YouVersion Logo
Search Icon

گلتين 3

3
شريعت يا ايمان
1اي نادان گلتيو! ڪنھن اوھان تي جادو ڪيو آھي؟ اوھان جي اکين اڳيان تہ عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙھي سندس موت جو منظر ظاھر ظھور ڏيکاريو ويو. 2آءٌ اوھان کان رڳو ايترو معلوم ڪرڻ ٿو گھران تہ پاڪ روح اوھان کي خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ ڪري مليو يا شريعت جي ڪمن ڪرڻ ڪري؟ 3اوھين ايترا نادان آھيو ڇا جو پاڪ روح جي وسيلي نئين زندگي شروع ڪري ھاڻي جسماني طور ان جي پڄاڻي ڪرڻ چاھيو ٿا؟ 4اوھان ھيتريون تڪليفون اجايو سٺيون ڇا؟ اھي سچ⁠پچ اجايو ھيون ڇا؟ 5خدا اوھان کي پاڪ روح بخشي ٿو ۽ اوھان ۾ معجزا ڪري ٿو. پوءِ ڇا ھو اھو ڪم اوھان جي شريعت جي ڪمن ڪرڻ سبب ٿو ڪري يا خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ سبب؟
6 # پيد ۶‏:۱۵، رو ۳‏:۴ ابراھيم جو مثال وٺو، جنھن خدا تي ايمان آندو ۽ سندس اھو ايمان ھن لاءِ سچائي ليکيو ويو. 7#رو ۱۶‏:۴ سو ائين سمجھو تہ جيڪي ايمان وارا آھن، حقيقت ۾ اھي ئي ابراھيم جو اولاد آھن. 8#پيد ۳‏:۱۲ پاڪ ڪلام جي پيشنگوئي ھئي تہ خدا غير قومن کي ايمان جي وسيلي سچار بڻائيندو. سو ھن اڳي ئي اھا خوشخبري ابراھيم کي ٻڌائي تہ ”تنھنجي وسيلي سڀني قومن کي برڪت ملندي.“ 9تنھنڪري جيڪي ايمان وارا آھن تن کي ابراھيم سان گڏ برڪت ٿي ملي، جيڪو خود ايمان وارو ھو.
10 # شر ۲۶‏:۲۷ ڇالاءِ⁠جو جيڪي ⁠بہ شريعت جي ڪمن تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت ھيٺ اچن ٿا. ھن ڪري جو لکيل آھي تہ
”جيڪو انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪرڻ ۾
قائم نہ ٿو رھي،
جيڪي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آھن،
سو لعنتي آھي.“ 11#حبق ۴‏:۲ ھاڻي اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت جي ڪري خدا جي نظر ۾ سچار نہ ٿو بڻجي. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ
”جيڪو ايمان جي وسيلي سچار ٿو بڻجي،
اھو ئي شخص جيئرو رھندو.“ 12#لاو ۵‏:۱۸ شريعت جو ايمان سان ڪو واسطو ڪونھي، بلڪ لکيل آھي تہ
”جيڪو شريعت جي ڳالھين تي عمل ڪري ٿو،
سو انھن جي ڪري ئي جيئرو رھندو.“ 13#شر ۲۳‏:۲۱ مسيح اسان کي خريد ڪري شريعت جي لعنت کان ڇڏايو ۽ پاڻ اسان جي بدران لعنتي بڻيو. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ
”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو،
سو لعنتي آھي.“ 14ھي انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابراھيم کي مليل برڪت عيسيٰ مسيح جي وسيلي غير قومن تائين پھچي ۽ اسان کي ايمان جي وسيلي اھو پاڪ روح ملي، جنھن جو واعدو ٿيل آھي.
شريعت ۽ خدا جو واعدو
15اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي روزاني زندگيءَ جو ھڪ مثال ڏيان ٿو تہ انسان جي تصديق ڪيل عھدنامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي وڌائي سگھي ٿو. 16#پيد ۷‏:۱۲ ھاڻي خدا ابراھيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا. ان موقعي تي پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنھن مان سندس مطلب گھڻا ماڻھو ھجن. پر ھو چوي ٿو تہ ”تنھنجي نسل سان،“ جنھن مان ھن جو مطلب ھڪڙو شخص آھي ۽ اھو مسيح آھي. 17#خر ۴۰‏:۱۲ ھاڻي آءٌ ائين ٿو چوان تہ جنھن عھد جي خدا پھريائين ئي تصديق ڪئي ھئي تنھن کي شريعت، جيڪا چار سو ٽيھن سالن کان پوءِ آئي، سا رد ڪري نہ ٿي سگھي. اھڙيءَ طرح اھا خدا جي واعدي کي بيڪار نہ ٿي ڪري. 18#رو ۱۴‏:۴ ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ميراث شريعت جي ڪري ملي آھي تہ اھا واعدي جي ڪري ناھي. پر خدا واعدي جي ڪري ئي اھا ابراھيم کي بخشي.
19تہ پوءِ شريعت جو مقصد ڇا آھي؟ بعد ۾ شريعت انھيءَ لاءِ ڳنڍي ويئي تہ اھو ظاھر ٿئي تہ حقيقت ۾ گناھہ ڇا آھي؟ شريعت جو مدو ابراھيم جي انھيءَ نسل جي اچڻ تائين ھو جنھن سان خدا واعدو ڪيو ھو. اھا شريعت ملائڪن جي وسيلي ھڪ وچ واري جي معرفت ڏني ويئي. 20پر رڳو ھڪ ڌر جي لاءِ وچ واري جي ضرورت نہ ٿيندي آھي ۽ خدا ھڪڙو آھي.
21تہ پوءِ شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آھي ڇا؟ ھرگز نہ. ڇالاءِ⁠تہ جيڪڏھن ڪا اھڙي شريعت ڏني وڃي ھا جيڪا حياتي بخشي سگھي ھا تہ جيڪر سچائي شريعت جي وسيلي ملي ھا. 22پر پاڪ ڪتاب جي بيان مطابق سڄي دنيا گناھہ جي قيد ۾ آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اھا بخشش، جنھن جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري ڪيو ويو آھي سا ايمان آڻيندڙن کي ڏني وڃي.
غلام ۽ فرزند
23پر انھيءَ ايمان جي اچڻ کان اڳ اسين شريعت جي نگھبانيءَ ۾ قيد ھئاسين ۽ ايمان جي اچڻ تائين، جيڪو پوءِ ظاھر ٿيڻ وارو ھو، اسين شريعت جا پابند رھياسين. 24سو شريعت مسيح جي اچڻ تائين اسان جي نگھبان ٿي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اسين ايمان جي وسيلي سچار بڻايا وڃون. 25ھاڻي جڏھن ايمان اچي ويو آھي تہ پوءِ اسين نگھبان جي سنڀال ھيٺ نہ آھيون.
26ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا جا ٻار آھيو. 27انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان جيترن بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي وڃڻ جي بپتسما ورتي تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيو. 28تہ پوءِ يھودي ۽ غير يھوديءَ ۾، غلام ۽ آزاد ۾، مرد ۽ عورت ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيو. 29#رو ۱۳‏:۴ جيڪڏھن اوھين مسيح جا آھيو تہ پوءِ ابراھيم جو نسل آھيو ۽ خدا جي واعدي موجب وارث بہ آھيو.

Currently Selected:

گلتين 3: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in