48
منسي ۽ افرائيم کي دعا
1ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ ڪنهن اچي يوسف کي ٻڌايو تہ ”تنهنجو پيءُ بيمار آهي.“ سو هو پنهنجا ٻيئي پٽ منسي ۽ افرائيم پاڻ سان وٺي يعقوب سان ملڻ ويو. 2جڏهن يعقوب کي ٻڌايو ويو تہ ”توهان جو پٽ يوسف توهان وٽ اچي ٿو،“ تڏهن يعقوب همت ڪري هنڌ تي اُٿي ويٺو. 3#پيد 28:13-14 يعقوب يوسف کي چيو تہ ”قادرِمطلق خدا ڪنعان جي ملڪ ۾ لوز شهر وٽ مون کي ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏني هئي. 4مون کي چيو هئائين تہ ’آءٌ تو کي گھڻو اولاد ڏيندس، ايترو جو تنهنجو اولاد گھڻيون ئي قومون ٿي پوندو. آءٌ تو کان پوءِ هيءَ زمين تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڏيئي ڇڏيندس.‘“
5يعقوب وڌيڪ چيس تہ ”هاڻي تنهنجا ٻہ پٽ افرائيم ۽ منسي جيڪي مصر جي ملڪ ۾ منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ تو کي ڄاوا، سي منهنجا آهن. اهي روبن ۽ شمعون وانگر منهنجا آهن. 6پر هنن کان پوءِ جيڪي ٻار تو کي ڄمندا سي تنهنجا ٿيندا. اهي پنهنجي ڀائرن منسي ۽ افرائيم جي نالي واري ميراث ۾ شريڪ هوندا. 7#پيد 35:16-19 افرائيم ۽ منسي انهيءَ لاءِ منهنجا ٿيندا جو آءٌ جڏهن فدانارام مان آيس پئي ۽ اڃا فرات کان ٿورو پرڀرو هئس تہ اتي ڪنعان جي ملڪ ۾ منهنجي ڏسندي راخل واٽ ۾ ئي وڌيڪ ڪنهن ٻار ڄڻڻ بنا مري ويئي. سو مون کيس اِفرات واري رستي تي دفن ڪيو.“ اِفرات کي بعد ۾ بيتلحم سڏيو ويو.
8پوءِ يعقوب جڏهن يوسف جي پٽن کي ڏٺو تڏهن پڇيائينس تہ ”هي ڇوڪرا ڪير آهن؟“ 9يوسف ورندي ڏنس تہ ”هي منهنجا پٽ آهن، جيڪي خدا مون کي هتي مصر ۾ ڏنا آهن.“ يعقوب چيس تہ ”انهن کي مون وٽ وٺي اچ تہ کين خير جي دعا ڏيان.“ 10جيئن تہ يعقوب جي ديد سندس عمر جي ڪري گھٽجي ويئي هئي، سو هو چڱيءَ طرح ڏسي نہ ٿي سگھيو. تنهنڪري يوسف ڇوڪرن کي وٽس ويجھو وٺي آيو ۽ هن کين ڀاڪر پائي چميو. 11پوءِ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”مون کي تہ تنهنجي بہ منهن ڏسڻ جي اميد ڪانہ هئي پر ڏس، خدا مون کي تنهنجو اولاد بہ ڏيکاريو.“ 12تڏهن يوسف انهن کي سندس گوڏن تان پري ڪيو ۽ پاڻ سندس اڳيان زمين تائين جھڪيو. 13پوءِ يوسف افرائيم کي پنهنجي ساڄي هٿ سان وٺي يعقوب جي کاٻي پاسي بيهاريو ۽ منسيءَ کي پنهنجي کاٻي هٿ سان وٺي يعقوب جي ساڄي پاسي آڻي بيهاريو. 14پر يعقوب پنهنجو ساڄو هٿ ڊگھيري افرائيم جي مٿي تي رکيو، توڙي جو هو ننڍو هو ۽ پنهنجو کاٻو هٿ ڦيري منسيءَ جي مٿي تي رکيائين، توڙي جو منسي وڏو هو. 15هن #48:15 يوسف کي خير جي دعا ڏيندي افرائيم ۽ منسيءَ کي دعا ڏيندي يعقوب ڄڻ تہ يوسف کي دعا ڏيئي رهيو هو.يوسف کي خير جي دعا ڏيندي چيو تہ
”اهو خدا جنهن جي راهہ تي
منهنجو پيءُ اسحاق ۽ منهنجو ڏاڏو ابراهيم هلندا رهيا آهن،
اُهو خدا جنهن اڄ ڏينهن تائين
عمر ڀر منهنجي نگهباني پئي ڪئي آهي،
16سو شال هنن ڇوڪرن کي پنهنجي برڪت عطا ڪري!
شل خداوند جو ملائڪ مون جيان کين هر مصيبت کان بچائي!
شل منهنجو ۽ منهنجي پيءُ ڏاڏي اسحاق ۽ ابراهيم جو نالو
هنن جي وسيلي قائم رهي،
شل هو ڌرتيءَ تي وڌي راڄ ٿين!“
17جڏهن يوسف ڏٺو تہ سندس پيءُ پنهنجو ساڄو هٿ افرائيم جي مٿي تي رکيو آهي، تڏهن هو ناراض ٿيو. هن پنهنجي پيءُ جي هٿ کي ورتو، انهيءَ لاءِ تہ اهو افرائيم جي مٿي تان کڻي منسيءَ جي مٿي تي رکي. 18انهيءَ سان گڏ پنهنجي پيءُ کي چيائين تہ ”ائين نہ بابا! پنهنجو ساڄو هٿ هن جي مٿي تي رک ڇو تہ هي وڏو آهي.“
19پر پڻس انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿو منهنجا پٽ! آءٌ ڄاڻان ٿو. منسيءَ بہ وڌي راڄ وارو ٿيندو، هي بہ سردار ٿيندو. تڏهن بہ سندس ننڍو ڀاءُ افرائيم کانئس وڌيڪ ٿيندو ۽ هن جي اولاد مان گھڻيون ئي قومون پيدا ٿينديون.“ 20#عبر 11:21 سو هن انهيءَ ڏينهن کين هي چوندي خير جي دعا ڏني تہ ”بني اسرائيل ٻين لاءِ خير جي دعا گھرڻ مهل هيئن چوندا تہ ’شل خدا تو کي افرائيم ۽ منسيءَ جهڙو ڪري!‘“ سو هن افرائيم کي منسيءَ تي اوليت ڏني. 21پوءِ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”ڏس، هاڻي آءٌ مرڻ تي آهيان. پر خدا اوهان سان هوندو ۽ هو اوهان کي وري پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ ۾ موٽائي وٺي ويندو. 22ٻيو تہ آءٌ تنهنجي ڀائرن کان تو کي هڪڙي واڌاري حصي طور زمين جي اُها پٽي ڏيان ٿو جيڪا مون جنگ وسيلي امورين کان کسي هئي.“