YouVersion Logo
Search Icon

1.ٿسلونيڪين 5

5
خداوند جي اچڻ لاءِ سجاڳ رھو
1ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي وقتن ۽ زمانن جي باري ۾ اوھان ڏانھن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانھي. 2#مت ۴۳‏:۲۴، لو ۳۹‏:۱۲، ۲.پط ۱۰‏:۳ ڇالاءِ⁠جو اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ جيئن رات جو ڪو چور ٿو اچي تيئن خداوند جو ڏينھن اوچتو ايندو. 3جنھن وقت ماڻھو پيا چوندا تہ امن ۽ سلامتي آھي، انھيءَ وقت جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيندا آھن تيئن اوچتو ئي اوچتو مٿن تباھي اچي نازل ٿيندي ۽ اھي ھرگز نہ بچندا.
4پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين اونداھيءَ ۾ نہ آھيو جو اھو ڏينھن چور وانگر اوھان مٿان اچي پوي. 5بلڪ اوھان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينھن سان گھاٽو تعلق آھي. اسان جو رات يا اونداھيءَ سان ڪوبہ تعلق ڪونھي. 6تنھنڪري اسين ٻين وانگر سمھي نہ رھون، پر اچو تہ جاڳندا ۽ ھوشيار رھون. 7ڇالاءِ⁠جو جيڪي سمھي رھن ٿا سي رات جو ئي ٿا سمھن ۽ جيڪي نشي ۾ چور ٿا ٿين سي رات جو ئي نشو ٿا ڪن. 8#يس ۱۷‏:۵۹، اف ۱۳‏:۶‎–۱۷ پر اسين ڏينھن وارا آھيون، تنھنڪري اچو تہ ايمان ۽ محبت جي زرہ ڍڪي ۽ ڇوٽڪاري جي اميد جو لوھو ٽوپ پائي ھوشيار رھون. 9ڇالاءِ⁠جو خدا اسان کي غضب سھڻ لاءِ نہ، بلڪ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي ڇوٽڪارو حاصل ڪريون. 10ھو اسان جي خاطر مئو، انھيءَ لاءِ تہ اسين جيئرا ھجون يا مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون. 11تنھنڪري ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا ۽ ھڪ ٻئي جي ترقيءَ جو باعث ٿيندا رھو، جيئن سچ⁠پچ اوھين ڪريو بہ پيا.
آخري ھدايتون
12اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي عرض ٿا ڪريون تہ انھن ماڻھن جي عزت ڪريو، جيڪي اوھان منجھہ سخت محنت ٿا ڪن. اھي خداوند جا ھئڻ ڪري اوھان جا اڳواڻ آھن ۽ اوھان کي نصيحت ٿا ڪن. 13سندن محنت جي ڪري محبت سان کين وڏي عزت ڏيو.
اوھين پاڻ ۾ صلح سانت سان رھو. 14اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻھن کي ھمتايو، ھيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو. 15خبردار، ڪوبہ ڪنھن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري، بلڪ ھڪ ٻئي سان ۽ سڀني ماڻھن سان ھميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
16ھر وقت خوش رھو. 17سدائين دعا گھرندا رھو. 18ھر حالت ۾ شڪرگذاري ڪريو، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ مسيح جا ھئڻ ڪري اوھان بابت خدا جي اھا ئي مرضي آھي. 19پاڪ روح، جيڪو باھہ مثل آھي تنھن کي نہ وسايو. 20جيڪڏھن ڪو نبين وانگر خدا جو پيغام ٻڌائي ٿو تہ ان پيغام کي اجايو نہ سمجھو. 21سڀني ڳالھين کي پرکيو، جيڪا چڱي ھجي تنھن کي اختيار ڪريو. 22ھر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.
دعا سلام
23شل اطمينان بخشيندڙ خدا پاڻ اوھان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري. شل ھو اوھان جي روح، جان ۽ بدن کي، يعني اوھان کي مڪمل طور اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ تائين بي⁠عيب رکي. 24جنھن اوھان کي سڏيو آھي، سو سچو آھي ۽ ھو ائين ئي ڪندو.
25اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو. 26سڀني ايمان وارن کي پيار سان ملي سلام ڏجو، 27۽ آءٌ خداوند کي حاضرناظر ڄاڻي اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ھي خط کين پڙھي ٻڌائجو.
28شل اوھان تي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ھجي.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in