادشاھہ وانگر آھي، جنھن پنھنجن نوڪرن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو ڪيو. 24جڏھن حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو تہ وٽس ھڪ اھڙو ماڻھو آندو ويو جنھن ڏانھن ھن جا ڪروڙين #چانديءَ جا سڪا: انھن ڏينھن ۾ چانديءَ جو ھڪ عام سڪو ھڪڙي ڏينھن جي مزوري ھوندي ھئي. ڏسو متي ۲‏:۲۰.چانديءَ جا سڪا قرض ھئا. 25پر ان نوڪر وٽ ايترو پيسو ڪونہ ھو جو کڻي قرض لاھي، تنھنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’ھن کي، سندس زال ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آھي تنھن کي بہ وڪڻي قرض جي ادائگي ڪئي وڃي.‘ 26نوڪر پنھنجي مالڪ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ’مون کي مھلت ڏيو. آءٌ اوھان جو سمورو قرض ادا ڪندس.‘ 27مالڪ کي ھن تي رحم اچي ويو سو کيس آزاد ڪري سندس سمورو قرض بخشي ڇڏيائين.
28اھو نوڪر ٻاھر نڪتو تہ پنھنجو ھڪ ساٿي نوڪر مليس جنھن ڏانھن ھن جا ھڪ ⁠سؤ چانديءَ جا سڪا قرض ھئا. تنھن کي جھلي ڳچيءَ کان وٺي چيائينس تہ ’مون کي منھنجو قرض ڏي.‘ 29ھن جي ساٿيءَ پيرن تي ڪري کيس ليلائي چيو تہ ’مون کي مھلت ڏي، آءٌ تو کي قرض واپس ڪندس.‘ 30پر ھن سندس ھڪ بہ نہ ٻڌي ۽ جيل ۾ وجھرايائينس جيستائين ھو قرض ادا نہ ڪري. 31جڏھن ان جي ساٿي نوڪرن ھي ڏٺو تہ کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اچي سارو احوال پنھنجي مالڪ کي ٻڌايائون. 32تنھن تي مالڪ ان نوڪر کي گھرائي چيو تہ ’اي بڇڙا نوڪر! مون تو کي پنھنجو سمورو قرض بخشي ڇڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ تو مون کي منٿون ڪيون ھيون. 33ڇا تو کي بہ اھڙيءَ طرح پنھنجي ساٿي نوڪر تي رحم ڪرڻ نہ کپندو ھو جيئن مون تو تي ڪيو؟‘ 34سو مالڪ اچي ڏاڍو ڏمريو ۽ انھيءَ نوڪر کي جلادن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، جيستائين ھو سمورو قرض واپس نہ ڪري. 35اھڙيءَ⁠ طرح منھنجو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان سان ڪندو، جيڪڏھن اوھين پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان نہ بخشيندءُ.“

Currently Selected:

متي 18: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy