34
ديناہ جي آبرو لٽجڻ
1لياہ جي ڌيءَ ديناہ، جيڪا يعقوب مان ڄائي هئس سا هڪڙي ڏينهن انهيءَ علائقي جي ڇوڪرين سان ملڻ لاءِ نڪتي. 2جڏهن انهيءَ علائقي جي حاڪم حمور حِويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو تہ کيس پڪڙي وڃي آبرو لُٽيائينس. 3هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي. هو کيس پيار ڪرڻ لڳو ۽ ساڻس مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيائين. 4پوءِ سڪم پنهنجي پيءُ حمور کي چيو تہ ”انهيءَ ڇوڪريءَ سان منهنجي شادي ڪراءِ.“
5جڏهن يعقوب ٻڌو تہ سڪم سندس ڌيءَ جي آبرو لُٽي ويئي آهي، تڏهن سندس پٽ جھنگ ۾ ڍورن سان ويل هئا. سو يعقوب انهن جي گھر اچڻ تائين ماٺ ڪري ويهي رهيو. 6پوءِ سڪم جو پيءُ حمور يعقوب سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ وٽس آيو. 7جيئن ئي يعقوب جا پٽ جھنگ مان موٽيا ۽ اها ڳالهہ ٻڌائون تڏهن تمام رنج ٿيا ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا. انهيءَ جو سبب هي هو تہ سڪم يعقوب جي ڌيءَ جي عزت لُٽي اسرائيل جي گھراڻي جي خواريءَ جو ڪم ڪيو هو، جيڪو ڪرڻ نہ گھربو هئس. 8پوءِ حمور يعقوب وارن سان ڳالهيون هلايون ۽ کين چيائين تہ ”منهنجي پٽ سڪم جي اوهان جي ڌيءَ سان ڏاڍي دل ٿي ويئي آهي، سو مهرباني ڪري اها کيس پرڻائي ڏيو. 9اسين پاڻ ۾ سيڻ سڄڻ ٿيون ۽ پنهنجيون ڌيئر هڪٻئي کي ڏيون وٺون. 10اوهين اسان سان گڏ رهو. هي سڄو علائقو اوهان جي اڳيان پيو آهي. منجھس وسو رسو، وڻج واپار ڪريو ۽ منجھس مال ملڪيت حاصل ڪريو.“ 11سڪم بہ ڇوڪريءَ جي پيءُ ۽ ڀائرن کي چيو تہ ”مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪريو، اوهين جيڪي مون کي چوندا سو آءٌ ڏيندس. 12جيترو بہ مُلهہ ۽ سوکڙيون پاکڙيون اوهين گھرندا سو آءٌ اوهان جي چوڻ موجب ڏيندس، پر اها ڇوڪري مون کي پرڻائي ڏيو.“
13تڏهن يعقوب جي پٽن، سڪم ۽ سندس پيءُ حمور کي دغابازيءَ سان جواب ڏنو، ڇو تہ سڪم سندن ڀيڻ ديناہ جي آبرو لُٽي هئي. 14هنن کين چيو تہ ”اسان کان اهو ڪم ٿي ڪونہ سگھندو جو پنهنجي ڀيڻ هڪڙي اڻطهريل ماڻهوءَ کي ڏيون، ڇو تہ انهيءَ سان اسان جي بدنامي ٿيندي. 15پر رڳو هن شرط تي اسين اوهان جي ڳالهہ مڃينداسين تہ اوهين بہ اسان جهڙا ٿيو، يعني اوهان مان هر ڪو مرد پنهنجو طهر ڪرائي. 16پوءِ اسين ڌيئرن جي ڏي وٺ ڪنداسين، اوهان جي علائقي ۾ رهنداسين ۽ پاڻ ۾ گڏجي هڪڙي قوم ٿي پونداسين. 17پر جيڪڏهن اوهين طهر واري اسان جي ڳالهہ نہ مڃيندا تہ پوءِ اسين پنهنجي ڀيڻ وٺي هليا وينداسين.“
18هنن جون ڳالهيون حمور ۽ سندس پٽ سڪم کي وڻيون. 19سو هن جوان ماڻهوءَ انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ دير ڪانہ ڪئي، ڇو تہ يعقوب جي ڌيءَ تي ڏاڍي دل هئس. هو پنهنجي پيءُ جي گھراڻي ۾ سڀني کان وڌيڪ عزت وارو هو. 20پوءِ حمور ۽ سندس پٽ سڪم پنهنجي شهر جي دروازي وٽ آيا ۽ پنهنجي شهر جي ماڻهن کي سمجھائڻ لڳا تہ 21”هي ماڻهو تہ اسان سان صلح سان رهڻ گھرن ٿا. سو هنن کي هن علائقي ۾ رهڻ ۽ وڻج واپار ڪرڻ ڏيو، ڇو تہ هنن جي رهڻ لاءِ گھڻو ئي علائقو پيو آهي. اچو تہ ساڻن ڌيئرن جي ڏي وٺ بہ ڪريون. 22اهي ماڻهو رڳو هن شرط تي اسان سان گڏ رهڻ ۽ هڪڙي قوم ٿيڻ لاءِ راضي آهن تہ اسان مان هر ڪو مرد طهر ڪرائي، جيئن هنن جو ٿيل آهي. 23پوءِ ڀلا هنن جا ڍور ڍڳا، مال ملڪيت ۽ جانور سڀ اسان جا نہ ٿيندا ڇا؟ تنهنڪري اچو تہ اسين هنن جي ڳالهہ مڃون تہ جيئن هو اسان سان گڏجي رهن.“ 24سو جيڪي بہ ماڻهو سندن شهر جا هئا تن سڀني حمور ۽ سندس پٽ سڪم جي ڳالهہ قبول ڪئي ۽ سڀني پنهنجو طهر ڪرايو.
25ٽئين ڏينهن تي جڏهن هو اڃا طهر جي سور ۾ ئي هئا تہ يعقوب جي پٽن مان ٻہ ڄڻا شمعون ۽ لاوي ديناہ جا ڀائر پنهنجيون تلوارون کڻي اوچتو شهر جي مٿان حملو ڪري آيا ۽ سمورا ڇوڪرا ۽ مرد ماري وڌائون. 26انهن حمور ۽ سندس پٽ سڪم کي بہ تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو ۽ سڪم جي گھر مان ديناہ کي وٺي هليا ويا. 27انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ يعقوب جي پٽن لاشن ۽ شهر کي لٽيو، جتي سندن ڀيڻ جي عزت لُٽي ويئي هئي. 28هو انهن جون رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، گڏهہ ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر ۽ ٻنيءَ ۾ هو سو سڀ ڦري کڻي ويا. 29هو انهن جا سڀ ٻار ٻچا ۽ زالون پڪڙي انهن جي سموري دولت ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ گھرن ۾ هئن سو ڦري لُٽي کڻي ويا.
30تڏهن يعقوب شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ ”اوهان مون کي ڏک ڏنو آهي ۽ هن علائقي جي رهاڪن ڪنعانين ۽ فرزين ۾ مون کي نفرت جوڳو ڪيو اٿوَ. اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، سو جيڪڏهن هنن سڀني پاڻ ۾ گڏ ٿي مون تي ڪاهہ ڪئي تہ مون کي ماري وجھندا. آءٌ ۽ منهنجو سمورو گھر ٻار برباد ٿي ويندو.“ 31تنهن تي هنن وراڻيو تہ ”ڇا ڀلا هن کي اسان جي ڀيڻ سان هڪ بازاري عورت جهڙي هلت ڪرڻ کپندي هئي؟“