YouVersion Logo
Search Icon

خروج 1

1
بني اسرائيل تي مصر ۾ ظلم
1 # پيد 46‏:8‏-27 اسرائيل يعني يعقوب جا پٽ، جيڪي پنهنجي پنهنجي ڪٽنب کي وٺي ساڻس گڏجي مصر ۾ آيا، تن جا نالا هي آهن: 2روبن، شمعون، لاوي ۽ يهوداہ، 3اِسڪار، زبولون ۽ بنيامين، 4دان، نفتالي، جد ۽ آشر. 5اهي سڀ ماڻهو جيڪي يعقوب جي نسل مان پيدا ٿيا سي ستر هئا. سندس پٽ يوسف اڳ ۾ ئي مصر ۾ هو.
6وقت گذرڻ سان يوسف، سندس ڀائر ۽ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀيئي ماڻهو فوت ٿي ويا. 7#رس 7‏:17 پر سندن نسل يعني اسرائيل جو اولاد ڦلدار ٿيندو ۽ گھڻو وڌندو رهيو. هو نهايت طاقت وارو ٿيو ۽ اهو ملڪ انهن سان ڀرجي ويو.
8 # رس 7‏:18 تڏهن مصر ۾ ٻئي #1‏:8 فرعون هي مصر ملڪ جي بادشاهن جو لقب هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ فرعون بادشاهہ زور ورتو، جيڪو يوسف جي باري ۾ ڪجھہ نہ ڄاڻيندو هو. 9هن پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”ڏسو، بني اسرائيل جي قوم اسان کان شمار ۽ زور ۾ گھڻي وڌي ويئي آهي. 10#رس 7‏:19 تنهنڪري اچو تہ ساڻن چالاڪيءَ سان هلون، متان اهي اڃا بہ وڌي وڃن ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمنن سان گڏجي اسان سان وڙهن ۽ ملڪ مان نڪري وڃن.“ 11سو مصرين کين پيڙڻ لاءِ مٿن رکوالا مقرر ڪيا تہ جيئن اهي کين بيگر ۾ وهائين. اهڙيءَ طرح هنن فرعون جي لاءِ ذخيري ڪرڻ جا شهر پتوم ۽ رعمسيس اڏيا. 12پر جيئن جيئن مصري کين وڌيڪ تڪليفون ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ ملڪ ۾ پکڙجندا ويا، ايتري قدر جو مصري بني اسرائيل کان ڊڄڻ لڳا. 13تڏهن هو بني اسرائيل کان سخت پورهيو ڪرائڻ لڳا. 14انهن کان گاري ۽ سرن ٺهرائڻ جو ڪم ۽ پنهنجين ٻنين ۾ هر قسم جو ڪم سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون. انهن کان جيڪو بہ پورهيو ٿي ڪرايائون سو سخت ظلم سان ٿي ڪرايائون.
15تڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون #1‏:15 عبراني بني اسرائيل کي ”عبراني“ بہ سڏيو ويندو آهي.عبراني عورتن جي داين کي پاڻ وٽ سڏايو، جن مان هڪڙيءَ جو نالو سفرہ ۽ ٻيءَ جو پوعاہ هو. 16کين حڪم ڏنائين تہ ”جڏهن اوهين عبراني عورتن کي ويم ڪرايو تڏهن اوهين ڏسو، جيڪڏهن پٽ ڄمي تہ انهيءَ کي ماري ڇڏجو ۽ جي ڌيءَ ڄمي تہ انهيءَ کي جيئرو ڇڏجو.“ 17پر دايون خدا کان ڊنيون ۽ جيئن بادشاهہ حڪم ڏنو هئن تيئن نہ ڪيائون ۽ پٽن کي بہ جيئرو ڇڏي ڏنائون. 18تڏهن فرعون داين کي گھرائي چيو تہ ”توهان ائين ڇو ڪيو جو پٽن کي بہ جيئرو ڇڏي ڏنوَ؟“ 19تنهن تي داين فرعون کي وراڻيو تہ ”عبراني عورتون مصر جي عورتن وانگر نہ آهن. اُهي اهڙيون تہ صحتمند آهن جو داين جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ويم ڪريو ڇڏين.“ 20‏-21انهيءَ ڳالهہ جي ڪري خدا داين سان ڀلائي ڪئي ۽ سندن گھر آباد ڪيا، جو اهي خدا کان ڊنيون هيون. سو ائين بني اسرائيل جي قوم وڌندي ۽ تمام گھڻي ٿيندي رهي. 22#رس 7‏:19 تنهن کان پوءِ فرعون پنهنجي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياءَ ۾ اڇلايو ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو.“

Currently Selected:

خروج 1: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in