13
عيسيٰ مسيح جو شاگردن جا پير ڌوئڻ
1 #
يو 12:23
هاڻ جيئن تہ عيسيٰ کي اها خبر پئجي ويئي تہ ”منهنجي اها گھڙي اچي ويئي آهي جو آءٌ هيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانهن وڃان،“ تنهن هوندي بہ جيڪي هن دنيا ۾ پنهنجا هئس تن کي هو آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو.
عيد فصح کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ 2عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رهيا هئا. انهيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يهوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ ابليس اها ڳالهہ وجھي ڇڏي هئي تہ هو عيسيٰ سان دغا ڪري. 3عيسيٰ ڄاتو ٿي تہ ”پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ هٿ ۾ ڏنو آهي.“ هن اهو بہ ڄاتو ٿي تہ ”آءٌ خدا جي طرفان آيو آهيان ۽ خدا ڏانهن موٽي وڃي رهيو آهيان.“ 4اهو سڀ ڄاڻيندي عيسيٰ مانيءَ تان اٿيو ۽ پنهنجو جبو لاهي ٽوال چيلهہ سان ٻڌائين. 5پوءِ ڪجھہ پاڻي ٿالهہ ۾ وجھي پنهنجي شاگردن جا پير ڌوئڻ لڳو ۽ چيلهہ سان ٻڌل ٽوال سان سندن پير اُگھڻ لڳو. 6جڏهن هو شمعون پطرس وٽ آيو تہ هن چيس تہ ”اي خداوند! اوهين منهنجا بہ پير ڌوئيندا ڇا؟“ 7عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون هاڻي نہ ٿو سمجھين تہ آءٌ ڇا ڪري رهيو آهيان، پر پوءِ تو کي خبر پوندي.“ 8پطرس چيس تہ ”آءٌ پنهنجا پير اوهان کان ڪڏهن بہ نہ ڌئاريندس.“ عيسيٰ چيس تہ ”جيڪڏهن تون پنهنجا پير مون کان نہ ٿو ڌئارين تہ پوءِ تنهنجو مون سان ڪوبہ واسطو نہ رهندو.“ 9تنهن تي شمعون پطرس چيس تہ ”اي خداوند! پوءِ منهنجا رڳو پير نہ ڌوئو، بلڪ منهنجا هٿ ۽ مٿو بہ ڌوئو.“ 10عيسيٰ چيس تہ ”جيڪو وهنتل آهي تنهن کي پيرن ڌوئارڻ کان سواءِ ٻي ڪابہ گھرج نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ هو سڄو ئي پاڪ صاف آهي. سو اوهين بہ پاڪ آهيو، پر سڀيئي نہ.“ 11ان جو سبب اهو هو جو عيسيٰ کي اڳي ئي خبر هئي تہ ڪير ساڻس دغا ڪندو، تنهنڪري هن چيو تہ ”اوهين سڀيئي پاڪ نہ آهيو.“
12 #
لو 22:27
جڏهن عيسيٰ شاگردن جا پير ڌوئي چڪو ۽ جبو پائي وري پنهنجي جاءِ تي اچي ويٺو، تڏهن هن کانئن پڇيو تہ ”ڇا اوهان سمجھيو تہ مون اوهان لاءِ ڇا ڪيو؟ 13اوهين مون کي استاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اهو ئي آهيان. 14هاڻي جڏهن مون استاد ۽ خداوند هوندي بہ اوهان جا پير ڌوتا آهن، تڏهن اوهان کي بہ گھرجي تہ هڪٻئي جا پير ڌوئيندا ڪريو. 15مون اوهان کي اهو نمونو ڏنو آهي، تہ جيئن اوهين بہ ائين ئي ڪندا رهو جيئن مون اوهان سان ڪيو آهي. 16#مت 10:24، لو 6:40، يو 15:20 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ غلام پنهنجي مالڪ کان وڏو نہ هوندو آهي، ساڳيءَ طرح نياپو پهچائيندڙ پنهنجي حاڪم کان وڏو نہ هوندو آهي. 17هاڻي جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجھي انهن تي عمل ڪندا تہ ڪيڏا نہ سڀاڳا ٿيندا.“
عيسيٰ مسيح جو پڪڙائڻ واري بابت ٻڌائڻ
(متي 26:20-25، مرقس 14:17-21، لوقا 22:21-23)
18 #
زب 41:9
”آءٌ اوهان سڀني بابت نہ ٿو ڳالهايان. جن کي مون چونڊيو آهي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ پاڪ ڪلام جي اها لکت پوري ٿئي تہ ’جيڪو منهنجو نمڪ کائي ٿو، سو ئي منهنجي خلاف ٿيو آهي.‘ 19هاڻي انهيءَ ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي آءٌ اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن ائين ٿئي تڏهن اوهين ايمان آڻيو تہ #13:19 آءٌ اهو ئي آهيان اهي لفظ انهيءَ لقب ڏانهن اشارو ڪن ٿا، جيڪو خدا پنهنجي سڃاڻپ لاءِ پاڪ ڪلام ۾ استعمال ڪري ٿو (ڏسو خروج 3:14، يسعياہ 43:10). آءٌ اهو ئي آهيان. 20#مت 10:40، مر 9:37، لو 9:48، 10:16 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو خدا کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.“
21جڏهن عيسيٰ هي چئي چڪو، تڏهن ڏاڍو غمگين ٿي پيو ۽ کُليو کُلايو چيائين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“ 22تنهن تي شاگرد وائڙا ٿي هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا تہ هن اها ڳالهہ ڪنهن بابت چئي آهي. 23شاگردن مان هڪڙو جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، سو عيسيٰ جي سيني ڏانهن جھُڪي کائي رهيو هو. 24تنهنڪري شمعون پطرس هن کي اشاري سان چيو تہ ”پڇا ڪر تہ اهو ڪير آهي، جنهن بابت هو ڳالهائي رهيو آهي.“ 25پوءِ هن ائين ئي عيسيٰ جي ويجھو هوندي کانئس پڇيو تہ ”اي خداوند! اهو ڪير آهي؟“ 26عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ جنهن ماڻهوءَ کي ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙي ڏيندس، سو ئي اهو آهي.“ پوءِ هن مانيءَ جو گرهہ ٻوڙي شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يهوداہ کي ڏنو. 27جيئن ئي يهوداہ گرهہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس سمائجي ويو. عيسيٰ کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آهي سو جلدي ڪري وٺ.“ 28هاڻي جن بہ اتي ويٺي کاڌو، تن مان ڪنهن بہ نہ سمجھيو تہ عيسيٰ ڪهڙي مطلب سان يهوداہ اسڪريوتيءَ کي ائين چيو. 29ڪن ائين پئي سمجھيو تہ جيئن تہ يهوداہ وٽ پئسن جي ڳوٿري رهندي آهي، تنهنڪري عيسيٰ چويس ٿو تہ ”عيد جي لاءِ جيڪي شيون وٺڻيون اٿيئي سي وٺ،“ يا وري ”ڪجھہ غريبن کي ڏي.“ 30سو يهوداہ گرهہ وٺي هڪدم ٻاهر نڪري هليو ويو. اهو رات جو وقت هو.
هڪ نئون حڪم
31يهوداہ جي وڃڻ کان پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”هاڻي ابنِ آدم جو جلوو ظاهر ٿيڻ وارو آهي ۽ هن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيندو. 32جيئن تہ خدا جو جلوو ابنِ آدم مان ظاهر ٿيندو تہ خدا بہ هن کي پنهنجي جلوي ۾ شريڪ ڪندو، بلڪ ڏسو، هاڻي ئي ٿو ڪريس. 33#يو 7:34 اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ اوهان سان گھڻو وقت نہ رهندس. اوهين مون کي ڳوليندا، پر جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي اچي نہ سگھندا. آءٌ اوهان کي اهو ئي ٻڌايان ٿو، جيڪو مون يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو هو. 34#يو 15:12،17، 1.يو 3:23، 2.يو 5 آءٌ اوهان کي هڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. هائو، جهڙو مون اوهان سان پيار ڪيو آهي، تهڙو ئي اوهين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. 35جيڪڏهن اوهين هڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ اوهين منهنجا شاگرد آهيو.“
پطرس جي انڪار بابت اڳڪٿي
(متي 26:31-35، مرقس 14:27-31، لوقا 22:31-34)
36شمعون پطرس عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي تون مون سان هاڻي نہ ٿو هلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“ 37پطرس پڇيس تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان هاڻي ڇو نہ ٿو هلي سگھان؟ آءٌ تہ تنهنجي لاءِ پنهنجي جان بہ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“ 38عيسيٰ وراڻيس تہ ”ڇا تون سچ پچ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندين؟ آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“