YouVersion Logo
Search Icon

خروج 12

12
عيد فصح
1 # لاو 23‏:5، ڳا 9‏:1‏-5، 28‏:16، شر 16‏:1‏-2 پوءِ مصر جي ملڪ ۾ ئي خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ 2”هي مهينو اوهان جي لاءِ سال جو پهريون مهينو ٿيندو. 3اوهين بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم کي هدايت ڏيو تہ هن مهيني جي ڏهين تاريخ، هر ڪنهن ڪٽنب جو وڏو پنهنجي پنهنجي گھر لاءِ هڪڙو گھيٽو چونڊي. 4جيڪڏهن سندس ڪٽنب ايترو ننڍو هجي جو سڄو گھيٽو کائي نہ سگھي، تہ پوءِ هو پنهنجي ويجھي پاڙيسريءَ سان گڏجي ڀاتين جي تعداد موجب هڪ گھيٽو چونڊي. هر هڪ ماڻهوءَ جي کائڻ جي مقدار موجب گھيٽي جو حساب ڪيو وڃي. 5انهيءَ لاءِ رڍن مان گھيٽو چونڊيو وڃي يا ٻڪرين مان ڇيلو، پر اهو هڪ سال جو، نر ۽ بي‌عيب هئڻ گھرجي. 6هر ڪٽنب ان کي ساڳئي مهيني جي چوڏهين تاريخ تائين پاڻ وٽ حفاظت ۾ رکي. پوءِ انهيءَ ڏينهن شام جي وقت بني اسرائيل جو هر ڪٽنب انهيءَ کي ذبح ڪري. 7هو انهيءَ جو ٿورو رت کڻي جن گھرن ۾ اهو کاڌو وڃي تن جي درن جي پاسن وارين ٻانهين ۽ سردرن تي لڳائين. 8انهيءَ ئي رات هو ان جي گوشت کي باهہ تي رکي پچائي، اهو بي‌خميري مانيءَ ۽ ڪؤڙي ڀاڄيءَ سان گڏ کائين. 9ڪوبہ انهيءَ گوشت کي ڪچو نہ کائي، نہ ئي وري ان کي پاڻيءَ ۾ اوٻاري کائي. پر انهيءَ کي منڍيءَ، پاون ۽ آنڊن سميت باهہ تي رکي پچائي کاڌو وڃي. 10انهيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ نہ بچايو وڃي. پر جيڪڏهن ڪجھہ بچي پوي تہ اهو ساڙي ڇڏجي. 11بني اسرائيل مان هر ڪو اهو هن طرح کائي جو سفر لاءِ سندس سندرو ٻڌل هجي، سندس پيرن ۾ جتي هجي ۽ هٿ ۾ لٺ هجيس. هر ڪو اهو تڪڙ ۾ کائي وٺي. اها #12‏:11 فصح عبراني ٻوليءَ ۾ انهيءَ جي معنيٰ آهي ”ڇڏي لنگھي وڃڻ.“فصح نالي پاڪ عيد آهي، جيڪا آءٌ خداوند مقرر ڪريان ٿو.
12انهيءَ ئي رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگھندس ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ ماڻهن جا پهريتا پٽ يا جانورن جا پهريتا نر ٻچا هوندا، تن سڀني کي ماري ڇڏيندس. مصر جي سڀني معبودن کي بہ سزا ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان. 13جن گھرن ۾ بني اسرائيل وارا رهن ٿا، تن جي دروازن تي لڳل اهو رت هڪڙو نشان هوندو. آءٌ اهو رت ڏسي کين ڇڏي لنگھي ويندس. جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن ڪابہ آفت بني اسرائيل کي برباد ڪرڻ لاءِ مٿن نہ ايندي. 14#خر 23‏:15، 34‏:18، لاو 23‏:6‏-8، ڳا 28‏:17‏-25، شر 16‏:3‏-8 اهو ڏينهن بني اسرائيل کي هميشہ ياد رهي، بلڪ هو ان کي مون خداوند جي عيد جو ڏينهن سمجھي ملهائين ۽ هر سال پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن تي عيد ڪندا رهن.“
بي‌خميري مانيءَ جي عيد لاءِ حڪم
15خداوند کين بني اسرائيل لاءِ وڌيڪ فرمايو تہ ”انهيءَ ئي ڏينهن کان وٺي ستن ڏينهن تائين اوهين بي‌خميري ماني کائجو. اوهين عيد جي پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گھرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين ڪڏهن بہ خميري ماني کائيندو، تہ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو. 16پهرئين ڏينهن تي ۽ وري ستين ڏينهن تي عبادت لاءِ اوهان جي گڏجاڻي ٿيندي. انهن ٻنهي ڏينهن تي کاڌي تيار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪيو وڃي. 17اها بي‌خميري مانيءَ جي عيد اوهين هميشہ ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ خاص ڏينهن تي مون اوهان جي سڀني قبيلن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو. تنهنڪري اوهين پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن کي عيد جو ڏينهن ڪري ملهائيندا رهجو. 18پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام کان وٺي ايڪيهين تاريخ شام تائين اوهين جيڪا ماني کائو، تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي. 19‏-20ستن ڏينهن تائين اوهان جي گھرن ۾ رڳو بي‌خميري ماني ئي کاڌي وڃي، بلڪ خمير جو نالو ئي نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ ماڻهو ڪا خميري شيءِ کائيندو، تنهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، پوءِ اهو بني اسرائيل قوم وارو هجي توڙي اوهان جي قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو هجي.“
پهرين عيد فصح
21ان کان پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي گھرائي چيو تہ ”اوهان مان هر هڪ پنهنجي ڪٽنب مطابق هڪ هڪ گھيٽو چونڊي ۽ انهيءَ کي فصح جي عيد ملهائڻ لاءِ وڃي ذبح ڪري. 22انهيءَ جو رت ٿالهہ ۾ رکي اوهين زوفا ٻوٽي جو هڪڙو ڇڳو انهيءَ رت مان ٻوڙي پنهنجي پنهنجي ٻاهرين در جي ٻانهين ۽ سردرن تي لڳائجو. پوءِ صبح تائين اوهان مان ڪوبہ پنهنجي گھر جي در کان ٻاهر نہ نڪري. 23#عبر 11‏:28 جڏهن خداوند مصرين کي مارڻ لاءِ ملڪ مان لنگھندو ۽ در جي ٻنهي ٻانهين ۽ سردرن تي رت ڏسندو، تڏهن خداوند انهيءَ در کي ڇڏي لنگھي ويندو. هو موت جي فرشتي کي اوهان جي گھرن ۾ اوهان کي مارڻ لاءِ اچڻ ڪين ڏيندو. 24اوهين ۽ اوهان جو اولاد عيد جي انهيءَ دستور تي هميشہ عمل ڪندا رهجو. 25جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيو، جنهن جي ڏيڻ جو خداوند اوهان سان واعدو ڪيو هو، تڏهن اوهين اها رسم ادا ڪندا رهجو. 26پوءِ جڏهن اوهان جو اولاد اوهان کان پڇي تہ ’انهيءَ رسم مان اوهان جو ڪهڙو مقصد آهي؟‘ 27تڏهن اوهين کين ٻڌائجو تہ ’هيءَ خداوند واسطي #12‏:27 فصح ڏسو آيت 27‏:11 جي صفحي هيٺ ڏنل سمجھاڻي.فصح جي قرباني آهي، ڇاڪاڻ تہ هو مصر ۾ مصرين کي ماريندي وقت اسان بني اسرائيل جي گھرن وٽان لنگھي ويو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين.‘“
تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن زمين تي جھڪي خداوند آڏو سجدو ڪيو. 28پوءِ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو.
ڏهين آفت، پهريتن جو موت
29 # خر 4‏:22‏-23 جڏهن اڌ رات ٿي تہ خداوند مصر وارن جي سڀني پهريتن پٽن کي، فرعون جيڪو تخت تي ويٺو هو تنهن جي پهريتي پٽ کان وٺي انهيءَ قيديءَ جي پهريتي پٽ تائين جيڪو قيدخاني ۾ هو ماري ڇڏيو. خداوند چوپائي مال جي پهريتن نر ٻچن کي بہ ماري ڇڏيو. 30انهيءَ رات فرعون، سندس عملدار ۽ سڀيئي مصري جاڳي اٿيا ۽ مصر ۾ ڏاڍو ماتم مچي ويو، ڇاڪاڻ تہ ڪو گھر اهڙو ڪونہ هو جنهن ۾ موت نہ ٿيو هجي. 31تڏهن ساڳيءَ رات جو ئي فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”هليا وڃو، اوهين ٻئي بني اسرائيل جي ماڻهن کي وٺي منهنجي ماڻهن منجھان نڪري وڃو. جيئن اوهان چيو پئي تيئن وڃي پنهنجي خداوند جي عبادت ڪريو. 32جيئن اوهان چيو پئي تيئن پنهنجيون رڍون، ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا بہ ڪاهي وڃو. منهنجي لاءِ بہ برڪت گھرجو.“
33مصرين انهن ماڻهن تي جلد کان جلد ملڪ مان نڪري وڃڻ تي زور ٿي لاتو. هنن کين چيو ٿي تہ ”جيڪڏهن اوهين نہ نڪرندا تہ اسين سڀ مري وينداسين.“ 34سو انهن ماڻهن پنهنجو ڳوهيل اٽو، خمير ٿي وڃڻ کان اڳ ٿالهن سميت پنهنجن ڪپڙن ۾ ٻڌي پنهنجن ڪلهن تي کنيو. 35#خر 3‏:21‏-22 بني اسرائيل جي ماڻهن موسيٰ جي چوڻ موجب مصرين کان سون ۽ چانديءَ جا زيور ۽ ڪپڙا گھري ورتا هئا. 36خداوند انهن ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ اهڙي حشمت بخشي جو هنن جيڪي بہ گھريو سو کين ڏنائون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي ماڻهن مصرين کي ڄڻ ڦريو لٽيو.
بني اسرائيل جو مصر مان روانو ٿيڻ
37پوءِ بني اسرائيل رعمسيس شهر کان سُڪات ڏانهن پيادل سفر ڪيو. انهن ۾ عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ رڳو مردن جو تعداد ڇهہ لک هو. 38ٻين قومن جو هڪ وڏو انبوهہ بہ ساڻن گڏ روانو ٿيو. ان کان سواءِ گھڻيون ئي رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيو چوپايو مال ساڻن گڏ هو. 39انهن جيڪو ڳوهيل اٽو مصر مان آندو هو، تنهن مان بي‌خميري ماني پچايائون، ڇاڪاڻ تہ اهو اٽو خمير ٿيل نہ هو. جيئن تہ هنن کي اوچتو مصر مان زبردستيءَ ڪڍيو ويو هو، سو کين خمير ملائڻ جو بہ وقت نہ مليو، نڪي پنهنجي لاءِ ڪو کاڌو تيار ڪري سگھيا.
40 # پيد 15‏:13، گل 3‏:17 بني اسرائيل کي مصر ۾ رهندي چار سؤ ٽيهہ سال گذري ويا هئا. 41انهن چار سؤ ٽيهن سالن گذرڻ کان پوءِ انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي خداوند جي قوم جا سڀ قبيلا مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا. 42اها ئي رات هئي جڏهن خداوند بني اسرائيل کي پنهنجي نگهبانيءَ ۾ مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو. هيءَ ئي رات آهي جا خداوند لاءِ وقف ٿيل آهي ۽ اها سڄي بني اسرائيل کي سندن سڀني پيڙهين تائين ملهائڻي آهي.
عيد فصح بابت قاعدا
43پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”عيد فصح جا قاعدا هي آهن. بني اسرائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو عيد فصح جي ماني نہ کائي. 44پر اوهان جو هر اهو زرخريد غلام جنهن جو طهر ٿيل هجي، سو اها کائي سگھي ٿو. 45باقي ڪوبہ ڌاريو، توڙي اوهان جو پگھاردار نوڪر ئي ڇو نہ هجي سو اها اصل نہ کائي. 46#ڳا 9‏:12، يو 19‏:36 عيد فصح جي ماني جنهن گھر ۾ تيار ڪئي وڃي، سموري اتي ئي کائجي. انهيءَ جي گوشت مان ڪجھہ بہ گھر کان ٻاهر کڻي نہ وڃجي، نڪي انهيءَ جو ڪو هڏو ڀڃجي. 47بني اسرائيل جي سڄي قوم هيءَ عيد ملهائي. 48جيڪڏهن ڪو ڌاريو توهان وٽ رهي ٿو ۽ هو خداوند جي هن عيد فصح ۾ شريڪ ٿيڻ چاهي ٿو، تہ پهريائين سندس گھر جا سڀيئي مرد طهر ڪرائين، پوءِ هو ويجھا اچي عيد فصح ۾ شريڪ ٿين. اهڙيءَ طرح هو اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ جهڙا ليکجڻ ۾ ايندا. پر ڪوبہ اڻ‌طهريل ماڻهو عيد فصح جي ماني کائي نہ ٿو سگھي. 49اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ لاءِ توڙي ڌارئيءَ لاءِ، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو، ساڳيا ئي قاعدا لاڳو آهن.“
50سو سڄي بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو. 51انهيءَ ساڳئي ڏينهن خداوند بني اسرائيل جي سموري قوم کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.

Currently Selected:

خروج 12: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in