YouVersion Logo
Search Icon

صفنياہ 1

1
1خداوند جو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾ صفنياہ بن ڪوشي بن جدلياہ بن امرياہ بن حزقياہ تي نازل ٿيو.
2خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ زمين جي سطح تان سڀ شيون بلڪل تباهہ ڪندس. 3آءٌ ماڻهو توڙي جانور کي چٽ ڪري ڇڏيندس؛ آءٌ هوا جي پکين کي ۽ سمنڊ جي مڇين کي، ۽ شريرن کي سندن آٿڙائڻ وارن پٿرن سان گڏ ناس ڪندس؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انسان کي زمين جي سطح تان وڍي ڇڏيندس. 4آءٌ پنهنجو هٿ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن تي ڊگهو ڪندس؛ ۽ بعل جي باقي رهيلن کي هن ملڪ مان وڍي ڇڏيندس، ۽ ڪماريم جو نالو انهيءَ جي ڪاهنن سميت بہ وڍي ڇڏيندس. 5۽ انهن کي بہ، جي گهرن جي کڏن تي آسمان جي لشڪر کي ٿا پوڄين؛ ۽ انهن کي بہ، جي سجدو ڪري خداوند جو عهد ٿا ڪن ۽ ملڪوم جو قسم ٿا کڻن؛ 6۽ انهن کي بہ جي خداوند کان ڦري ويا آهن؛ ۽ جن خداوند کي نہ ڳوليو آهي ۽ نہ سندس ڪا پڇا ڪئي اٿن.
7خداوند خدا جي اڳيان ماٺ ڪري بيهہ؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آيو آهي: خداوند هڪڙي قرباني تيار ڪئي آهي، ۽ هن پنهنجا مهمان بہ خاص طرح مقرر ڪري ڇڏيا آهن. 8۽ خداوند جي قرباني واري ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ اميرن ۽ شهزادن ۽ انهن سڀني کي، جن پرديسي پوشاڪ پاتي آهي، سزا ڏيندس. 9۽ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني کي سزا ڏيندس جي چانئٺ ٽپي ٿا وڃن، ۽ پنهنجي مالڪ جو گهر ظلم ۽ ٺڳيءَ سان ٿا ڀرين. 10۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن مڇيءَ واري دروازي کان رڙ جو آواز، ۽ ٻئي پاڙي مان رودن، ۽ ٽڪرن تان وڏو ڪڙڪو ايندو. 11اي مڪتيس جا رهاڪو، اوهين واويلا مچايو، ڇالاءِ جو ڪنعان جا سڀ ماڻهو چٽ ٿي ويا آهن. ۽ جيڪي چانديءَ سان لڏيل هئا سي سڀ بہ وڍجي ويا آهن. 12انهيءَ وقت هيئن ٿيندو تہ آءٌ شمع کڻي يروشلم جي تلاش ڪندس، ۽ انهن ماڻهن کي سزا ڏيندس جي پنهنجي ڪٽيءَ تي ويهي ويا آهن، ۽ جي پنهنجي دل ۾ چون ٿا تہ خداوند نڪا چڱائي ڪندو نڪا برائي ڪندو.
13انهن جي دولت لٽ جو مال ٿيندي، ۽ انهن جا گهر ويران ٿيندا: هائو، هو اڏيندا پر وسائيندا ڪين؛ ۽ هو انگورستان لڳائيندا، پر انهن جو شراب نہ پيئندا. 14خداوند جو وڏو ڏينهن ويجهو آهي، اُهو ويجهو آهي، ۽ تمام جلد ايندو، بلڪ خداوند جي ڏينهن جو آواز ٿو اچي؛ زور وارو ماڻهو اُتي زار زار روئي ٿو. 15اُهو ڏينهن غضب جو ڏينهن آهي، تڪليف ۽ ڏک جو ڏينهن، تباهي ۽ ويراني جو ڏينهن، اونداهي ۽ انڌاري جو ڏينهن، ڪڪرن ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛ 16قلعي وارن شهرن ۽ مٿانهن ڪنگرن جي برخلاف قرنائيءَ ۽ جنگ جي خبر جو ڏينهن آهي. 17۽ آءٌ ماڻهن تي اهڙي مصيبت آڻيندس جو هو انڌن وانگي هلندا، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي: ۽ مٽيءَ وانگي هنن جو رت وهايو ويندو، ۽ هنن جو گوشت ڇيڻي وانگي. 18خداوند جي غضب جي ڏينهن هنن جو سون يا روپو هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ پر سڄي زمين کي هن جي غيرت جي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ڇالاءِ جو هو انهي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي پڄاڻي، بلڪ خوفناڪ پڄاڻي ڪندو.

Currently Selected:

صفنياہ 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in