YouVersion Logo
Search Icon

حبقوق 3

3
1حبقوق نبيءَ جي دعا، جا شگايونوت جي سُر تي آهي.
2اي خداوند، آءٌ تنهنجي ناموس ٻڌي ڏڪي ويو آهيان. اي خداوند، تون پنهنجو ڪم هن ئي زماني ۾ بحال ڪر. هن ئي زماني ۾ انهي کي پڌرو ڪر؛ قهر جي وقت ۾ رحم ياد ڪر.
3خداوند تيمان مان آيو، ۽ پاڪ خدا فاران جي جبل تان. هن جي جلال آسمانن کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ زمين هن جي تعريف سان معمور هئي.
4۽ هن جي روشنائي نور جهڙي هئي، ترورا سندس هٿ مان پئي نڪتا، ۽ انهيءَ ۾ سندس قدرت لڪل هئي.
5هن جي اڳيان مري ٿي ويئي؛ ۽ هن جي پيرن وٽان باهہ جا تير ٿي نڪتا.
6هو اُٿيو ۽ زمين ماپيائين، ۽ هن نهاريو ۽ قومن کي هڪالي جدا ڪيائين: مدامي جبل پکڙي ويا، ۽ هميشہ جٽاءُ ڪندڙ ٽڪر جهڪي ويا؛ هن جون راهون مدامي آهن.
7مون ڪوشن جا تنبو مصيبت ۾ ڏٺا: مديان جي ملڪ جا پردا ڏڪي ويا.
8خداوند ندين کان رنج ٿيو آهي ڇا؟ تنهنجو غصو ندين تي ۽ تنهنجي ڪاوڙ سمنڊ تي هئي ڇا جڏهن تون پنهنجن گهوڙن تي، ۽ نجات جي گاڏين تي چڙهئين؟
9تنهنجي ڪمان ظاهر ڪئي ويئي؛ قومن سان ڪيل عهد قائم آهي. تو زمين کي ندين سان چيري ڇڏيو.
10جبلن توکي ڏٺو ۽ ڏڪي ويا؛ پاڻيءَ جون لهرون لنگهي ويون؛ سمنڊ پنهنجو آواز ٻڌايو، ۽ لهرون مٿي چڙهي آيون.
11تنهنجي اُڏامندڙ تيرن جي روشني ڪري، ۽ تنهنجي چمڪندڙ ڀالي جي روشنيءَ تي، سج ۽ چنڊ پنهنجي جاءِ ۾ ماٺ ڪري بيٺا؛
12تون ڪاوڙ ۾ ملڪ مان لنگهي وئين، تو غصي ۾ قومن کي ڳاهي ڇڏيو.
13تون پنهنجي قوم جي نجات لاءِ، پنهنجي مسح ڪيل جي ڇوٽڪاري لاءِ آيو آهين. تو شريرن جي گهر جي ڇت ڪيرائي ڇڏي ۽ سندن بنياد بلڪل اُگهاڙا ڪري ڇڏيا.
14تو سندن ئي لٺ سان سندن بهادرن جو سر ڦوڙيو: هو مون کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واچوڙي وانگر آيا، ۽ هنن جي خواهش انهيءَ ۾ هئي تہ غريبن کي ڳجهيءَ طرح ڳهي وڃن.
15تون پنهنجن گهوڙن تي سوار ٿي، سمنڊ جي مٿان پاڻيءَ جي ڍڳ تي لنگهي وئين.
16مون ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، ۽ آواز ٻڌڻ تي منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا؛ منهنجي هڏن ۾ ساڙ گهڙي ويو، ۽ آءٌ بيٺي بيٺي ڏڪڻ لڳس: پر آءٌ صبر ۾ انهي قوم جي مصيبت جي ڏينهن جو منتظر آهيان، جي گڏجي حملو ٿا ڪن.
17ڇو جو جيتوڻيڪ انجير جو وڻ ٻور نہ ڪندو، نڪي ڊاکن ۾ ڦر ٿيندو؛ ۽ زيتون جو پورهيو بي ڦل ٿيندو، ۽ ٻنيون اَن پيدا نہ ڪنديون؛ ڌڻ واڙي کان وڍيو ويندو، ۽ ڍور وٿاڻ ۾ نہ هوندا:
18تہ بہ آءٌ خداوند جي ڪري خوشي ڪندس، آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي ڪري سرهو ٿيندس.
19يهوواہ، خداوند منهنجي طاقت آهي؛ اُهو منهنجا پير هرڻي جي پيرن جهڙا ٿو ڪري، ۽ مون کي منهنجين مٿانهين جاين تي هلائيندو.

Currently Selected:

حبقوق 3: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in