25
سياڻين ۽ اياڻين ڇوڪرين جو مثال
1 #
لو 12:35
”ابنِ آدم جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آسمان جي بادشاهي ڪنوار جي انهن ڏهن ساهيڙين وانگر هوندي جيڪي هڪڙيءَ رات پنهنجا ڏيئا کڻي گھوٽ جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيون. 2انهن مان پنج اياڻيون هيون ۽ پنج سياڻيون. 3اياڻين جڏهن پنهنجا ڏيئا کنيا تہ پاڻ سان تيل ڪونہ کنيائون، 4پر سياڻين پنهنجن ڏيئن کڻڻ وقت پاڻ سان گڏ پيالن ۾ تيل بہ کنيو. 5جڏهن گھوٽ کي اچڻ ۾ دير ٿي ويئي تڏهن ڇوڪرين کي ننڊ اچڻ لڳي ۽ اهي سمهي پيون.
6پوءِ اڌ رات جو هُل مچي ويو تہ ’ڏسو، گھوٽ اچي رهيو آهي. ٻاهر اچي سندس استقبال ڪريو.‘ 7تنهن تي اهي ڇوڪريون اُٿي کڙيون ٿيون ۽ پنهنجا ڏيئا ٺيڪ ڪرڻ لڳيون. 8تڏهن اياڻين ڇوڪرين سياڻين کي چيو تہ ’ڪجھہ تيل اسان کي بہ ڏيو، ڇو تہ اسان جا ڏيئا وسامن ٿا.‘ 9پر سياڻين ڇوڪرين وراڻيو تہ ’اسان وٽ ايترو تيل ڪونہ آهي جو اسان ۽ اوهان لاءِ پورو پئجي سگھي. چڱو ائين ٿيندو جو اوهين وڃي پنهنجي لاءِ دڪان تان تيل وٺي اچو.‘ 10جڏهن اياڻيون ڇوڪريون تيل وٺڻ لاءِ ويون تہ ايتري ۾ گھوٽ بہ اچي پهتو. سو اهي پنج ڇوڪريون جيڪي تيار هيون سي گھوٽ سان شاديءَ جي دعوت ۾ ويون ۽ دروازو بند ٿي ويو.
11 #
لو 13:25
تنهن کان پوءِ اهي اياڻيون ڇوڪريون بہ اچي پهتيون ۽ پڪارڻ لڳيون تہ ’سائين! اي سائين! اسان لاءِ در کوليو.‘ 12پر گھوٽ وراڻيو تہ ’آءٌ سچ ٿو چوان تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان.‘“
13عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ابنِ آدم جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ جي خبر نہ آهي.“
ٽن نوڪرن جو مثال
(لوقا 19:11-27)
14”ابنِ آدم جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آسمان جي بادشاهي انهيءَ ماڻهوءَ وانگر هوندي جنهن ٻئي ملڪ ڏانهن وڃڻ وقت پنهنجي نوڪرن کي سڏي پنهنجو مال ملڪيت انهن جي حوالي ڪيو. 15هن هر هڪ کي سندس قابليت موجب رقم ڏني. انهن مان هڪ کي پنج هزار سون جا سڪا ڏنائين، ٻئي کي ٻہ هزار ۽ ٽئين کي هڪ هزار ڏيئي پاڻ مسافريءَ تي هليو ويو. 16جنهن کي پنج هزار سون جا سڪا مليا، تنهن وڃي هڪدم انهن سان واپار هلايو ۽ ٻيا پنج هزار ڪمايائين. 17اهڙيءَ طرح جنهن کي ٻہ هزار سون جا سڪا مليا، تنهن بہ ٻيا ٻہ هزار ڪمايا. 18پر جنهن کي هڪ هزار سون جا سڪا مليا، تنهن زمين ۾ کڏ کوٽي پنهنجي مالڪ جا ڏنل سڪا پوري ڇڏيا.
19گھڻي وقت گذرڻ کان پوءِ انهن نوڪرن جو مالڪ موٽي آيو ۽ انهن کان حساب وٺڻ لڳو. 20جنهن نوڪر کي پنج هزار سون جا سڪا مليا هئا، اهو ٻيا بہ پنج هزار کڻي آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! اوهان مون کي پنج هزار سون جا سڪا ڏنا هئا. ڏسو، مون انهن مان ٻيا بہ پنج هزار ڪمايا آهن.‘ 21تنهن تي هن جي مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ وفادار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، تنهنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنهنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ منهنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘ 22پوءِ اهو نوڪر آيو جنهن کي ٻہ هزار سون جا سڪا مليا هئا ۽ اچڻ سان چيائين تہ ’سائين! اوهان مون کي ٻہ هزار سون جا سڪا ڏنا هئا. ڏسو، مون انهن مان ٻيا بہ ٻہ هزار ڪمايا آهن.‘ 23تنهن تي سندس مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ وفادار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، تنهنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنهنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ منهنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘ 24پوءِ اهو نوڪر اندر آيو جنهن کي هڪ هزار سون جا سڪا مليا هئا ۽ اچي چيائين تہ ’سائين! مون کي خبر هئي تہ اوهين سخت ماڻهو آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين اهو لڻندا آهيو جيڪو پوکيندا ئي نہ آهيو ۽ اهو گڏ ڪندا آهيو جيڪو ڇٽيندا ئي نہ آهيو. 25تنهنڪري مون کي ڊپ ٿيو، سو مون وڃي اوهان جا ڏنل هڪ هزار سون جا سڪا زمين ۾ پوري ڇڏيا. سو هي اٿوَ، اوهان جا سڪا.‘ 26تنهن تي سندس مالڪ چيو تہ ’اي بڇڙا ۽ سست نوڪر! جڏهن تو کي اها بہ خبر هئي تہ آءٌ اهو لڻندو آهيان جيڪو پوکيندو ئي نہ آهيان ۽ اهو گڏ ڪندو آهيان جيڪو ڇٽيندو ئي نہ آهيان، 27تہ پوءِ تو کي گھربو هو تہ منهنجا سڪا ڪنهن بئنڪ ۾ رکين ها ۽ جڏهن آءٌ موٽي اچان ها تہ اهي سڪا منافعي سميت واپس وٺان ها.‘ 28پوءِ مالڪ حڪم ڏنو تہ ’هن کان اهو هڪ هزار بہ کسي ڏهن هزارن واري نوڪر کي ڏيو، 29#مت 13:12، مر 4:25، لو 8:18 ڇاڪاڻ تہ جنهن ڪجھہ ڪمايو آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو، تہ جيئن وٽس گھڻو ٿي پوي. پر جنهن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آهي. 30#مت 8:12، 22:13، لو 13:28 اوهين هن بيڪار نوڪر کي ڌِڪا ڏيئي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلايو، جتي هو روئي رڙي ۽ پنهنجي حال تي پنهنجا ڏند ڪرٽي.‘“
آخري ڏينهن وارو فيصلو
31 #
مت 16:27، 19:28 ”جڏهن ابنِ آدم پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو بادشاهہ جي حيثيت سان پنهنجي جلال واري تخت تي ويهندو 32۽ سڀني قومن جا ماڻهو سندس اڳيان حاضر ڪيا ويندا. پوءِ هو انهن کي ٻن ٽولن ۾ ورهائيندو، جيئن ريڍار پنهنجي ڌڻ مان رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آهي. 33هو رڍن يعني نيڪن کي پنهنجي ساڄي پاسي بيهاريندو ۽ ٻڪرين يعني ٻين کي پنهنجي کاٻي پاسي. 34پوءِ بادشاهہ پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي بادشاهيءَ ۾ رهو، جيڪا دنيا جي خلقڻ کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪئي ويئي آهي، 35ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ بکايل هئس تہ اوهان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل هئس تہ اوهان مون کي پيئاريو، آءٌ پرديسي هئس تہ اوهان مون کي پنهنجي گھر ۾ رهايو، 36آءٌ اگھاڙو هئس تہ اوهان مون کي ڪپڙا پهرايا، آءٌ بيمار هئس تہ اوهان منهنجي سار سنڀال ڪئي، آءٌ قيد ۾ هئس تہ اوهان منهنجي ملاقات ڪئي.‘ 37تنهن تي اهي نيڪ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏهن اسان اوهان کي بکايل ڏسي کارايو يا اڃايل ڏسي پيئاريو؟ 38ڪڏهن اسان اوهان کي پرديسي ڏسي پنهنجي گھر ۾ رهايو يا اگھاڙو ڏسي ڪپڙا پهرايا؟ 39ڪڏهن اسان اوهان کي بيمار يا قيد ۾ ڏسي اوهان جي ملاقات ڪئي؟‘ 40بادشاهہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘
41پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا ابليس ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي، 42ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ بکايل هئس تہ اوهان مون کي نہ کارايو، آءٌ اڃايل هئس تہ اوهان مون کي نہ پيئاريو، 43آءٌ پرديسي هئس تہ اوهان مون کي پنهنجي گھر ۾ نہ رهايو، آءٌ اگھاڙو هئس تہ اوهان مون کي ڪپڙا نہ پهرايا، آءٌ بيمار ۽ قيد ۾ هئس تہ اوهان منهنجي ڪا سار ڪانہ لڌي.‘ 44پوءِ اهي بہ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏهن اسان اوهان کي بکايل، اڃايل، پرديسي، اگھاڙو، بيمار يا قيد ۾ ڏٺو جو اسان اوهان جي مدد نہ ڪئي؟‘ 45تنهن تي بادشاهہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ جي بہ مدد کان انڪار ڪيو تڏهن ڄڻ اوهان منهنجي مدد کان انڪار ڪيو.‘“
46 #
دان 12:2
عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو اهڙن ماڻهن کي هميشہ واري سزا ملندي، جڏهن تہ نيڪن کي دائمي زندگي.“