35
يعقوب جي بيتايل ڏانهن واپسي
1 #
پيد 28:11-17
پوءِ خدا يعقوب کي چيو تہ ”بيتايل ۾ وڃي رهہ ۽ اتي مون خدا جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهہ، جتي مون تو کي ان وقت ڏيکاري ڏني هئي، جڏهن تون پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي ڊپ کان ڀڳو ٿي وئين.“ 2سو يعقوب پنهنجي گھراڻي ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ هئا، تن سڀني کي چيو تہ ”اوهان وٽ جيڪي بہ بت آهن تن کي اڇلائي ڇڏيو ۽ پاڻ کي پاڪ ڪري پنهنجا ڪپڙا بدلايو. 3پوءِ اچو تہ بيتايل ڏانهن هلون. اتي آءٌ خدا لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيندس، جنهن مصيبت جي وقت منهنجي مدد ڪئي هئي ۽ جتي بہ ويس ٿي اتي مون سان گڏ هو.“ 4سو هنن وٽ جيڪي بہ بت هئا ۽ جيڪي بہ ڪنن ۾ واليون پاتل هئن، سي سڀ لاهي يعقوب کي ڏنائون. يعقوب اهي سڀ شاهہبلوط جي وڻ هيٺ پوري ڇڏيا، جيڪو سڪم شهر جي ويجھو هو.
5پوءِ هو اتان روانا ٿيا. هنن جي آسپاس جي شهرن کي اهڙو تہ خوف وٺي ويو جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ سندن پيڇو ڪونہ ڪيو. 6سو يعقوب انهن سڀني سميت جيڪي ساڻس گڏ هئا، لوز يعني بيتايل ۾ آيو جيڪو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي. 7هن اتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ انهيءَ جاءِ جو نالو #35:7 ايل بيتايل يعني بيتايل جو خدا.”ايل بيتايل“ رکيائين، ڇو تہ جڏهن هو پنهنجي ڀاءُ جي ڊپ کان ڀڳو ٿي ويو تڏهن انهيءَ ئي جاءِ تي خدا کيس ڏيکاري ڏني هئي. 8اتي ربقہ جي دائي دبورہ وفات ڪئي ۽ کيس بيتايل جي ڏاکڻي پاسي شاهہبلوط وڻ هيٺ دفن ڪيو ويو. انهيءَ ڪري ان وڻ جو نالو ”روڄ وارو شاهہبلوط“ پئجي ويو.
9جڏهن يعقوب فدانارام کان موٽي آيو تہ خدا وري بہ کيس ڏيکاري ڏني ۽ کيس برڪت ڏنائين. 10#پيد 32:28 خدا چيس تہ ”اڄ تائين تنهنجو نالو #35:10 يعقوب هي نالو عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ٺڳي ڪندڙ.“يعقوب رهيو آهي، اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏبو.“ سو هن سندس نالو اسرائيل رکيو.
11 #
پيد 17:4-8
خدا چيس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. تون گھڻي اولاد وارو ٿيءُ. تو مان هڪڙي قوم بلڪ گھڻيون قومون پيدا ٿينديون ۽ تنهنجي نسل مان بادشاهہ نڪرندا. 12جيڪو ملڪ مون ابراهيم ۽ اسحاق کي ڏنو هو سو آءٌ تو کي ڏيندس ۽ تو کان پوءِ اهو تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ 13پوءِ خدا جتي ساڻس ڳالهيون ڪيون، اتان ئي يعقوب وٽان مٿي هليو ويو.
14 #
پيد 28:18-19
يعقوب ان جاءِ تي يادگار طور هڪ ٿنڀي جيان پٿر کڙو ڪيو جتي خدا ساڻس ڳالهيون ڪيون هيون ۽ انهيءَ ٿنڀي تي خدا لاءِ اوتڻ وارو نذرانو ۽ تيل پئٽيائين. 15يعقوب ان جاءِ جو نالو #35:15 بيتايل عبراني ٻوليءَ ۾ انهيءَ جي معنيٰ آهي ”خدا جو گھر.“بيتايل رکيو.
راخل جي وفات
16پوءِ هو بيتايل مان روانا ٿيا ۽ اِفرات تائين پهچڻ ۾ اڃا ٿورو پنڌ هو تہ راخل کي اچي ويم جا سخت سور ٿيا. 17ٻار ڄڻڻ وقت جڏهن سندس سور تمام گھڻو وڌي ويا تڏهن دائيءَ چيس تہ ”ڊڄ نہ، تو کي هن ڀيري بہ پٽ ڄمندو.“ 18جڏهن هوءَ مرڻ تي هئي تڏهن پٽ جو نالو #35:18 بناوني عبراني ٻوليءَ ۾ انهيءَ جي معنيٰ آهي ”منهنجي تڪليف جو پٽ.“بناوني رکيائين، جنهن بعد هن دم ڏنو. پر يعقوب انهيءَ جو نالو #35:18 بنيامين عبراني ٻوليءَ ۾ انهيءَ جي معنيٰ آهي ”منهنجي ساڄي هٿ جو پٽ.“بنيامين رکيو.
19سو راخل مري ويئي ۽ کيس اِفرات يعني بيتلحم جي دڳ تي دفن ڪيو ويو. 20يعقوب انهيءَ جي قبر تي هڪڙو ٿنڀو کوڙيو جيڪو راخل جي قبر تي اڄ ڏينهن تائين موجود آهي. 21پوءِ هو مسافري ڪندو اڳتي وڌيو ۽ مجدلعدر جي پرئين پاسي وڃي پنهنجو تنبو کوڙيائين. 22#پيد 49:4 جڏهن يعقوب انهيءَ علائقي ۾ رهيو پيو هو تڏهن هڪ ڏينهن روبن پنهنجي پيءُ يعقوب جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو ۽ يعقوب کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.
يعقوب جا پٽ
(1.تواريخ 2:1-2)
23 يعقوب کي ٻارهن پٽ هئا جن مان لياہ مان هئس: روبن، جيڪو يعقوب جو وڏو پٽ هو، شمعون، لاوي، يهوداہ، اِسڪار ۽ زبولون. 24راخل مان يوسف ۽ بنيامين هئس. 25راخل جي ٻانهي بلهاہ مان دان ۽ نفتالي هئس. 26لياہ جي ٻانهي زِلفاہ مان جد ۽ آشر هئس.
اهي هئا يعقوب جا پٽ جيڪي کيس فدانارام ۾ ڄاوا.
اسحاق جي وفات
27 #
پيد 13:18
يعقوب پنهنجي پيءُ اسحاق وٽ ممري ۾ آيو جيڪو قريتاربع يعني حبرون شهر جي ويجھو آهي، اتي ابراهيم ۽ اسحاق رهندا هئا. 28اسحاق جي عمر هڪ سؤ اسي سال هئي 29تہ هن دم ڏنو ۽ مري ويو. هو وڏي عمر ماڻي وڃي پنهنجن سان گڏيو. سندس پٽن عيسوءَ ۽ يعقوب کيس دفنايو.