3
پيرن کان معذور کي چڱو ڀلو ڪرڻ
1هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي پطرس ۽ يوحنا هيڪل ڏانهن عبادت ڪرڻ ويا. 2اتي سهڻي نالي دروازي وٽ هڪ ڄائي ڄم کان معذور ويٺو هو، جنهن کي روزانو دروازي وٽ انهيءَ لاءِ ويهاريندا هئا تہ هو هيڪل ۾ ايندڙ ماڻهن کان پني. 3هن جڏهن پطرس ۽ يوحنا کي هيڪل ۾ ويندي ڏٺو تہ انهن کان بہ خيرات گھريائين. 4تنهن تي انهن هن ڏانهن چتائي ڏٺو ۽ پطرس چيس تہ ”اسان ڏانهن نهار.“ 5سو هن اها اميد رکي هنن ڏانهن نهاريو تہ اهي کيس ڪجھہ ڏيندا. 6تڏهن پطرس هن کي چيو تہ ”مون وٽ پئسا تہ ڪونہ آهن، پر آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آهي. عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي سان اُٿ ۽ گھم ڦر.“ 7پوءِ هن کيس ساڄي هٿ کان وٺي اٿاريو تہ انهيءَ دم ان ماڻهوءَ جا پير ۽ مُرا مضبوط ٿي ويا. 8هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. پوءِ هو گھمندو، ٽپا ڏيندو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو انهن سان گڏ هيڪل ۾ ويو. 9سڄيءَ خلق هن کي گھمندي ڦرندي ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي ڏٺو. 10انهن کيس سڃاتو تہ هي اهو پينو فقير آهي، جيڪو هيڪل جي سهڻي دروازي وٽ ويٺو پنندو هو. تڏهن اهي سڀيئي هن کي ڏسي عجب ۽ حيرت ۾ پئجي ويا.
پطرس جو هيڪل ۾ تبليغ ڪرڻ
11جڏهن هو پطرس ۽ يوحنا کي چنبڙيو بيٺو هو تڏهن سڀيئي ماڻهو ڏاڍي حيرت وچان انهيءَ ورانڊي ڏانهن ڊوڙندا وٽن آيا، جنهن کي سليماني ورانڊو ڪري سڏيندا آهن. 12پطرس اهو حال ڏسي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانهن ائين ڇو ٿا نهاريو جو ڄڻ اسان هن کي پنهنجي قدرت ۽ دينداريءَ سان گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني آهي؟ 13#خر 3:15 ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، هائو، اسان جي وڏن جي خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي عظمت بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو. 14#مت 27:15-23، مر 15:6-14، لو 23:13-23، يو 19:12-15 هو پاڪ ۽ سچار هو، پر اوهان کيس رد ڪري هڪ خونيءَ کي آزاد ڪرڻ جو عرض ڪيو. 15اهڙيءَ طرح اوهان زندگيءَ جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون. 16اها عيسيٰ تي ايمان آڻڻ جي ڪري سندس نالي جي قدرت ئي آهي جنهن هن معذور ماڻهوءَ کي گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني، جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. هائو، عيسيٰ جي نالي تي ايمان آڻڻ ڪري ئي هي ماڻهو پوريءَ طرح چڱو ڀلو ٿيو ۽ اوهين پاڻ هن کي ڏسي سگھو ٿا.
17اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۽ اوهان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ عيسيٰ سان ڪيو، سو اڻڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو. 18ائين خدا جيڪو اڳي سڀني نبين جي معرفت چيو هو تہ سندس مسيح اهي تڪليفون سهندو، سو هن انهيءَ طرح پورو ڪيو. 19تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ خدا ڏانهن اچو تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن، 20انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن ۽ هو اوهان لاءِ اڳي ئي مقرر ٿيل مسيح، يعني عيسيٰ کي ٻيهر موڪلي. 21هو تيستائين ضرور آسمان تي رهندو، جيستائين سڀني ڳالهين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت خدا پنهنجي پاڪ نبين جي معرفت گھڻو اڳي چيو هو. 22#شر 18:15،18 جيئن موسيٰ شريعت ۾ چيو هو تہ ’خداوند اوهان جو خدا اوهان لاءِ اوهان مان مون جهڙو هڪ نبي موڪليندو. اهو جيڪي بہ ڳالهيون اوهان کي ٻڌائي سي سڀ ٻڌجو. 23#شر 18:19 جيڪو بہ انهيءَ نبيءَ جي نہ ٻڌندو، سو سندس قوم کان ڌار ڪري برباد ڪيو ويندو.‘ 24سموئيل کان وٺي جيڪي بہ نبي آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني هنن ڏينهن جو ذڪر ڪيو آهي. 25#پيد 22:18 اوهين انهن نبين جا وارث ۽ انهيءَ عهد جا شريڪ آهيو جيڪو خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، جيئن هن ابراهيم کي چيو تہ ’تنهنجي اولاد جي وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملندي.‘ 26انهيءَ ڪري خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها برڪت عطا ڪري جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“