YouVersion Logo
Search Icon

متي 17

17
عيسيٰ جو نوراني صورت ۾ ظاھر ٿيڻ
( مرقس ۲‏:۹‎–۱۳، لوقا ۲۸‏:۹‎–۳۶)
1 # ۲.پط ۱۷‏:۱‎–۱۸ ڇھن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ ھڪڙي مٿاھين جبل تي وٺي ويو. 2جيئن ئي ھنن عيسيٰ ڏانھن نھاريو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ ھن جو منھن سج وانگر چمڪڻ لڳو. سندس پوشاڪ نوراني ٿي ويئي. 3پوءِ انھن موسيٰ ۽ الياس نبيءَ کي ڏٺو جيڪي عيسيٰ سان ڳالھيون ڪري رھيا ھئا. 4تنھن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! اھا اسان جي خوش⁠نصيبي آھي جو اسين ھتي آھيون. جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تہ آءٌ ھتي ٽي تنبو کڻي کوڙيان، ھڪ اوھان لاءِ، ھڪ موسيٰ لاءِ ۽ ھڪ الياس لاءِ.“ 5#پيد ۲‏:۲۲، شر ۱۵‏:۱۸، زب ۷‏:۲، يس ۱‏:۴۲، مت ۱۷‏:۳، ۱۸‏:۱۲، مر ۱۱‏:۱، لو ۲۲‏:۳ اڃا ھو ڳالھائي ئي پيو تہ ھڪ تمام اڇي ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي ۽ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ ھن مان آءٌ گھڻو خوش آھيان. اوھين ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“ 6جڏھن شاگردن ھي آواز ٻڌو تہ اُھي ايترا تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منھن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون. 7عيسيٰ انھن وٽ اچي کين ھٿ لائي چيو تہ ”اٿو ۽ ڊڄو نہ.“ 8پوءِ انھن اکيون کڻي نھاريو تہ عيسيٰ کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبہ ڪونہ ھو.
9جيئن ھو جبل تان ھيٺ لٿا پئي تہ عيسيٰ انھن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ اھو تيستائين ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين ابن⁠آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“ 10#ملا ۵‏:۴ پوءِ شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”شريعت جا عالم ڇو ٿا چون تہ پھريائين الياس نبيءَ جو اچڻ ضروري آھي؟“ 11ھن وراڻيو تہ ”برابر، الياس پھريائين ايندو ۽ ھر ھڪ شيءِ تيار ڪندو. 12#مت ۱۴‏:۱۱ پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو ۽ ماڻھن ھن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح ابن⁠آدم سان بہ اُھي ائين ئي سلوڪ ڪندا.“ 13پوءِ شاگردن سمجھيو تہ ھو ساڻن يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري بابت ڳالھائي رھيو ھو.
مرگھيءَ واري ڇوڪري مان ڀوت ڪڍڻ
(مرقس ۱۴‏:۹‎–۲۹، لوقا ۳۷‏:۹‎–۴۳)
14جڏھن اُھي خلق ڏانھن موٽيا تہ ھڪڙو ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي 15چيائين تہ ”سائين! منھنجي پٽ تي رحم ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن کي مرگھيءَ جو اھڙو خوفناڪ مرض آھي جو اڪثر ڪري باھہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري. 16آءٌ کيس اوھان جي شاگردن وٽ وٺي آيو ھوس، پر اُھي کيس ڇٽائي نہ سگھيا.“ 17تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بي⁠يقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان وٽ ھوندس؟ ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچ.“ 18عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو تہ ھو نڪري ويو ۽ انھيءَ گھڙيءَ ڇوڪرو چڱو ڀلو ٿي پيو.
19پوءِ شاگرد عيسيٰ وٽ نويڪلائيءَ ۾ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”اسين ھن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسون؟“ 20‏-21#مت ۲۱‏:۲۱، مر ۲۳‏:۱۱، ۱.ڪر ۲‏:۱۳ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوھين اھو ڀوت انھيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوھان ۾ ايترو ايمان ڪونہ ھو. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين ھن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’ھتان ھلي ھُتي وڃ‘ تہ ھو ويندو. اوھان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻ⁠ٿيڻي نہ آھي.“#ڪن ترجمن ۾ ھي بہ شامل آھي: پر دعا ۽ روزن کان سواءِ اھڙن ڀوتن کي ڪڍي نہ سگھبو آھي (ڏسو مرقس ۲۹‏:۹).
ٻيو دفعو پنھنجي موت بابت ٻڌائڻ
(مرقس ۳۰‏:۹‎–۳۲، لوقا ۴۳‏:۹‎–۴۵)
22جڏھن سڀيئي شاگرد گليل ۾ اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انھن کي ٻڌايو تہ ”ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو. 23اھي کيس ماري ڇڏيندا پر ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ تنھن تي شاگرد ڏاڍا غمگين ٿيا.
ھيڪل جي محصول جي ادائگي
24 # خر ۱۳‏:۳۰، ۲۶‏:۳۸ جڏھن عيسيٰ ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم ۾ اچي پھتا تہ ھيڪل جا محصول اڳاڙيندڙ پطرس وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڇا تنھنجو استاد ھيڪل جو محصول ڏيندو آھي؟“ 25تنھن تي پطرس وراڻيو تہ ”ھائو.“ جڏھن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ ھن جي ڳالھائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ پڇيس تہ ”شمعون! تنھنجي ڪھڙي راءِ آھي؟ دنيا جي بادشاھن کي محصول ۽ ڍلون ڪير ڏيندا آھن؟ ڇا ملڪ جا رھاڪو ڏيندا آھن يا ڌاريا؟“ 26تنھن تي پطرس جواب ڏنو تہ ”ڌاريا.“ عيسيٰ چيو تہ ”چڱو، پوءِ ان جو مطلب تہ ملڪ جا رھاڪو محصول ڏيڻ کان آجا آھن. 27پر اسين ھنن ماڻھن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاھيون. تنھنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پھرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو ھڪ وڏو سڪو ڏسندين. اھو کڻي وڃي منھنجي ۽ پنھنجي پاران ھنن کي ھيڪل جو محصول ڏي.“

Currently Selected:

متي 17: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy