YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 4

4
ٻج ڇٽڻ جو مثال
(متي 13‏:1‏-9، لوقا 8‏:4‏-8)
1 # لو 5‏:1‏-3 عيسيٰ وري گليل ڍنڍ جي ڪناري تي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو هو پاڻ ڍنڍ ۾ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي. 2عيسيٰ مثالن جي ذريعي انهن کي گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو. هن تعليم ڏيندي کين چيو تہ 3”ٻڌو، هڪڙو هاري ٻج ڇٽڻ ويو. 4ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انهن کي چُڳي ويا. 5ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا، جتي گھڻي مٽي نہ هئي. سو ٿوري مٽي هئڻ ڪري سلا جلدي تہ اڀريا، 6پر جڏهن سج اڀريو تہ لهسجي ويا. جيئن تہ اهي پاڙ هڻي نہ سگھيا تنهنڪري سڪي ويا. 7ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انهن کي اُسرڻ نہ ڏنائون ۽ انهن ڪوبہ ڦر نہ ڏنو. 8جڏهن تہ ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا. اهي انگوريا، اڀريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ٽيهہ داڻا، ڪن ۾ سٺ داڻا تہ ڪن ۾ سؤ داڻا بہ ڦر هو.“ 9پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“
مثالن ۾ تعليم ڏيڻ جو مقصد
(متي 13‏:10‏-17، لوقا 8‏:9‏-10)
10عيسيٰ جڏهن نويڪلو ٿيو تہ سندس پوئلڳن ۽ ٻارهن شاگردن گڏجي مثالن بابت پڇيس. 11هن انهن کي چيو تہ ”اوهان کي تہ خدا جي بادشاهيءَ جي ڳُجھہ جي سمجھہ ڏني ويئي آهي. پر جيڪي منهنجا پوئلڳ نہ آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن سان ٻڌائجن ٿيون، 12#يس 6‏:9‏-10 تہ جيئن
’اهي نهاريندي نهاريندي بہ نہ ڏسن،
ٻڌندي ٻڌندي بہ نہ سمجھن،
تہ متان انهن جون دليون
خدا جي طرف ڦري پون
۽ هو کين معاف ڪري ڇڏي.‘“
ٻج ڇٽڻ جي مثال جي سمجھاڻي
(متي 13‏:18‏-23، لوقا 8‏:11‏-15)
13پوءِ عيسيٰ انهن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهين هي مثال نہ ٿا سمجھو؟ تہ پوءِ اوهين ٻين مثالن جو مطلب ڪيئن سمجھندا؟ 14ڏسو، ٻج ڇٽڻ وارو خدا جي بادشاهيءَ جو پيغام پوکي ٿو. 15ڪنهن وقت پيغام رستي تي ڪري ٿو، يعني اهي ماڻهو جيڪي پيغام ٻڌن ٿا. پر جيئن ئي اهي ٻڌن ٿا تہ شيطان جلدي اچي انهن جي دلين مان ڇٽيل ٻج ڪڍي وٺي ٿو. 16ٻيا ماڻهو ان ٽڪريلي زمين مثل آهن جتي ٻج ڪريو، يعني اهي پيغام ٻڌن ٿا ۽ جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا، 17پر اهو انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. سو جڏهن پيغام جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا. 18ٻيا ماڻهو ڪانڊيرن واري ان زمين مثل آهن جنهن ۾ ٻج ڪريو، يعني اهي پيغام تہ ٻڌن ٿا، 19پر دنيا جو فڪر، دولت جو فريب ۽ ٻين شين جون خواهشون سندن دلين ۾ گھڙي ڪري پيغام کي گھُٽيو ڇڏين ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي. 20ٻيا ماڻهو ان ڀليءَ زمين مثل آهن جتي ٻج ڪريو، يعني اهي پيغام ٻڌن ٿا ۽ قبول ڪن ٿا. پوءِ انهن مان ڪي ٽيهوڻو، ڪي سٺوڻو ۽ ڪي وري سؤڻو ڦر جھلين ٿا.“
ڏيئي جو مثال
(لوقا 8‏:16‏-18)
21 # مت 5‏:15، لو 11‏:33 عيسيٰ وڌيڪ چين تہ ”ڇا اوهين ڏيئو ٻاري ڍڪڻ يا کٽوليءَ جي هيٺان آڻي رکندا آهيو؟ نہ، پر اهو ڏياٽيءَ تي آڻي رکندا آهيو. 22#مت 10‏:26، لو 12‏:2 مطلب تہ اهڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي ۽ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڳجھي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ٿيندي. 23جيڪڏهن اوهان کي ڪن آهن تہ ٻڌي ڇڏيو.“
24 # مت 7‏:2، لو 6‏:38 عيسيٰ اهو بہ چين تہ ”اوهين انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو جيڪي مون کان ٻڌو ٿا، ڇاڪاڻ تہ جهڙي ماپي سان اوهين ماپي ڏيندا تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو. 25#مت 13‏:12، 25‏:29، لو 19‏:26 هائو، جنهن وٽ آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنهن وٽ ڪجھہ بہ نہ آهي تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آهي.“
فصل پچڻ جو مثال
26عيسيٰ وري ماڻهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”خدا جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو. 27هو رات جو سمهي ٿو ۽ ڏينهن جو جاڳي ڪم ڪار ڪري ٿو، جڏهن تہ ٻج اهڙيءَ طرح ڦٽي هلي ٿو جو هن کي ان جي خبر ئي نہ ٿي پوي. 28زمين پاڻيهي فصل ڏئي ٿي، پهريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا. 29#يوا 3‏:13 پر جڏهن فصل پچي تيار ٿئي ٿو تڏهن هو هڪدم انهيءَ ۾ ڏاٽو وجھي ٿو، ڇاڪاڻ تہ لاباري جو وقت اچي ويو آهي.“
سرنهن جي داڻي جو مثال
(متي 13‏:31‏-32‏،34، لوقا 13‏:18‏-19)
30عيسيٰ چين تہ ”اسين خدا جي بادشاهيءَ کي ڇا سان ڀيٽيون ۽ ان کي سمجھائڻ لاءِ اسين ڪهڙو مثال ڏيون؟ 31اها سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو سڀني ٻجن ۾ ننڍي ۾ ننڍو آهي، 32پر پوکڻ کان پوءِ ڦُٽي سڀني ٻوٽن کان وڌي وڃي ٿو ۽ ايڏيون تہ وڏيون ٽاريون ٿو جھلي جو پکي سندس ٽارين ۾ واهيرا ڪن ٿا.“
33عيسيٰ انهيءَ قسم جي ڪيترن ئي مثالن ذريعي ماڻهن کي سندن سمجھہ مطابق پنهنجو پيغام ٻڌائيندو هو. 34هو ماڻهن سان مثالن کان سواءِ نہ ڳالهائيندو هو، پر جڏهن شاگردن سان اڪيلائپ ۾ هوندو هو تہ کين سڀني ڳالهين جو مطلب سمجھائيندو هو.
طوفان کي بند ڪرڻ
(متي 8‏:23‏-27، لوقا 8‏:22‏-25)
35انهيءَ ساڳئي ڏينهن شام جو عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي هُن ڀر هلون.“ 36پوءِ هنن خلق کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ جنهن ٻيڙيءَ ۾ عيسيٰ اڳي ئي ويٺل هو، تنهن ۾ چڙهي ساڻس گڏ روانا ٿيا. ٻيون ٻيڙيون بہ انهيءَ ٻيڙيءَ سان گڏ هليون. 37اوچتو ئي هڪڙو وڏو طوفان آيو ۽ ڇولين ٻيڙيءَ تي اهڙو تہ سٽڪو لائي ڏنو جو ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجي ٻڏڻ لڳي. 38عيسيٰ ٻيڙيءَ جي پوئين حصي تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو هو تہ شاگردن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي استاد! اسين مرڻ تي آهيون ۽ اوهان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“ 39تنهن تي عيسيٰ اٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”ماٺيون ٿيو.“ تڏهن طوفان بيهجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي. 40پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوهين ڇو ٿا ڊڄو؟ ڇا اوهان کي اڃا تائين مون تي ايمان نہ آهي؟“ 41پر اهي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ هن جو حڪم مڃين ٿا؟“

Currently Selected:

مرقس 4: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in