راڳ 1
1
1سليمان جي راڳن جو راڳ.
2ڀلي تہ هو پنهنجي وات جي چُمين سان مون کي چُمي: ڇالاءِ جو تنهنجي محبت شراب کان بهتر آهي.
3تنهنجن تيلن جي سرهي خوشبوءِ آهي؛ تنهنجو نالو وهايل تيل وانگر آهي؛ تنهن ڪري ڪنواريون ڇوڪريون توکي پيار ٿيون ڪن.
4مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.
5اي يروشلم جون ڇوڪريون، آءٌ ڪاري آهيان، پر سهڻي آهيان، جيئن قيدار جا تنبو آهن، جيئن سليمان جا پردا آهن.
6مون ڏانهن نہ نهار، ڇالاءِ جو آءٌ سانوري آهيان؛ سج مون کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي ماءُ جا پٽ مون تي ڪاوڙيل هئا، هنن مون کي ڊاک جي منهہ جو سنڀاليندڙ ڪيو؛ پر مون پنهنجي ڊاک جو منهہ نہ سنڀاليو آهي.
7اڙي منهنجي جان جا محبوب، مون کي ٻڌاءِ تہ تون پنهنجي ڌڻ کي ڪٿي ٿو چارين، ۽ ٻہ پهرن جو آرام لاءِ ڪٿي ٿو وهارين: ڇو جو آءٌ تنهنجن سنگتين جي گلن جي ڀرسان رلندي وتان؟
8اي زالن ۾ سڀني کان حسين، جي توکي اها خبر نہ آهي تہ ڌڻ جي پيرن تي پنهنجو رستو ڏيو هلي وڃ، ۽ پنهنجن ڇيلن کي ڌنارن جي تنبن جي پاسي ۾ چار.
9اي منهنجي پياري مون، فرعون جي گاڏين جي هڪڙي گهوڙيءَ سان تنهنجي مشابهت ڪئي آهي.
10تنهنجا ڳل وارن جي زلفن سان سهڻا ٿا لڳن، ۽ تنهنجي ڳچي جواهرن جي سرن سان.
11اسين توکي سون جون زنجيرون، چانديءَ جي گلن سان جوڙي ڏينداسين.
12جيستائين بادشاهہ پنهنجي دسترخاني تي ويٺو رهيو، تيستائين منهنجي سنبل جي گل مان خوشبوءِ پئي نڪتي.
13منهنجو محبوب منهنجي لاءِ اهڙو آهي جهڙو مُر جو ڇڳو، جو منهنجن ڇاتين تي وچ ۾ پيو آهي.
14منهنجو محبوب منهنجي لاءِ اهڙو آهي، جهڙو مينديءَ جي گلن جو ڇڳو، جو عين جديءَ جي ڊاک جي باغن مان آهي.
15ڏس، اي منهنجي پياري، تون سهڻي آهين؛ تون خوبصورت آهين؛ تنهنجون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.
16ڏس، اي منهنجا محبوب، تون حسين آهين، هائو، دلپسند آهين: اسان جو پلنگ سائو آهي.
17اسان جي گهر جون ڪامون سرو جون آهن، ۽ اسانجون پٽيون صنوبر جون آهن.
Currently Selected:
راڳ 1: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.