YouVersion Logo
Search Icon

راڳ 7

7
1اي شاهزادي، تنهنجا پير چاکڙين ۾ ڪهڙا نہ سهڻا ٿا لڳن! تنهنجن رانن جا سنڌ جواهرن جهڙا آهن، جي ڪنهن اُستاد ڪاريگر جي هٿن جا جُڙيل هجن.
2تنهنجو دُن گول پيالي جهڙو آهي، جنهن ۾ گڏيل شراب جي ڪمي ڪانہ هجي: تنهنجو پيٽ ڪڻڪ جي ڍڳ جهڙو آهي، جنهن جي آس پاس سوسن رکيل هجن.
3تنهنجون ٻہ ڇاتيون ٻن ٻٺڙن جهڙيون آهن، جي هڪڙي هرڻيءَ جا جاڙا ٻچا هجن.
4تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀ جهڙي آهي؛ تنهنجون اکيون حشبون جي تلائن جهڙيون آهن، جي بيت ربيم جي در وٽ آهن؛ تنهنجو نڪ لبنان جي ٺلهہ وانگر آهي، جنهن جو رخ دمشق ڏي آهي.
5تنهنجو مٿو توتي ڪرمل وانگر آهي، ۽ تنهنجي مٿي جا وار واڱڻائي رنگ جهڙا آهن؛ انهن جي زلفن ۾ بادشاهہ قيد ٿيو پيو آهي.
6اي پياري، خوشين جي ڪري تون ڪهڙي نہ خوبصورت ۽ دلپسند آهين!
7تنهنجو قد کجيءَ جي وڻ وانگر آهي، ۽ تنهنجون ڇاتيون ڊاک جي ڇڳن جهڙيون آهن.
8مون چيو تہ آءٌ انهي کجيءَ جي وڻ تي چڙهان، ۽ ان جون ٽاريون جهلي بيهان: ڀلي تہ تنهنجون ڇاتيون ڊاک جي ڇڳن جهڙيون هجن، ۽ تنهنجي پساهہ جي خوشبوءِ صوفن جهڙي آهي؛
9۽ تنهنجو وات تمام عمدي شراب جهڙو آهي، جو منهنجي محبوب جي لاءِ لسو وهندو وڃي، ۽ جيڪي سُتا پيا آهن تن جي چپن مان ترڪندو وڃي.
10آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، هن جي خواهش مون ڏانهن آهي.
11اي منهنجا محبوب، اچ تہ ٻهراڙيءَ ۾ هلون؛ ۽ ڳوٺن ۾ هلي گذاريون.
12هل تہ سوير اُٿي ڊاک جي منهہ ۾ هلون؛ ڏسون تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ان جا گل کليا آهن يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ: اُتي آءٌ توکي پنهنجي محبت ڏينديس.
13ست رنگن جي خوشبوءِ پئي اچي، ۽ اسانجن درن تي هر قسم جا قيمتي ميوا، نوان توڙي پراڻا آهن، جي اي منهنجا محبوب، مون تو لاءِ گڏ ڪري رکيا آهن.

Currently Selected:

راڳ 7: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in