YouVersion Logo
Search Icon

2.ٿسلونيڪين ‮تعارف‬

تعارف
ٿسلونيڪا جي ڪليسيا ۾ مسيح جي وري موٽي اچڻ بابت مونجھاري ڏڦيڙ پيدا ڪري ڇڏيا. پولس رسول جو ٿسلونيڪين ڏانھن ھي ٻيو خط انھيءَ غلط⁠فھميءَ کي دور ڪرڻ جي باري ۾ آھي تہ خداوند مسيح جي موٽي اچڻ جو ڏينھن اڳ ئي گذري چڪو آھي. پولس رسول انھيءَ بابت وضاحت ڪري ٿو تہ مسيح جي موٽي اچڻ کان اڳ ۾ گناھہ ۽ بڇڙائي ھڪڙي بڇڙي ماڻھوءَ جي اڳواڻيءَ ۾ عروج تي پھچندا، جنھن کي ھو ”وڳوڙي“ سڏيندي ٻڌائي ٿو تہ اھو مسيح جي مخالفت ڪندو.
ھن خط ۾ پولس رسول پنھنجي پڙھندڙن تي خاص طور ھنن ڳالھين لاءِ زور ڏئي ٿو تہ ھو پنھنجي عقيدي ۾ مضبوط رھن، جيتوڻيڪ انھن کي ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. ھو اھڙي نموني محنت ۽ مشقت ڪندا رھن، جيئن پولس رسول ۽ سندس ساٿين ڪئي. ان کان سواءِ ھو چڱائي ڪرڻ ۾ ھميشہ اڳرائي ڪندا رھن.
سِٽاءُ
پيش لفظ ۱‏:۱‎–۲
ٿسلونيڪي ڪليسيا جي واکاڻ ۳‏:۱‎–۱۲
مسيح جي اچڻ جي باري ۾ ھدايتون ۱‏:۲‎–۱۷
مسيح تي ايمان آڻيندڙن جي چال چلت بابت ھدايتون ۱‏:۳‎–۱۵
دعا سلام ۱۶‏:۳‎–۱۸

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in