YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 5

5
پهريان چيلا بڻائڻ
(متي 4‏:18‏-22، مرقس 1‏:16‏-20)
1 # مت 13‏:1‏-2، مر 3‏:9‏-10، 4‏:1 هڪڙي دفعي جڏهن يسوع گليل ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺو هو تہ ماڻهن جا ميڙ مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جون ڳالهيون ٻڌن. 2ان وقت هن ڍنڍ جي ڪناري تي ٻہ ٻيڙيون بيٺل ڏٺيون، جن مان لهي مهاڻن پنهنجا ڄار پئي ڌوتا. 3سو يسوع انهن مان هڪڙيءَ ۾ چڙهي پيو، جيڪا شمعون جي هئي. هن شمعون کي ڪناري کان ٿورو پرڀرو ٻيڙي ڌِڪڻ لاءِ چيو، جتي ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺي هو ميڙ کي سکيا ڏيڻ لڳو.
4جڏهن يسوع ڳالهائي بس ڪئي تڏهن شمعون کي چيائين تہ ”ٻيڙي اونهي پاڻيءَ ۾ ڪاهي هلو ۽ اتي اوهين شڪار لاءِ پنهنجا ڄار وجھو.“ 5#يو 21‏:3 تنهن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سوامي! اسان سڄي رات لوڙيو آهي پر ڪجھہ بہ هٿ نہ آيو آهي، تنهن هوندي بہ جيڪڏهن اوهين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“ 6#يو 21‏:6 انهن ڄار وڌا تہ ايتريون مڇيون اچي ڦاٿيون جو ڄار پئي ٽُٽن. 7تنهن تي ٻي ٻيڙيءَ ۾ جيڪي سنگتي هئن تن کي مدد لاءِ سڏيائون. هو آيا ۽ مڇيءَ سان ٻئي ٻيڙيون ايتريون تہ ڀريائون جو اچي ٻڏڻ لڳيون. 8جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ يسوع جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي پرڀو! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پاپي آهيان.“ 9‏-10شمعون سان گڏوگڏ سندس ڀائيوار زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، بلڪ سندس سڀيئي سنگتي بہ ايتريون مڇيون ڦاٿل ڏسي ڏاڍي حيرت ۾ پئجي ويا. تنهن تي يسوع شمعون کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، اڄ کان پوءِ تون مڇين بدران ماڻهن کي هٿ ڪندين.“ 11پوءِ اهي ٻيڙين کي ڌِڪي ڪناري تي ڪاهي آيا ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي يسوع جي پٺيان هلڻ لڳا.
ڪوڙهہ جهڙي مرض واري کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 8‏:1‏-4، مرقس 1‏:40‏-45)
12هڪ دفعي يسوع ڪنهن شهر ۾ ويو جتي هڪ ماڻهو ڪوڙهہ جهڙي مرض سان ورتل هو. هن جڏهن يسوع کي ڏٺو تہ ان جي اڳيان منهن ڀر ڪري منٿون ڪندي چيائينس تہ ”اي سوامي! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“ 13سو يسوع پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو. تون ڇٽي پوِتر ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم سندس ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو. 14#لاو 14‏:1‏-32 پوءِ يسوع کيس تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي نيم موجب پنهنجي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پوِتر ٿيو آهين.“ 15يسوع بابت اهي ڳالهيون هنڌين ماڳين پکڙجي ويون. سو ماڻهن جا وڏا ميڙ اچي هن وٽ گڏ ٿيندا هئا، تہ جيئن هن جون ڳالهيون ٻڌن ۽ پنهنجين بيمارين کان ڇٽي چڱا ڀلا ٿين. 16پوءِ بہ هو وقت ڪڍي پرارٿنا ڪرڻ لاءِ پرڀرو اڪيلائيءَ ۾ هليو ويندو هو.
اڌرنگي ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 9‏:1‏-8، مرقس 2‏:1‏-12)
17هڪڙي ڏينهن يسوع ڪنهن گھر ۾ سکيا ڏيئي رهيو هو ۽ ڪي فريسي ۽ نيم شاستري بہ اتي ويٺا هئا، جيڪي يروشلم شهر سميت يهوديہ ۽ گليل علائقن جي هر ڳوٺ ۽ شهر کان آيا هئا. جيئن تہ بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ پرميشور جي شڪتي يسوع سان گڏ هوندي هئي، 18سو ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگي ماڻهوءَ کي کٽولي تي کڻي آيا ۽ ڪوشش پئي ڪيائون تہ هن کي گھر جي اندر کڻي اچي يسوع جي اڳيان رکن. 19پر ميڙ جي ڪري انهن کي اندر کڻي اچڻ لاءِ رستو نہ پئي مليو. تنهنڪري هو ڪوٺي تي چڙهي ويا ۽ ڇت ۾ سوراخ ڪري کٽولي سوڌو کيس هيٺ ماڻهن جي وچ ۾ يسوع جي اڳيان ڪري لاٿائون. 20يسوع انهن جو ايڏو وشواس ڏسي بيمار کي چيو تہ ”ميان! تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“ 21تنهن تي نيم شاستري ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”هي تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري! ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ پاپ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“ 22يسوع انهن جا خيال سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟ 23ڇا هي سولو آهي جو هن ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا پاپ تو کي معاف ڪيا ويا،‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر‘؟ 24پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منش‌پتر کي ڌرتيءَ تي پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“ 25تنهن تي هو هڪدم انهن جي اڳيان اُٿي کڙو ٿيو ۽ جنهن کٽولي تي پيل هو سو کنيائين ۽ ايشور جي مهما ڪندي گھر ڏانهن روانو ٿيو. 26سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خوف وچان ايشور جي مهما ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اڄ اسان ڪهڙيون نہ عجيب ڳالهيون ڏٺيون آهن!“
لاويءَ کي پوئلڳ بڻائڻ
(متي 9‏:9‏-13، مرقس 2‏:13‏-17)
27 انهيءَ کان پوءِ يسوع ٻاهر نڪتو ۽ ڏٺائين تہ #5‏:27 لاويءَ لاويءَ نالي هن شخص جو ٻيو نالو متي هو.لاويءَ نالي هڪڙو ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پنهنجي اڏي تي ويٺو آهي. يسوع ان کي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ 28لاوي اٿيو ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي هن جي پٺيان هلڻ لڳو.
29پوءِ لاويءَ پنهنجي گھر ۾ يسوع جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنهن ۾ وڏو تعداد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جو هو ۽ ٻيا بہ ماڻهو انهن سان گڏ ويٺا هئا. 30#لو 15‏:1‏-2 تڏهن ڪن فريسين ۽ سندن نيم شاسترين ڪُرڪندي يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”ڇو اوهين #5‏:30 ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“ 31تنهن تي يسوع کين ورندي ڏني تہ ”چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي. 32آءٌ نيڪن کي نہ، پر پاپين کي توبهہ جي طرف سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“
وِرتن بابت سوال
(متي 9‏:14‏-17، مرقس 2‏:18‏-22)
33ڪن ماڻهن يسوع کي چيو تہ ”يوحنا جا چيلا اڪثر وِرت رکندا آهن ۽ پرارٿنائون ڪندا آهن ۽ فريسين جا چيلا بہ ائين ڪندا آهن. پر تنهنجا چيلا تہ کائيندا پيئندا ٿا رهن.“ 34يسوع وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان آهي، تيستائين اوهين انهن کي ڪو وِرت رکائي سگھو ٿا ڇا؟ 35پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، تہ انهن ڏينهن ۾ هو بہ وِرت رکندا.“
36يسوع انهن کي هي مثال بہ ٻڌايو تہ ”ڪوبہ ماڻهو نون ڪپڙن مان ٽڪر ڦاڙي پراڻن ڪپڙن کي چتي نہ ٿو هڻي. جيڪڏهن ائين ڪندو تہ هو نوان ڪپڙا بہ ڦاڙيندو ۽ اهو ٽڪر پراڻي سان ميل بہ نہ کائيندو. 37ڪوبہ ماڻهو تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري، ڇو تہ تازي مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. پوءِ تہ مئي بہ هارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. 38تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀرڻ گھرجي. 39پراڻي مئي پيئڻ کان پوءِ ڪوبہ نئين مئي پيئڻ پسند نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو چوي ٿو تہ ’پراڻي مئي وڌيڪ سٺي آهي.‘“

Currently Selected:

لوقا 5: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in