YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 12

12
عيسيٰ مسيح کي عطر مکڻ
(متي 26‏:6‏-13، مرقس 14‏:3‏-9)
1عيد فصح کان ڇهہ ڏينهن اڳ عيسيٰ بيت‌عنياہ ڳوٺ ويو جتي لعزر رهندو هو، جنهن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو هو. 2اتي عيسيٰ لاءِ رات جي ماني تيار ڪئي ويئي. مارٿا خدمت پئي ڪئي، جڏهن تہ لعزر عيسيٰ ۽ ٻين مهمانن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو هو. 3#لو 7‏:37‏-38 تڏهن مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرهي مُرَ مان تيار ڪيل هو، سو کڻي عيسيٰ جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيائين. انهيءَ عطر جي سرهاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو. 4عيسيٰ جي شاگردن مان هڪڙي جنهن جو نالو يهوداہ اسڪريوتي هو ۽ جيڪو اڳتي هلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو هو، 5تنهن چيو تہ ”ڇو نہ هي عطر ٽي سؤ #12‏:5 چانديءَ جي سڪن انهن ڏينهن ۾ هڪ چانديءَ جو سڪو هڪڙي ڏينهن جي مزدوري هوندي هئي (ڏسو متي 20‏:2).چانديءَ جي سڪن ۾ وڪڻي غريبن کي خيرات ڏجي ها.“ 6هن اها ڳالهہ غريبن جي همدرديءَ لاءِ نہ چئي، پر هو پاڻ بي‌ايمان هو ۽ انهيءَ لاءِ چيائين تہ هو انهن پئسن مان بہ ڪجھہ چورائي ها، ڇاڪاڻ تہ پئسن جي ڳوٿري وٽس هوندي هئي. 7يهوداہ جي انهيءَ ڳالهہ تي عيسيٰ چيو تہ ”ڇڏيوس، ڇو تہ هن اهو عطر منهنجي ڪفن دفن لاءِ ئي بچائي رکيو هو. 8#شر 15‏:11 غريب تہ هميشہ اوهان وٽ آهن، پر آءٌ هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس.“
لعزر خلاف سازش سِٽڻ
9ماڻهن جي وڏي ميڙ جڏهن ٻڌو تہ عيسيٰ بيت‌عنياہ ۾ آهي، تڏهن اهي اوڏانهن ويا. اهي نہ رڳو عيسيٰ کي، بلڪ لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنهن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو هو. 10تنهنڪري سردار ڪاهن لعزر کي بہ مارڻ جون سازشون سِٽڻ لڳا، 11ڇاڪاڻ تہ لعزر جي ڪري ڪيترائي ماڻهو انهن کي ڇڏي ويا هئا ۽ وڃي عيسيٰ تي ايمان آندو هئائون.
عيسيٰ مسيح جو يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ
(متي 21‏:1‏-11، مرقس 11‏:1‏-11، لوقا 19‏:28‏-40)
12ٻئي ڏينهن تي وڏو ميڙ جيڪو عيد فصح تي آيو هو تنهن ٻڌو تہ عيسيٰ يروشلم ۾ اچي رهيو آهي. 13#زب 118‏:25‏،26 سو اهي ميڙ وارا کجيءَ جون ڇڙيون هٿن ۾ کڻي سندس آڌرڀاءَ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ نعرا هڻڻ لڳا تہ
#12‏:13 خدا جي واکاڻ هجي اصلي مسودي ۾ هتي عبراني لفظ ”هوشعنا“ استعمال ٿيل آهي، جڏهن تہ گذريل دور ۾ انهيءَ جو مطلب ”اسان کي بچاءِ“ ورتو ويندو هو، پر عيسيٰ مسيح جي دور ۾ اهو واکاڻ جي نعري طور استعمال ڪيو ويندو هو.خدا جي واکاڻ هجي!
سڀاڳو آهي اهو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي!
بني اسرائيل جو بادشاهہ مبارڪ، مبارڪ!“
14هوڏانهن عيسيٰ کي هڪ کودڙو ملي ويو ۽ هو مٿس چڙهي ويٺو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
15 # زڪ 9‏:9 ”اي #12‏:15 صيئون شهر يعني يروشلم شهر.صيئون شهر جا رهاڪؤ! ڊڄو نہ،
ڏسو، اوهان جو بادشاهہ اچي پيو،
جيڪو کودڙي تي سوار آهي.“
16سندس شاگردن کي پهريائين تہ اهي ڳالهيون سمجھہ ۾ ڪين ٿي آيون. پر پوءِ جڏهن عيسيٰ جو جلوو ظاهر ٿيو، تڏهن انهن کي ياد آيو تہ پاڪ ڪلام ۾ هن بابت انهن ڳالهين جي اڳڪٿي ڪئي ويئي هئي ۽ ائين ئي ماڻهن ساڻس سلوڪ ڪيو.
17لعزر کي قبر مان سڏي مئلن مان جيئرو ڪرڻ مهل جيڪي ماڻهو عيسيٰ سان گڏ هئا، سي انهيءَ معجزي جي شاهدي ڏيندا ٿي آيا. 18انهيءَ سبب ڪيترائي ماڻهو عيسيٰ سان ملڻ لاءِ آيا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ اهو معجزو هن ئي ڪيو آهي. 19تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”افسوس! اسين ناڪام ٿي پيا آهيون. ڏسو، سڄي دنيا سندس پٺيان لڳي پئي آهي.“
ڪن يونانين جو عيسيٰ مسيح کي ڳولڻ
20جيڪي ماڻهو يروشلم ۾ عيد تي عبادت ڪرڻ لاءِ آيا هئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ هئا. 21اهي فلپس وٽ آيا جيڪو گليل جي شهر بيت‌صيدا جو ويٺل هو ۽ عرض ڪيائونس تہ ”اي سائين! اسين عيسيٰ سان ملڻ چاهيون ٿا.“ 22فلپس اچي اندرياس کي اها ڳالهہ ٻڌائي ۽ پوءِ اندرياس ۽ فلپس ٻنهي وڃي عيسيٰ کي ٻڌايو. 23تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”اها گھڙي اچي پهتي آهي، جڏهن ابنِ آدم جو جلوو ظاهر ٿيندو. 24آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رهي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيترائي داڻا پيدا ڪري ٿو. 25#مت 10‏:39، 16‏:25، مر 8‏:35، لو 9‏:24، 17‏:33 جيڪو بہ پنهنجي جان سان پيار ڪري ٿو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو هن دنيا ۾ پنهنجي جان کي نظرانداز ڪري ٿو تنهن کي دائمي زندگي ملندي. 26جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“
عيسيٰ مسيح جو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
27پوءِ عيسيٰ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي دل ڏکويل آهي، هاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي هن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر هن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آهيان. 28سو اي بابا! تون پنهنجي نالي جي عظمت ظاهر ڪر.“ تنهن تي آسمان مان آواز آيو تہ ”مون پنهنجي نالي جي عظمت ظاهر ڪئي آهي ۽ وري بہ ڪندس.“ 29تڏهن جيڪي ماڻهو اتي بيٺا ٻڌي رهيا هئا، تن مان ڪن چيو تہ ”آسمان مان گجگوڙ ٿيو“ ۽ ٻين وري چيو تہ ”ڪنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو آهي.“ 30تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”اهو آواز منهنجي لاءِ نہ پر اوهان جي لاءِ هو. 31هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو هن دنيا کي گنهگار قرار ڏنو ويندو ۽ #12‏:31 دنيا جي سردار يعني شيطان.دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو. 32جڏهن آءٌ ڌرتيءَ کان مٿي چاڙهيو ويس تہ سڀني کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندس.“ 33هن چوڻ سان هن اهو اشارو ٿي ڏنو تہ سندس موت ڪيئن ٿيندو.
34 # زب 110‏:4، يس 9‏:7، حز 37‏:25، دان 7‏:14 تنهن تي ماڻهن چيو تہ ”اسان پاڪ ڪلام جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي تہ مسيح هميشہ جيئرو رهندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابنِ آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابنِ آدم ڪير آهي؟“ 35عيسيٰ کين چيو تہ ”اڃا ٿوري دير تائين روشني اوهان وٽ آهي ۽ جيستائين روشني اوهان وٽ آهي اوهين اڳتي هلندا رهو. ائين نہ ٿئي جو اونداهي اچي اوهان تي ڪڙڪي ۽ پوءِ اونداهيءَ ۾ هلندي اوهان کي خبر ئي نہ پوي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو. 36سو جيڪا گھڙي روشني اوهان وٽ آهي اوهين روشنيءَ تي ايمان آڻيو، تہ جيئن اوهين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“
اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ هليو ويو ۽ انهن کي منهن نہ ڏيکاريائين.
عيسيٰ مسيح تي ايمان نہ آڻڻ
37جيتوڻيڪ عيسيٰ ماڻهن جي اڳيان هيترا معجزا ڪيا هئا تہ بہ گھڻن ئي مٿس ايمان نہ آندو هو. 38#يس 53‏:1 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪو يسعياہ نبيءَ جي لکت ۾ آهي سو پورو ٿئي تہ
”اي خداوند! اسان جي پيغام تي ڪنهن ايمان آندو؟
۽ ڪنهن تنهنجي ٻانهن جو زور سڃاتو؟“
39اهو ئي سبب هو جو انهن ايمان نہ آندو، ڇاڪاڻ تہ يسعياہ نبيءَ جي معرفت هي بہ فرمايو ويو هو تہ
40 # يس 6‏:10 ”مون خدا انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن،
۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم،
تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن
۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن،
۽ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿين تہ
آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“
41يسعياہ هي انهيءَ لاءِ چيو هو جو هن عيسيٰ جو جلوو ڏٺو هو ۽ انهيءَ جي باري ۾ ڳالهايو هئائين. 42تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي يهودي اڳواڻن عيسيٰ تي ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اهي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين عبادت‌خاني مان نيڪالي نہ ڏيئي ڇڏين. 43اهي خدا جي نظر ۾ چڱو ٿيڻ بدران ماڻهن اڳيان عزت حاصل ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا.
44پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو سو نہ رڳو مون تي، بلڪ انهيءَ تي بہ ايمان رکي ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي. 45جيڪو مون کي ڏسي ٿو سو انهيءَ کي بہ ڏسي ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي. 46آءٌ روشني آهيان ۽ هن دنيا ۾ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي. 47جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ گنهگار قرار نہ ٿو ڏيان. آءٌ دنيا کي گنهگار قرار ڏيڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ کي بچائڻ لاءِ آيو آهيان. 48جيڪو مون کي ۽ منهنجي ڳالهين کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي گنهگار قرار ڏيڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني منهنجو پيغام، جيڪو آخرت جي ڏينهن هن کي گنهگار قرار ڏيندو. 49انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي مون ڳالهايو آهي سو پنهنجي طرفان نہ، پر پيءُ جي طرفان ڳالهايو اٿم، جنهن مون کي موڪليو آهي. انهيءَ ئي مون کي حڪم ڏنو آهي تہ مون کي ڇا ڇا چوڻ ۽ ڳالهائڻ گھرجي. 50آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن جو حڪم دائمي زندگي ڏئي ٿو. تنهنڪري جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو، سو اهو ئي آهي جيڪو پيءُ مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيو آهي.“

Currently Selected:

يوحنا 12: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in