گلتين 4
4
1پر منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ وارث جيستائين ٻار آھي، جيتوڻيڪ ھو ھر شيءِ جو مالڪ آھي، تنھن ھوندي بہ انھيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق ڪونھي. 2پر جيڪو وقت پيءُ مقرر ڪيو آھي، انھيءَ وقت تائين ھو سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس ۾ رھندو آھي. 3ساڳيءَ طرح اسين بہ جڏھن ٻار ھئاسين تڏھن دنيا جي ابتدائي اصولن جا پابند ٿي غلاميءَ جي حالت ۾ رھياسين. 4پر جڏھن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنھنجو فرزند موڪليو جيڪو عورت جي پيٽان پيدا ٿيو ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو. 5#رو ۱۵:۸–۱۷ انھيءَ لاءِ تہ جيڪي شريعت جي ماتحت ھئا تن کي ھو مُلھہ ڏيئي ڇڏائي، تہ جيئن اسان کي گود ورتل ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئي.
6جيئن تہ اوھين خدا جا ٻار آھيو، تنھنڪري خدا پنھنجي فرزند جو روح اوھان جي دلين ۾ بہ موڪليو آھي. اھو روح ”اي منھنجا بابا!“ چئي پڪاري ٿو. 7تنھنڪري اڳتي اوھين غلام نہ، بلڪ ٻار آھيو. ھاڻي جڏھن تہ ٻار آھيو، تڏھن خدا اوھان کي وارث بہ بڻايو آھي.
گلتين لاءِ پولس جي ڳڻتي
8بيشڪ اڳئين زماني ۾ خدا جي ڄاڻ نہ ھوندي اوھين انھن شين جي غلاميءَ ۾ ھئا جيڪي حقيقت ۾ خدا نہ آھن. 9پر ھاڻي جڏھن اوھين خدا کي ڄاڻو ٿا، بلڪ خدا اوھان کي ڄاتو آھي تہ پوءِ وري اوھين انھن ڪمزور ۽ خسيس ابتدائي اصولن ڏانھن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوھين ٻيھر انھن جي غلاميءَ ۾ رھڻ جي خواھش ٿا ڪريو؟ 10اوھين خاص ڏينھن، مھينن، وقتن ۽ سالن کي مڃيندا ٿا رھو. 11مون کي اوھان بابت ڊپ آھي تہ متان ائين نہ ٿئي جو جيڪا محنت مون اوھان تي ڪئي آھي سا اجائي ٿي وڃي.
12اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين مون جھڙا ٿيو، ڇالاءِجو آءٌ بہ اوھان جھڙو ٿيو آھيان. اوھان مون کي ڪوبہ نقصان نہ رسايو آھي. 13جيئن تہ اوھين ڄاڻو ٿا تہ مون پھرين دفعي جسم جي ھيڻائيءَ ۽ بيماريءَ سبب اوھان کي خوشخبري ٻڌائي ھئي. 14جيتوڻيڪ منھنجي جسماني حالت اوھان لاءِ ھڪ آزمائش ھئي تڏھن بہ اوھان مون کي نہ ڪي حقير سمجھيو، نڪي ڌڪاريو. پر اوھان مون کي خدا جي ملائڪ وانگر، بلڪ عيسيٰ مسيح وانگر قبول ڪيو. 15پوءِ اوھان جي اھا سرھائي ڪٿي آھي؟ ڇالاءِجو آءٌ اوھان جو شاھد آھيان تہ جي ائين ٿي سگھي ھا تہ جيڪر اوھين پنھنجيون اکيون بہ ڪڍي مون کي ڏيو ھا. 16تڏھن ھاڻي سچ چوڻ ڪري آءٌ اوھان جو دشمن ٿي پيو آھيان ڇا؟
17اھي شريعت جا پابند اوھان کي پنھنجو بنائڻ جي ڪوشش تہ ڪن ٿا، پر سندن نيت صاف نہ آھي. اھي اوھان کي مون کان ڌار ڪرڻ چاھين ٿا تہ جيئن اوھين رڳو انھن کي ئي پنھنجو سمجھو. 18پنھنجي طرف ڪرڻ جو جذبو تہ سٺي ڳالھہ آھي، بشرطيڪ نيت صاف ھجي. پر ائين ھميشہ ڪيو وڃي، نہ رڳو تڏھن جڏھن آءٌ اوھان ۾ موجود ھجان. 19اي منھنجا ٻارڙؤ! آءٌ اوھان جي لاءِ وري ٻار ڄڻيندڙ عورت وانگر سور محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوھين پوريءَ طرح مسيح جھڙا بڻجي نہ ٿا وڃو. 20شل ھاڻي ئي آءٌ اوھان وٽ حاضر ٿي ڪنھن ٻئي نموني ڳالھايان، ڇالاءِجو مون کي اوھان بابت ڏاڍو مونجھارو آھي.
ھاجرہ ۽ سارہ جو مثال
21اوھين جيڪي شريعت جي تابع رھڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوھين شريعت جون ڳالھيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟ 22#پيد ۱۵:۱۶، ۲:۲۱ ڇالاءِجو ان ۾ لکيل آھي تہ ابراھيم کي ٻہ پٽ ھئا، ھڪڙو ٻانھيءَ مان ۽ ٻيو سندس زال مان جيڪا ٻانھي نہ ھئي. 23ٻانھيءَ وارو پٽ جسماني طرح ڄائو ھو، پر آزاد زال وارو پٽ خدا جي واعدي موجب ڄائو ھو. 24انھن ڳالھين مان ھڪڙو مثال وٺجي ٿو، ڇالاءِجو اھي ٻہ عورتون ڄڻ تہ ٻہ عھد آھن. انھن مان ھڪڙو سينا جبل وارو آھي، جنھن ڪري غلام ئي پيدا ٿين ٿا ۽ اھا آھي ھاجرہ. 25ھاڻي اھا ھاجرہ عربستان جي سينا جبل جي مثل آھي ۽ ان جي ڀيٽ ھاڻوڪي يروشلم سان ڪري سگھجي ٿي، ڇالاءِجو اھو شھر بہ پنھنجي رھاڪن سميت غلاميءَ ۾ آھي. 26پر آسماني يروشلم آزاد آھي ۽ اھا اسان جي ماءُ آھي. 27#يس ۱:۵۴ ڇالاءِجو لکيل آھي تہ
”اي سنڍ زال! تون جا ٻار نہ ٿي ڄڻين،
سا خوشي ڪر.
تون، جنھن کي ڪڏھن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آھن،
سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار،
ڇالاءِجو نڌڻڪيءَ زال جا ٻار
مڙس واري زال جي ٻارن کان گھڻا آھن.“
28ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اسحاق وانگر خدا جي واعدي موجب پيدا ٿيل اولاد آھيون. 29#پيد ۹:۲۱ پر جيئن انھيءَ وقت جسماني طرح پيدا ٿيل ٻار، پاڪ روح موجب پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو ھو، تيئن ئي ھاڻي بہ ٿئي ٿو. 30#پيد ۱۰:۲۱ مگر پاڪ ڪتاب ڇا ٿو چوي؟ اھو تہ ”ٻانھيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ. ڇالاءِجو ٻانھيءَ جو پٽ، آزاد زال جي پٽ سان گڏ ھرگز وارث نہ ٿيندو.“ 31تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين ٻانھيءَ جا نہ بلڪ آزاد زال جا ٻار آھيون.
Currently Selected:
گلتين 4: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society